• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يادن جا طوفان

يادن جا طوفان
غزل
وري ياد تنهنجي ءَ جا طوفان آيا
اکيڙڻ سمهيل سوچ نادان آيا
ائين جهڪ جهولا اندر ۾ به رولا
سندا بره احساس بيمان آيا
اڃا مس خيالن کي ميٽي هلياسين
ته گجگوڙ ٿي وڌ ارمان آيا
وري ذڪر تنهنجو وري ياد تنهنجي
زبان تي برملا ياد سڀ عنوان آيا
سڀ صورت سموئي رکين سين خيالن
ائين آس ۾ راس ٿي ڪي انسان آيا
يادن کي ڀيڙي ڪري ڀاڪرن ۾
وري سڪ سندا ڪي سامان آيا

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top