• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آ سکي ڪا اڃ اجهايون

اڄ هي ڪنهن گيت جي موٽ ۾ اسان جا احساس

آءُ سکي ڪا اڃ اجهايون
نرمل نرمل نينهن لڳايون
بره ڀريل ڪي ڀاڪر پنهنجا
ور ور وائيءَ کي ورنايون
تاساري تون تاسارو مان
پيار ڪري هي پياس پڄايون
هي تابش ڪين ڪي پوري ٿيندي
چپ چپن تي چاه وڌايون
مستي هستي من آ ماندو
روح رلائي راند رچايون
ڪيڏا بادل بارش ناهين
بره ڀري ڪا بين وڄايون
ڌرتي سرتي سڀ کي سڪ آ
بن بادل ڪو مينهن وسايون
پاڻيءَ سان ئي پياس هي ويندي
امرت اوت اڃارا آهيون
واهر ڪيئن نه ٿيندي ٿر تي
محبت مينهن ملهار ڪو ڳايون
تو لئه تات هي تن ۾ آهي
من کي موکي من مهڪايون
جيءُ جيارو ڏاڍو پيارو
جنبش جوت ۾ جوت جلايون
ڪوڙيءَ کي ڪڍ قرب ما قاصد
سچي سڪ ۾ چاه چوايون
پيار امر امرتا آهي
سڀ کي پيار پيغام پڄايون
دردن کان سڀ دور رهڻ لئه
ديد هي دلبر ساڻ لڳايون......جاري

رسول بخش دائود پوٽه
 
Back
Top