مون کي هيٺ ڄاڻايل سوالن جا جواب گھرجن، ڪو دوست گائيڊ ڪري ته مهرباني ـ 1 ـ فيس بوڪ تي سنڌي ٽائيپ ڪرڻ سان جيڪو فونٽ نظر اچي ٿو، سي ڪيئن تبديل ڪجي ۽ ڪهڙو سنڌي فونٽ فيس بوڪ لاءِ بھتر رهندو جڏهن ته ڪمپيوٽر ۾ ايم بي 2010 انسٽال ٿيل آهي ـ 2 ـ ونڊو 7 جي ٻيهر انسٽال ڪرڻ واري اصل سي ڊي ڪٿان ۽ ڪيتري ۾ ملندي ۽ اصل سي ڊي جي سڃاڻپ ڪھڙي آهي؟
سائين اوهان جي پهرين سوال جو جواب اهو ته اهو اسان جي اختيار ۾ نه آهي ته اهي فونٽ اسان سيٽ ڪريون. اهو اختيار صرف فيس بُڪ انتظاميه کي آهي. ڪُجهه وقت اڳ فيس بُڪ لاءِ سنڌ سلامت جي مهندار ذيشان رشيد فونٽ جو هڪ پروجيڪٽ تشڪيل ڏِنو آهي. پر بدقسمتي سان فيس بُڪ جي اپڊيٽ ۽ برائوزر جي تڪڙي اپڊيٽ کان پوءِ اهو قابلِ عمل نه رهيو. پر هاڻي به جيڪڏهن چاهيو ته گوگل ڪروم جو 32 نمبر ورجن انسٽال ڪري انهيءَ کي اپڊيٽ نه ڪريو. پوءِ اهو ڪري سگهو ٿا. اوهان جي ٻي سوال جو جواب ذيشان رشيد فاروق سومرو کي ٽيگ ڪجي ٿو.
اصل سي.ڊي جي خبر ناهي. مون وٽ به ونڊوز 7 آهي، فيبروري ۾ انسٽال ڪئي هئم، اڃا تائين صحيح پئي هلي. ۽ توهان ونڊوز انسٽال ڪري پو ان کي اپڊيٽ به ڪري سگهو ٿا.
سائين توهان جي پهرين سوال جو جواب هي آهي ته توهان ڪنهن به ويبسائيٽ جي فونٽ چينج ڪري نه ٿا سگهو اهو عمل صرف ۽ صرف اهو ڪري ٿو سگهي جنهن وٽ ويبسائيٽ ڪنٽرول سسٽم هجي توهان جي ٻئي سوال جي جواب آهي ته ونڊوز 7 جي سي ڊي جي ڪيئن خبر پوي ته اصل يا نقل آهي سائي پهرين ڳاله ته اها آهي ته ونڊوز 7 جي سڊي ڪون ايندي آهي ونڊوز 7 جي ڊي وي ڊي ايندي آهي جيڪي مارڪيٽ ۾ ونڊوز جون سيڊيو آهن اهي اصل ۾ ايڪس پي هونديو آهن جنهن تي ونڊوز 7 جي ٿيم سيٽ ٿيل هوندي آهي ونڊوز جي سرف ڊي وي ڊي ايندي آهي ۽ اسان وٽ جيڪا ونڊوز جي ڊي وي ڊي 50 کا 60 روپيه ۾ ملندي آهي اها ڪاپي ٿيل ڊي وي ڊي هوندي آهي اصل ڪاپي توهان کي گهٽ ۾ گهٽ 6000 روپيه واري ملندي ۽ ان سان گڏ توهان کي ونڊوز جي ڪي به ملندي جيڪا ونڊوز ايڪسپائر نه ٿيندي آهي