سنڌ سان مسلسل ويڌن ظلم....

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ويهي ويچار ڪريون ٿا ته اهو ڪهڙو طلسم هو ...يا اسان جي جهونن جي ڪهڙي بي ڌياني يا ڪم خيالي هئي جو انگريزن ته ٻن ملڪن تي قبضو ڪيو هو هڪ هندستان ٻيو سنڌ...انهن جي حڪومت ۾ ايترو ته اسان سان قيس ڪيو ويو جو اسان جي جوڌن ،حر مجاهدن هنن سان وڙهندي وڙهندي 3 کان 4 لک ماڻهو شهيد ٿيا جن ۾ 70 کان 80 هزار حر مجاهد هئا ايڏي ويڙه وڙهندي انگريزن کي ٽوٽا چٻائيندڙ ...پنهنجي ديس سنڌ ملڪ کان غافل رهيا ...نه هنن سان دوکو ٿيو آ دولاب ٿيو آ هنن آزادي جي جنگ کي ڪجه بيمان لياقت علي جهڙن ڪردارن يرغمال ڪري ڇڏيو ۽ اسان جا وڏڙا به هنن جي بيماني سمجهي نه سگهيا ۽ نئون وجود ۽ نئين ٻولي ۽ جن کي زمين ئي نه هئي وطن ئي نه هو تن کي حڪمران ڪري ويهي رهيا ...ها هن ۾ انگريز سامراج جو وڏو هٿ هو ۽ پنجاب سامراج ۽ ڪجه اهي هندستاني حيران ڪندڙ چال هلي اسان جي ديس جي دولهن جي دليرانه ويڙه کي پنهنجي مقصد لا تبديل ڪري ويا ۽ ٿوري عرصي واري ٻولي ۽ نئون تصور جنهن ۾ هنن جي مڪمل تحفظ هيو کي اڀاري هن ملڪ جي ماڻهن کي محڪوم بڻائي وسيلن کي ڦرڻ شروع ڪيو تان جو اڄ هي حالت آهي ....اسان جي وڏڙن سنڌ ملڪ جيڪو صدين جي سفر تي مهيت هيو کي ٿوري وقت لا ڄڻ ته وساري ويهي رهيا...انهن ۾ ڪو اهڙو پيدا ئي نه ٿيو جنهن چيو هجي ته بابا هي انگريزن سان ويڙه توهان ڪئي ،..ڪونڌر توهان ڪهايا...۽ پنهنجي ملڪ جي ڳاله ئي وسري وئي سنڌ ملڪ جي ڳاله هنن کان وسري نه هئي پر شيطان انگريز جي هي سڀ چال هئي ته جن هنن جا هتان پير اکيڙيا آهن تن کي اڃان به محڪومي جي منهن ۾ ڌڪجي ۽ پنجاب سان ساز باز ڪندي هنن لوفرن هندستانين کي پاڪستان جو تصور ڏياري سنڌ ملڪ جو وجود ئي وساروائي ڇڏيائون...ها اهو ئي سبب هو جو سوره بادشاه کي عين ان وقت گم ڪري ڇڏڻ جيڪو هڪ ليڊنگ رول ڪري رهيو هو ....وقت پلٽو کاڌو هنن جي ڪوڙي تاريخ کي اڄ هرڪو سمجهي ويو آ ۽ ڪوڙي تصور کي سڀ ڪو سمجهي ويو آ ..هنن کي سڀ کا پهرين سيد آعظم حضرت جي ايم سيد سمجهي ورتو ۽ پنهنجي قوم کي اجاگر ڪري هڪ پوري قوم تي احسان ڪري ويو جنهن جو ٿورو سنڌي ڪڏهن به لاهي نه سگهندا....پاڪستان جو تصور ڏيڻ وارا ئي اصل ۾ شاطر ۽ بيمان ۽ دوکي باز هئا جن اسان جي ماضي جي تاريخ سان مذاق ڪئي جن سنڌ جي وجود کي ڇيهو رسايو....انگريزن کان اڳ اسان جو ملڪ سنڌ هيو جنهن تي ڏه سو صدي کان نج سنڌي حڪمراني ڪندا آيا ۽ انهن کان ئي انگريزن مغلن سان گڏوگڏ حڪومتون کسيون سو جڏهن انگريز هتان وڃڻ وارا ٿيا ته هنن کي هي ٻئي ملڪ به انهن جي پهرين ترز واري جوڙجڪ تي واپس ڪرڻا هئا پر هتان جي هي شاطر جن جلدي جلدي ٻولي ٺاهي ۽ نئين طرز جو ملڪ جو وجود جنهن ما ن صرف هنن ڀنگين کي پئي فائدو رسيو ويا ڳاله کي مضبوت ڪندا ۽ نام نهاد ملڪ جو تصور جيڪو به ست اٺ سال پهرين نالو رکيو ويو جيڪو دنيا ۾ هڪ انو کو مثال آهي جيڪو ڪنهن به لحاظ کا عين فطرت نه آهي......۽ اڳتي هلي هنن ڪافرن سنڌ جو هر لحاظ سان اصتحصال ڪيو ۽ ڪندا پيا اچن ......غير فطري جوڙجڪ جنهن جو ڪو فطرت سان ۽ ماضي سان واسطو به نه آهي ۽ اهو هڪ وڏو ظلم آهي جيڪو سنڌي ماڻهو پنهنجي بي ڌياني سبب ڀوڳي رهيو آهي...هوند حصرت سائين پير صاحب پاڳاري کي گهرجي ها ته هو اڳواڻي ڪري پنهنجي اصلي حالت کي بحال ڪرائي ها پر حالتن ۾ هو به هيسيل ٿو لڳي ۽ هنن جي هٿان قيد ۾ لڳي ٿو...جيئن ڪو ننڊ ۾ هجي ائين ٿو لڳي .... پاڪستان ٺهڻ سان ۽ ان وقت سان جيڪي اره زورايون ڪيون ويو ڪجه هن ريت آهن ..
    1 سنڌ ملڪ جو نالو انڊراسٽوڊ ڪري هڪ ملڪ پاڪستان جو وجود جو تصور ڏيڻ
    2غير فطري لڏپلاڻ ڪرائڻ هندو مسلم بنياد تي
    3ڌاري ٻولي جنهن جو هن خطي سان تعلق ئي نه هو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيارڻ
    4غير فطري انهن مهاجرن مان وزير آعظم کي حڪومت ڏيارڻ بنا ڪنهن اليڪشن يا چونڊ جي
    5 اردو ٻولي جا اسڪول کولرائڻ جنهن سان هي سنڌ ملڪ هڪ نه پر ٻه ٻوليو طرف وڃي پيو جنهن جو ايندڙ وقت ۾ ايڏو نقصان ٿيندو جو ڪنهن جي تصور ۾ به نه آهي
    6سڄي آبادي سنڌ ۾ منتقل ڪرائڻ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ...ان جو سبب اهو چيو ويو ته پاڪستان جو دارلخلافه اهو شهر آهي تنهن ڪري مهاجر هندستاني اوڏاهن وڃن...۽ پو اسلام آباد هڪ پٺاڻ جي هٿان ٺهرائڻ
    7 پرائيويٽ اسڪولس جي طلسم ۾ سنڌي ٻولي کي روڪڻ ۽ بند وجهڻ ...ٻار ڇهين درجي کان آهستي آهستي انگريزي پڙهي ٿو ۽ ٻارهين درجي تان مسلسل ست سال انگريزي پڙهي ٿو ان جي باوجود اگر هن جي انگريز ڪچي آ ته لعنت آ هن جي ٻوٿ تي ...ٻيو ته ٻار پهرين بنيادي درجي ۾ پنج سال پرائمري جنهن ۾ سنڌي پڙهڻ ۾ ڀڙه ٿي ٿو ڌرتي جي ٻولي کا دورڪرڻ ...۽ بي تڪا ڪي جي ۽ نرسري جا تصور ڏيئي هتان جي سنڌي نسل کي به غير سنڌي پيا بنائين ۽ اسان جا اڪابر ائين خاموش آهن جيئن انگريزن سان ويڙه ته ڪئي پر پنهنجي ملڪ کي وساري ويهي رهيا...
    8 ڪراچي ۾ 2 ڏينهن موڪل جو تصور ...
    انتظامي طور ڪراچي کي يرغمال ڪري ٻه ڏينهن موڪل ،ڪي اي ايس سي يا ڪراچي اليڪٽرڪ جو تصور هن سنڌ ملڪ کي ٽوڙڻ جي برابر آهي ...نام نهاد ميٽروپوليٽن جو تصور ۽ شهري ٻهراڙي جو بي تڪو تصور ...ها جي وسيلن جي ۽ سهولتن جي بنياد ڏيئي هي ڪيو وڃي ها ته شايد ڪجه قدر ٺيڪ هو پر هي صرف بيماني جي بنياد تي ڪيو ويو آهي........جاري
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو