پهرين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٻي قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ٽين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو چوٿين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو پنجين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو ==================== چشمه ميرينه قلعو هي قلعو چشمه شهر ايندڙ سڀني ماڻهن کي پري کان نظر ايندو آهي. ڏينهن جي وقت پري کان نظر ايندڙ هن جا بلند مينار ۽ وري رات جو هن تي ڪيل خوبصورت لائٽنگ سان هن جو نظارو اڃان بهترين ٿيو وڃي. جڏهن ميرينه جي ٻيڙين کي ڏسڻ صبح سوير هتي آيو هوس ته بلڪل محسوس نه پئي ٿيو ته هي ڪو قلعو آهي يا جي آهي به ته ڪو پراڻو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي لال قلعه نالي هڪ هوٽل آهي (جيڪا ڪا ايڏي پراڻي عمارت ناهي) ايئن ئي پئي لڳي هي وڏي عمارت. لڳو پئي ڄڻ هاڻ ئي اها ٺاهي وئي آهي. اهو قلعو چشمه شهر جي بس ٽرمينل کان اولهه طرف لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. اسان هتان کان واپس انقره ۽ ترابزون جا سڀ روٽ ۽ ٽائم مطابق بسن جا ٽڪيٽ هٿيڪا ڪري هاڻ اهو قلعو ڏسڻ نڪتاسين. منهنجو ته اهو پاسو اڳ ئي ڏٺل هو. سؤٽ قيوم کي پهريان تڪڙ ۾ ميرينه جا ٻيڙا ڏيکاريم جتي فوٽوگرافي ڪندي وڌياسين قلعي طرف. قلعي تي پُهچندي اسان کي 6:15 ٿي ويا. پُهتاسين ته خبر پئي هتي نه رُڳو قلعو پر هڪ ننڍو عجائب گهر پڻ آهي. تنهنڪري ان جي ٽڪيٽ به آهي شايد چار ليرا (200 رُپيا). جلدي ۾ ڪائونٽر ڳوليوسين. جتي ويٺل ڇوڪري چيو، ”ٽڪيٽ ته کڻي اوهان کي ڏيان پر اوهان 15 منٽ ۾ ڪهڙو گهُمي سگهندؤ؟ بهتر آهي سُڀاڻي سوير اچو “. خوشي ٿي ته کيس ڪُجهه ڪُجهه انگريزي آئي ٿي. تڪڙ ۾ جواب ڏنم ”ڀيڻ ڳالهه ته تنهنجي سون جهڙي پر هڪ ته سڀاڻي شام جو اسان کي الاچاتي نالي هڪ ٻيو علائقو ڏسڻو آهي جنهن جي پڻ ڪافي اهميت آهي. جڏهن ته صبح جو ڪانفرنس ۾ هوندي نڪرڻ نه ٿيندو. تنهنڪري جيئن به آهي اڄ ئي ڏسبو“ مون کي لڳو ته ڇوڪري جو موڊ ناهي يا منهنجي ڳالهه مان مطمئن نه ٿي. وڌيڪ دليل ڏيڻ خاطر چيم ”اسان ترابزون کان ڪهي آيا آهيون هي تاريخي ماڳ ڏسڻ ۽ ڪو به رهجي ويو ته ڏُک ٿيندو.“ مون کي لڳو هاڻي متان ڳالهه سمجهي ۽ مڃي. ”ان ديت ڪيس يو مست ڪم تومارو ايند اسپينت مور تائمIn that case you must come tomorrow and spent more time. “ اجائي پٽاڙ ڳچي ۾ پئي جو ڇوڪري چوي پئي ته اوهان ايترو پري کان آيا آهيو ته تڪڙ ۾ ڇا ڏسندؤ. بهتر آهي سڀاڻي تسلي سان اچو. پر خير اسان به لاڙي ٻروچ هُئاسين سو تُرڪ ڇوڪري کي نيٺ مطمئن ڪري وياسين ۽ هُن ٽڪيٽ ڏيئي چيو ”آئون انتظار نه ڪنديس. ساڍا ڇهه بجي واپس اچجو“. هي قلعو اصل ۾ ته سمنڊ ڪناري سمنڊ سان لڳو لڳ ٺاهيو ويو هو پر پنج صديون گُذرڻ کان پوءِ آهستي آهستي سمنڊ لَٽي اڳيان گنجائش پئدا ڪئي وئي ۽ هن وقت هي سمنڊ کان ٿورو پاسي تي نظر اچي ٿو جنهن جي اڳيان هڪ وڏو ون وي روڊ پڻ آهي. تُرڪي جي موجوده سرحدن تي رومين کان پوءِ سلطنتِ عُثماني وارا آيا هُئا تنهنڪري اڄ به ڪن شين تي رومين جي دعوى آهي ته اهي اسان جو هُيون پر سُلطانن قبضو ڪري انهن کي نه رُڳو پنهنجي ملڪيت قرار ڏِنو پر اها به دعوى ڪري ويٺا ته هي ٺاهي ئي اسان آهي. ايئن ئي هن قلعي بابت به چيو وڃي ٿو. پر هن قلعي لاءِ نه رُڳو آرڪيالاجي وارن اهو ثابت ڪيو آهي ته هي 1508ع کان پوءِ جو آهي (جڏهن ان وقت هتي رومين جو ڪو عمل دخل نه رهيو هو) پر اهو به آهي ته هن جي بناوت سُلطانن جي ٺهرايل ٻين قلعن جهڙي آهي جن ۾ ٻنهي طرفن کان وڏا مينار ۽ انهن تائين پُهچڻ لاءِ سلوپ وارا رستا ٺهيل هوندا آهن. جيئن ٻين قلعن تي رومين جي دعوى ناهي تيئن هن تي به نه هُجڻ کپي.اهو به آهي ته سترهين صدي ۾ هن کي هڪ جنگ ۾ ڪافي نقصان پُهتو ۽ ان جي ٻيهر تعمير ٿي. تنهنڪري جيڪڏهن ايئن سمجهجي ته اصل قلعي ۾ ڦير گهير (الٽريشن) ڪئي وئي هُجي ته به مُشڪل ٿو لڳي. ڇو ته انهيءَ لاءِ به سڄي قلعي کي ٻيهر ٺاهڻو پوي ها. اصل ۾ تُرڪن جي دعوى آهي ته اهو قلعو سُلطانن مان هڪ سُلطان بايزيد (II) ٺهرايو. جنهن کي سلطنت جو والي تڏهن مقرر ڪيو ويو جڏهن سلطنت جو ٽيون دؤر هو. پهريون دؤر 1299ع کان اڳ جو جڏهن سلطنت جي پهرين والي عُثمان جي والد “ارطغرل غازي”اهو نظام آڻڻ لاءِ ڪوشش ورتي ۽ سندس پُٽ سُلطان باقاعده انهيءَ جو بُنياد رکيو 1299ع ۾. ان کان پوءِ ٻيو دؤر شروع ٿيو جيڪو 1402ع تائين ليکيو وڃي ٿو جنهن ۾ سلطنت جو عروج آيو ۽ زور پڪڙيائين. ٽيون دؤر هو سلطنت جي پکيڙ جو جيڪو 1699ع تائين هليو جنهن کان پوءِ هڪ تسلسل قائم رهيو. ٽين دؤر جو ٻيو والي بايزيد (1481 کان 1512 تائين) هو جنهن کي ڪافي معاملا اڳ ئي سِڌا ٿيل مليا هئا. هونئن ته لڳ ڀڳ سڀني سُلطانن جي سڄي عُمر وڙهڻ ۽ مقبوض علائقا فتح ڪرائڻ ۾ گُذري ۽ ٻين علائقن تي قبضو ڪري پنهنجي هٿ ڪرڻ به سندن هڪ مقصد هو. پر هي سُلطان ٻين کان ڪنهن قدر مختلف هو. هن جي هڪ طرف اها ڪوشش هُئي ته ترقي وٺرائجي ۽ امن امان سان رهجي ته ٻي طرف سڀن سان هڪ جهڙو رويو پڻ رکجي. شايد هڪ اهو سبب به آهي ته هي قلعو گهڻو وقت وڙهڻ بجاءِ سمنڊ ڪناري کاڌي ۽ ٻي سامان جي محفوظ ذخيري ڪرڻ طور ئي ڪم آيو. هن سلطان جو هڪ نمايان ڪارنامو هو 1492ع ۾ اندلس مان تڙيل مسلمانن ۽ يهودين کي پناهه ڏيڻ جو. هن فوري طور پنهنجي بحري فوج موڪلي کين هتي گهُرايو هو. توڙي جو يورپ پاسي هن جي زيرِ اثر علائقي واسين يهودين کي منهن نه ٿي ڏنو پر هن سختي سان چيو ته ڪير به هُجي ڪهڙو به مذهب هُجيس ساڻس سُٺو سلوڪ ڪريو اهي اسان جا مهمان آهن. هن اهو قلعو ڇو ٺهرايو انهيءَ جا ڪي وڏا ثبوت ته نه ٿا ملن پر هن جي وڏي ڪوشش هُئي ته بحرِ روم(ڀؤنچ سمنڊ) جي ڪناري جا ڪُجهه اوڀر وارا علائقا آجا ڪجن تنهنڪري هن جي زيرِ اثر اهو قلعو سندس بحري فوج لاءِ هڪ سُٺو ٺڪاڻو ٿي پئي سگهيو. شايد اهوئي وڏو سبب هو هي قلعو تعمير ڪرائڻ جو. پر اڄ جڏهن قلعو ڏسڻ وڃ ته قلعي جي تعمير ڪرائيندڙ بجاءِ هتي هڪ ٻي همراهه الجزائري غازي حسن پاشا جو بُت هڪ شينهن سان گڏ بيٺل ملي ٿو. اهو همراهه هڪ تُرڪ پاران جيارجيا جي جنگي قيدي طور ورتو ويو جنهن کي وٺي وڃي هن پنهنجي پُٽ جيان پاليو. اوهان کي هتي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته ترابزون کان ويجهو هاڻوڪو جيارجيا ڪنهن وقت تُرڪي سان گڏ هو ۽ موجوده صدر رجب طيب ادرگان پڻ اصل جيارجيا جو آهي جنهن جا مائٽ پوءِ ترابزون لڳ شهر رزي ۾ آيا. رجب طيب اڄ به پنهنجي اصليت جيارجين ٻُڌائي ٿو. جيارجيا هن وقت روس ۽ تُرڪي وچ ۾ بحرِ اسود ڪناري هڪ الڳ مُلڪ طور موجود آهي. غازي الجزائري جنهن سُلطانن جي روس سان ٿيل تاريخي جنگ ۾ هي شهر چشمه قبضي هيٺ اچڻ کان بچايو هو. تنهن سُلطانن کي روسين جي طاقتور هُجڻ ۽ حملي آورن جي ويجهي پُهچڻ جي ڏُکائتي خبر به ڏني جن جو بحرِ اسود تي اڳ ئي ڪنٽرول هو پر هاڻ ايجين سمنڊ تائين به رسائي حاصل ڪري ورتي هُئي. پر گڏ اهو به ٻُڌايائين ته هن پنهنجو علائقو (جتي هن وقت اسان بيٺا هُئاسين) اهو بچائي ورتو آهي. کيس انهيءَ تي ڪافي شاباسي ملي ۽ کيس وزير به مقرر ڪيو ويو. قلعي ۾ جيڪو عجائب گهر آهي انهيءَ ۾ پڻ ان جنگ جا استعمال ٿيل هٿيار رکيا ويا آهن جيڪي شايد دير سان هٿ آيا يا کنيا ويا جو اڄ به اهي ڏسي ايئن لڳي ٿو ڄڻ هاڻي مٽي مان ڪڍي رکيا ويا آهن. اهو هڪ عجيب اتفاق هو ته الجزائري هو ته تُرڪي جي اُتر اوڀر پاسي جو جتي اسان رهون پيا پر وڃي رهيو توڙي وڙهيو انهيءَ پاسي جتي اسان انهيءَ وقت گهُمڻ ڦرڻ جي خيال سان اچي نڪتا هُئاسين. گهڻي تُرڪي نه ٿي آئي نه ته جيڪر اُتي جي رهواسين کي ٻُڌائجي ها ته اوهان جو هي تر اسان جي ڳوٺائي الجزائري بچايو هو. روس سان اها جنگ 1768 کان 1774 تائين هلي جنهن ۾ يورپ پاسي جي ماڻهن جو هِنن سان ساٿ هو جڏهن ته هاڻوڪي يوڪرين به تُرڪن جي مدد ٿي ڪئي. روسين سان وري برطانيه جو ساٿ هو پر اڳتي هلي روس کي پاڻ ڀرو ٿيندي برطانيه به هٿ ڪڍيا جنهن اڳ ۾ روس کي تُرڪن خلاف جنگ ۾ ساٿ ٿي ڏنو ڇو ته کين پنهنجي فوج مظبوط ڪرڻ لاءِ روس سان تجارتي رابطا صحيح رکڻ جي لالچ هُئي. ايئن ٿو لڳي ته انگريز اسان تي راڄ ڪرڻ کان صديون اڳ کان منصوبه بندي پئي ڪئي. بهرحال اڳتي هلي ڪُجهه سُلطانن جي مُڙسي ته ڪُجهه وري روسين جي سُستي هن جنگ جو بنا نتيجي خاتمو آندو ۽ امن معاهدو ٿيو. اسان هن قلعي جي اندر موجود انهيءَ جنگ جا باقيات ڏسندي اڳتي وڌياسين ۽ مٿي هلندا رهياسين. نيٺ وڃي قلعي جي ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل مينارن جي چوٽي تي پُهتاسين جيڪي هن قوم کي اڄ به ڳاٽ اوچو ڪري شاهدي ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته هي قلعو سندن ئي وڏن ٺهرايو هو ۽ امن جي نشاني آهي. انهن مينارن تان بيهي شهر جو منظر ڏسڻ جو مزو بيان کان ٻاهر آهي. خاص ڪري چشمه مرينه جو ٻيڙين کي هتان بيهي ڏسڻ جو مزو ئي پنهنجو هو. هڪ پاسي اوچا جبل ٻي پاسي سمنڊ ۽ انهن وچ ۾ ٻيڙين جو ايئن ترتيب سان بيٺل هُجڻ . . . . . . .ڇا ته منظر هُئا. ٿڌي هوا ۽ نظارن جو مزو وٺندي خبر ئي نه پئي ته ٽائم ڪٿي پُهتو. واپس هيٺ آياسين ته ست ٿي ويا هُئا. اندازو هو ته ڪيو غلط اٿئون پر ان جي خبر تڏهن پئي جڏهن هڪ ئي وڏي دروازي کي هڪ وڏو ۽ اصلوڪي زماني جو تالو لڳل هو. ٿيڻ ته ايئن گهُربو هو ته پريشاني ٿئي ها (جيڪا ٿي به) پر کِل تڏهن نڪري وئي جڏهن سؤٽ قيوم چيلهه تي هٿ رکندي چيو ”يار قلعي جو ديوارون ته اِلاهي وڏيون آهن“ مطلب ته کيس فوري حل اهو ئي سُجهيو ته ڀت ٽپي ٻاهر نڪرجي. بهرحال اها پريشاني ڪو گهڻو وقت نه هلي. ڇو ته پريشاني تڏهن ٿئي ها جڏهن تالو ٻاهران لڳل هُجي ها. تالو اندر لڳل هو ته مطلب ته ڪو اندر آهي اُهو به ”ڀت ٽپي ٻاهر نه ويو هوندو“ قلعي جي هڪ سائيڊ تي ويٺل هڪ گارڊ اچي دروازو کولي ڏنو. سندس طنزيه مسڪراهٽ اسان جي پريشان چهرن تي اجائي نه هُئي. ٻاهر اچي اسان اڃان اڳتي وڌياسين سمنڊ ڪناري طرف جتي ويهي سج لهڻ جو منظر ڏسڻو هو. سمنڊ تي سج لهڻ جو منظر ڏسڻ جو اهو پهريون تجربو نه هو پر هن سمنڊ تي اهو ڏسڻ جي هڪ خاص وجه هُئي. اهو سمنڊ جيڪو يونان ۽ تُرڪي جي وچ ۾ آهي ۽ انهيءَ کي ايجين سمنڊ چون ٿا. انهيءَ سمنڊ تان ئي بحري فوجون موڪلي سُلطانن يورپ جا علائقا فتح ڪيا ۽ اهو ئي سمنڊ هن کان اڳ هتي موجوده تُرڪي تي يونانين ۽ رومين جي اچڻ جو رستو هو. جن پنهنجي پنهنجي سلطنتن جي دؤر ۾ هتي حڪومتون ڪيون ۽ پنهنجا راڄ ڪيا. سمنڊ جي ڇولين ۾ ڏسندي تاريخ ياد ڪندي هڪ سحر طاري ٿي ويو هو. سج هيٺ هيٺ ۽ گهڻو هيٺ ٿي سمنڊ ۾ لڪي ويو. . . . .ايئن جيئن يونانين، رومين ۽ تُرڪن جي سلطنت جا سج لهي ويا. سندن مقبوض علائقا تُرڪي جيان آزاد مُلڪ طور دُنيا جي نقشي تي اچي ويا. اڄ هرڪو پنهنجي گهر خوش آهي جيئن اسان به واپس هوٽل جو رُخ رکيو ته ماني کائي آرام ڪري صبح خوشي خوشي نئين ڏينهن جو آغاز ڪريون. جاري آهي . . .ستين قسط پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو سؤٽ قيوم ٻيڙين ۽ قلعي جي بئڪ گرائونڊ سان چشمه ميرينه جو روشني ۾ نظارو اهو قلعو جنهن ۾ عجائب گهر پڻ آهي قلعي ۾ پيل ان دؤر جا هٿيار مٽي مان ڪڍيل سامان. ان دؤر جا گولا قلعي ۾ به ساوڪ نظر آئي. پريان چشمه ميرينه جا ٻيڙا قلعي جي مينارن ڏانهن ويندڙ چڙهائي وارو رستو هڪ مينار کان ٻي طرف جو رستو مينارن تي ويهي ڏاڍو مزو آيو مينارن تان ميرينه جو منظر قلعي ۾ رنگ برنگي بي ترتيب پٿرن سان ٺاهيل سڌي ڀِت پُراڻو پاڙيسري الجزائري غازي حسن پاشا جو مجسمو ايجين سمنڊ مان هڪ ٻيڙو نڪرڻ لاءِ تيار ايجين سمنڊ ڪناري لهندڙ سج جو منظر