• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي جا رنگ.

سليم رند

سينيئر رڪن
زندگي جا به عجب رنگ آهن
ڪڏهن ڪڏهن سڀ ڪجه هوندي به زندگي
اڻپورو ۽ اڌورو لڳندو آهي
۽ ڪڏهن ڪجه ڪون هوندي به زندگي
بهار جئيان لڳندو آهي ،
خبر ناهي ڇو!
زندگي ۾ اهڙا لمحه به آيا جو
جنهن گلاس ۾ پاڻي پئيڻ لاء ملندي هئي
سو گلاس به پنهنجي ذاتي نه هئي
شايد ڪنهن جي ڏنل گلاس هئي
تڏهن به زندگي ۾ سڪون هو
شايد پيار هو ؟
اڄ شيشي جي جي گلاس ٽيبل تي رکيل آهي
ٿڌي پاڻي پڻ ميسر
آهي پر!
سڪون ۽ مزو نه آهي زندگي ۾
خبرناهي ڇو!
شايد پيار ناهي
ڪوپنهنجو يار ڪانهي
وڏي ڳاله پيارا جو زندگي تي اعتبار ناهي!!!
(وفا سليم رند)
 
Back
Top