گڏهه جي ڳالهه

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    گڏهه نامو
    ’’’’’’’’’’’’’’’

    (معزز گڏهه سان ملاقات واري ڪالم ــ ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن پسند ڪيو، تڏهن دل ۾ خيال آيو ته ڇونه انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائجي ، سو اڄ گڏهه نامو حاضر آهي. ايندڙ ڪالمن ۾ ڪڏهن ”دل جي ڳالهه“ هوندي ته ڪڏهن وري ”گڏهه جي ڳالهه“)

    گڏهه جي ڳالهه
    زيب سنڌي
    ”تون ته صفا ڪو گڏهه آهين!“ عام طور تي اهو جملو ناراضگيءَ واري حالت ۾ دڙڪي طور استعمال ٿيندو آهي ۽ اهڙا دڙڪا نڪمي ماڻهوءَ جو نصيب هوندا آهن! گهڻو ڪري اهڙو دڙڪو اسان جي سماج ۾ پيءُ نڪمي پُٽ کي ، استاد نڪمي شاگرد کي ، مِستري نڪمي ڇوٽوءَ کي ، ڊرائيور نڪمي ڪنڊيڪٽر کي ۽ مالڪ نڪمي نوڪر کي ڏيندو آهي ، پر اڃا به وڌيڪ عام طور تي اهو دڙڪو زال پنهنجي نڪمي مڙس کي ڏيندي آهي! حقيقت ۾ اهو ظلم آهي. اهو ظلم پُٽ ، شاگرد ، ڇوٽوءَ ، ڪنڊيڪٽر ، نوڪر توڙي مڙس سان ته آهي ئي ، پر وڏو ظلم گڏهه سان آهي ڇوته گڏهه ته نڪمو آهي ئي ڪونه! گڏهه ته انتهائي محنتي ۽ جفاڪش جانور آهي. اسان هر نڪمي ماڻهوءَ کي گڏهه چئي جنم جنم کان ”گڏهيت“ جي توهين ڪندا رهيا آهيون.
    گڏهه بنيادي طور تي بارُ ڍوئيندڙ جانور آهي ۽ صبر سان موچڙا کائيندڙ جانور به آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو هڪڙو قيمتي ڏينهن سيڙائي ، اُهو ڏينهن گڏهه سان گـُذاري ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته گڏهه گاهه گهٽ ۽ موچڙا وڌيڪ کائيندو آهي. ڌڪُ ، چنبو ۽ لٺ ته گڏهه جي قسمت ۾ لکيل آهي. تاريخ جي هر دور ۾ گڏهه سان اِها ويڌن ٿيندي رهي آهي. تاريخ جا ورق ورائڻ سان خبر پئي ٿي ته گڏهه بار ڍوئڻ کان سواءِ سواري ڪرڻ جي ڪم به ايندو رهيو آهي. جڏهن موٽر ڪارون ۽ موٽر سائڪلون اڃا ايجاد نه ٿيون هيون ته امير ماڻهن لاءِ گهوڙي گاڏي ڪار جو درجو رکندي هئي ۽ وچولي طبقي جي ماڻهوءَ لاءِ گڏهه موٽر سائيڪل برابر هو. باقي غريب ماڻهوءَ لاءِ ته سفر جو وسيلو تاريخ جي هر دور کان اڄ ڏينهن تائين ”گوڏي گاڏي“ ئي رهيو آهي. تاريخ جا وڌيڪ ورق ورائڻ سان اڃا به وڌيڪ خبر پئي ٿي ته آڳاٽي ماضيءَ ۾ ماڻهن گڏهه کان جهاز جو ڪم به ورتو هو! توهان چپن تي هٿ رکي کِـلو نه ، مهرباني ڪري گڏهه نامي تي غور ڪيو. توهان گڏهه کان جهاز جو ڪم وٺڻ واري ڳالهه تي کِليا انڪري جو گڏهه کي پَـرَ ناهن! ته ڇا پاڻيءَ واري جهاز کي پَـرَ هوندا آهن؟ جيئن پاڻيءَ وارو جهاز آهستي آهستي هلندو يعني ترندو رهندو آهي ۽ ڪيترن ڏينهن يا هفتن کان پوءِ وڃي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچندو آهي، تيئن ماضيءَ جي ڪيترن مسافرن ۽ سياحن کي به گڏهه هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين پهچائيندو رهيو هو. ثابت ٿيو ته تاريخ جي ورقن ۾ گڏهه سياحن جو ساٿي رهيو آهي ۽ آڳاٽن سفرنامن جا ورق ورائڻ سان ، سڄي شهرت مارڪوپولو جهڙن سياحن کي ملندي رهي آهي ۽ گڏهه کي فقط مارَ ملندي رهي آهي، جو سندس کـُرن ۾ موجود قسمت جون ريکائون سدائين خراب ئي رهيون آهن!
    گڏهه جي قسمت ڀل کڻي خراب هجي ، پر هي نهايت قيمتي جانور آهي. سنڌ جي هڪ شهر ۾ هر سال گڏهن جي منڊي لڳندي آهي ، جتي گڏهه لکـين رپين جي قيمت ۾ وڪامندا آهن. منڊيءَ ۾ ڪجهه گڏهن جي قيمت ڪنهن ڪار جيتري به لڳندي آهي. هونءَ به جيئن ٿر، چولستان ۽ ڪوهستان ۾ جيپن جي ريس ٿيندي آهي ، تيئن ڪيترن شهرن ۾ ڪارن جي ريس به ٿيندي آهي ته اڄ تائين گڏهن جي ريس به ٿيندي آهي. جيپن ۽ ڪارن جي ريس جيان گڏهن جي ريس تي به لکين رپيا داوَ تي لڳايا ويندا آهن. ثابت ٿيو ته جديد دور ۾ به گڏهه جي اهميت گهٽ نه ٿي سگهي آهي ۽ هي هڪ قيمتي جانور آهي.
    گڏهه کي عام طور تي بدصورت سمجهيو وڃي ٿو، پر کيس بدصورت سمجهڻ اسان جي غلطي آهي ، نه ته ”دل لگي کوتِي سي تو پري ڪيا چيز هي!“ جهڙو محاورو اسان جي انساني سماج ۾ رائج نه هجي ها. ثابت ٿيو ته گڏهه هرو ڀرو بدصورت ناهي ، بس اَکِ اَکِ جو ڦير آهي. گڏهه کي بي عقل به سمجهيو وڃي ٿو، پر شايد اها به اسان جي غلطي آهي. ڪنهن گڏهه طرف ڌيان ڏيڻ سان پتو پئي ٿو ته، گڏهه لڳاتار ڪنهن غور ۽ فڪر ۾ گم آهي. گڏهه جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ گڏه سان گفتگو جي ضرورت آهي.
    گڏهه جي عقل ۽ دانشمنديءَ طرف به تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. گڏهه جي عقل ۽ سندس دانشمندي جي ثابتي چين ملڪ جي هڪ آکاڻيءَ ۾ ملي ٿي. اُها آکاڻي ڪجهه هيئن آهي ته هڪ دفعي بادشاهه سلامت پنهنجي درٻارين سان گڏ سفر تي نڪتو. رستي ۾ هڪ هاريءَ بادشاهه کي چيو ته بارش پوندي، توهان پنهنجو سفر جاري نه رکو. بادشاهه هاريءَ جي ڳالهه تي کِـِليو ، ڇوته سندس درٻارين موسم جو حال سمجهڻ کان پوءِ سفر جو سانباهو ڪيو هو. بادشاه سلامت سفر جاري رکيو ، پر ڪجهه وقت کان پوءِ تيز بارش شروع ٿي وئي. بادشاه سلامت موسم جي حال تي نظر رکندڙ درٻارين کي سيکت ڏني ۽ هاريءَ کي پاڻ وٽ گـُهرائي کيس درٻار ۾ عهدوآڇيو. هاريءَ عهدو قبولڻ کان انڪار ڪندي چيو ته موسم جي انهيءَ اڳڪٿيءَ ۾ سندس ڪوبه ڪمال ناهي ، پر مان ته پنهنجي گڏهه جا ڪَنَ ڏسي موسم جو حال معلوم ڪري وٺندو آهيان. جيڪڏهن گڏهه جا ڪَنَ هيٺ هوندا آهن ته بارش پوندي آهي. اهو ٻُڌي بادشاه انهيءَ گڏهه کي پنهنجي درٻار ۾ اهم عهدو ڏئي ڇڏيو!
    چين کان جپان ۽ يورپ تائين گهوڙو ته چترڪارن جو اهم موضوع رهيو آهي ، پر گڏهه کي نه چترڪارن اهميت ڏني آهي ۽ نه ئي اديبن ۽ دانشورن. اِهو ئي سبب آهي ته ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ گڏهه جو ذڪر تمام گهٽ ملي ٿو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گڏهه تي هڪ ننڍڙو ڪتابڙو لکيو هو، جڏهن ته گڏهه کي حقيقي قدران هند ۾ ڪرشن چندر مليو، جنهن ”هڪ گڏهه جي آتم ڪٿا“ لکي نه فقط گڏهه کي، پرپاڻ کي به امر ڪري ڇڏيو.
    گڏهه کي عام طور تي گڏهه يا کوتو چيو وڃي ٿو، پر نسلي حوالي سان گڏهه جا ڪيترائي نالا آهن . اهڙن ڪجهه نالن منجهان ڪي نسلي نالا ڪجهه ذاتين جي پٺيان آهن ، جنهن ڪري پاڻ هتي انهن جو ذڪر نه ٿا ڪريون ، جو اسان اڳي ئي ذات پات ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ عالمي رڪارڊ ٺاهي چڪا آهيون. نسلي حوالي سان گڏهه جا ڪي نالا وري ملڪن جي پٺيان به آهن ، جن جو ذڪر ڪري اسان ٽين عالمي جنگ جو خطرو به پيدا نٿا ڪرڻ چاهيون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا گڏهه جي ڳالهه ڪرڻ منع آهي
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    گڏهه جي معاشري ۾ اهميت تي سندس بهترين ڀيٽا... واقعي گڏهه غريب طبقي جي لا روزگار جي حاصل جو بهترين وسيلو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو