پهرين منصوبا بندي پوءِ انقلاب يا تبديلي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    پهرين منصوبا بندي پوءِ انقلاب يا تبديلي

    اسلام آباد ۾ ڌرڻا، ڌرڻا راند جو مقد بظاهر ته ملڪ ۾ انقلاب ۽ تبديلي آهي. پر ڇا ايئن ناچ گانا ڪري سياسي جلسن کي ايئن ميوزيڪل ڪنسرٽ ۾ تبديل ڪرڻ، پاڻ هڪ ڏينهن هڪڙو بيان ۽ ٻئي ڏينهن ان بيان جي معنيٰ ئي بدلائي ڇڏڻ. پنهنجي چيل ڳالهه تان ڦري وڃڻ وري فيملين جو خيال نه رکندي اڻ ڍنگي ٻولي جو استعمال ڪرڻ يا ڪينٽينر تي بيهي ڪري ايڪشن هڻي تصويرون ڪڍرائڻ ۽ اُتي بيهي ڪري ڪري خطاب جي نالي تي ٻين تي گند ڦٽو ڪرڻ سان ڇا تبديلي ايندي آهي؟ جيڪڏهن ايئن تبديلي ايندي آهي ته پوءِ هو تبديلي به اهڙي هوندي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ پاران اسلام آباد جهڙي پر سڪون شهر جو سڪون ڦٽائي آزادي ۽ انقلاب جي نالي سان شروع ڪيل مارچ جو آخر نتيجو ڇا نڪرندو؟ ٻنهي ڌرين جا مطالبا صرف مرڪزي ڪرسي جي لاءِ آهن باقي عوام جي لاءِ ڪير ڪيترو سوچي ٿو اُها توهان ۽ اسان کان لڪل نه آهي. اتي آئون تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي مخاطب ڪندي ڳالهه چوندس ته تبديلي جي نعري/ ۽ نظريي تحت عمران خان جيتري عوامي محبت ۽ مقبوليت ماڻي هئي.اها پهرين شهيد ڀٽو کان علاوه شايد ڪنهن به سياستدان جي حصي ۾ نه آئي. پر خان صاحب جو هن ڌرڻي کانپوءِ سياسي گراف ڪري پيو. ان پنهنجي ٿوري عرصي ۾ ٺاهيل پنهنجي ايتري وڏي اهميت ۽ عزت ڪجهه ڏينهن ۾ ئي وڃائي ڇڏي. ڪپتان ۾ اسان ڪجهه ڏينهن پهرين تائين ته ملڪ دوست وارو ڪڻو سمجهو هو. پر انهن ڌرڻن کانپوءِ خان صاحب جي به پردي پٺيان لڪل تصوير سامهون اچي وئي. اهو به روايتي سياستدانن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجن ئي ڪيل بيانن تان ڦرڻ لڳو. ڪنهن مهل ڪنهن تي الزام ته ڪنهن مهل ڪنهن تي الزام هڻڻ هڪ واضح مثال آهي. خان صاحب ٻٽي پاليسي هلائيندي افتخار محمد چوڌري تي بي بنياد الزام هنيا. جڏهن نوٽيس ورتو ويو. ته معافي وٺي جان ڇڏائڻ، هڪڙي پاسي عمران خان 24 ڪلاڪن ۽ وري ٻئي پاسي ڊاڪٽر طاهر القادري هر ٻئي ڏينهن 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي عوام کي پر جوش تقريرون ٻڌائي وري به ٻئي ڏينهن تي ساڳئي نموني 24/48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيڻ اهڙن اڳواڻن سان ايندو انقلاب/ يا وري تبديلي جيڪي پاڻ ئي منڌا پيا هجن جن کي پاڻ کي ئي خبر ڪونهي ته ڪرڻو ڇا آهي، ڪنهن مهل سول نافرماني جي ڳالهه پئي ٿي ته ڪنهن مهل شلوار ”پُسي“ وڃڻ جي پئي. ڳالهه ٿئي ته ڪنهن مهل حڪمرانن کي نه مڃايو نه ڊيڄاريو پيو وڃي. شيخ رشيد تازو خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن مونکي عمران خان چئي ته مان ٻن ڏينهن ۾ نواز شريف کان استعيفيٰ وٺي توهان جي سامون کڻي اچان. شيخ صاحب جيڪڏهن ميان صاحب کان استعيفيٰ وٺڻ ايترو آسان آهي ته پوءِ وارو ڪيو ته /هي پوءِ ايترن ڏينهن کان پاڻ ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي خوار ڇو پي ٿا ڪريو .خان صاحب جو به ته ڪانٽو نواز شريف جي استعيفيٰ تي ئي ته اٽڪيل آهي نه. پر الائي ڇو ايترو ڊگهو ڊرامو، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اهو ڊگهو اسڪرپٽ آسمان تي لکيو ويو آهي مطلب ته اڃا به آخري قسط ۾ وقت لڳندو. خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ هوڏانهن وري حڪومت طاهر القادري جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو/ ۽ ٻئي پاسي ڊاڪٽر صاحب ڳالهيون ختم ڪندي چيو آهي ته اعليٰ عملدار مون وٽ اچڻ جي زحمت نه ڪن. ڏسجي ته سرڪار ملڪ مان ڌرڻا ختم ڪرائڻ بجاءِ پاڻ ڌرڻا هڻائي پئي. مسلم ليگ سرڪار جي اها ئي وائڙائپ بي وقوفي آهي. غلطي فيصلا ڪري پنهنجي لاءِ ڪئي ڏکيائون پيدا ڪيون آهن. جيڪڏهن حڪومت عقلمندي ۽ دانائي جو مظاهرو ڪندي شهباز شريف کي هٽائي ڇڏي ته شايد سڄو تماشو ئي ختم ٿي وڃي ۽ ميان صاحب تان خان صاحب جو دٻاءُ به گهٽ ٿي سگهي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان حڪومت کي به ڪافي اخلاقي سرسي ملندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته طاهر القادري ۽ عمران خان پوءِ پنهنجن فيصلن ۾ لچڪ ظاهر ڪن پر ان جي لاءِ موجوده حڪومت کي ڪردار ادا ڪرڻ کپندو.
    نه ته الطاف ڀائي ته ايئن چئي پيو ته مونکي ته ملڪ اندر خونريزي نظر اچي رهي آهي. ها اهو سچ به آهي ته سائين بي وقوف اڳواڻن جي پويان هميشه غريب عوام جو ئي ته نقصان ٿيندو آهي ڀلي کڻي عوام فيملين سميت انهن پٺيان ننڊون ڦٽائن کڻي ڌرڻاهڻي دربدر ٿي ڪري پنهنجو پاڻ مارائين پر فائدو انهن کي ڪڏهن به ناهي ملندو. اُهي ئي ساڳيا ليڊر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ انهن غريبن کي سڃاڻيندا ئي ڪو نه آهن. هڪ ڊگهي آمريتي دور کان پوءِ ملڪ کي جمهوري دور نصيب ٿيو آهي. جنهن کي قائم رکڻ لاءِ رتو ڇاڻ نه پر جمهوري ماحول جي سخت گهرج آهي. پر جيڪڏهن جمهوريت جون حامي قوتون بنهه غير جمهوري روين جي ور چڙهيل رهيون ته پوءِ انهيءَ جو فائدو اهي ئي قوتون کڻنديون جيڪي ملڪ ۽ جمهوريت خلاف سدائين سازشون ڪنديون رهيون آهن. تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سان گڏوگڏ اسانجي موجوده حڪومت کي اهو پڻ ڏسڻ گهرجي ته اسان جي ملڪ جي معاشي حالت ايتري مضبوط ڪونهي جو ملڪ ڌرڻن جي سياست سبب وڌيڪ معاشي نقصان برداشت ڪري. ملڪ ۾ سياسي مسئلن جي حل لاءِ سياسي جلسن، جلوسن کي پاسي تي رکي ڪري ڳالهين جي ميز تي اچي معاملن کي نبيريو وڃي. هڪ سٺي منصوبا بندي کانسواءِ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تمام مشڪل بلڪه ناممڪن آهي. ڪميٽيڊ نظرياتي قيادت، اسٽيبلشمينٽ جي ڏاڍ کي ڏارڻ لاءِ باقاعدي نظرياتي جدوجهد جو سچو بنياد وڌو وڃي. اسلام، قانون ۽ پاڪستان جي آئين جي مطابق حڪومت هلائڻ گهرجي. جيڪڏهن نواز شريف قانون جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ حڪومت کي ماڊل ٽائون سانحي جي شهيد جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي به اجازت ڏيڻ کپي. مڙني جماعتن کي جمهوريت جي بقا لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.، هن بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ترت رستو ڪڍڻ تمام ضروري آهي. ٻي صورت ۾ نه ملڪ جا جمهوري ادارا رهندا ۽ نه ئي اهي جمهوري قوتون ٻيهر جمهوريت جو حصو ٿي سگهنديون. اسانجو ملڪ ڪمزور جمهوريت مان گذري رهيو آهي. ان ڪمزوري کي طاقت ۾ بدلائڻ لاءِ به جمهوري نطام جي گهرج آهي. ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي ته جڏهن اسانجون سياسي ڌريون پنهنجا اتي مفاد ۽ دشمنيون پٺتيءَ ڪري اسلامي قانون ۽ پاڪستاني آئين جي مطابق حڪومت ڪن ۽ جمهوريت جون محافظ ٿين . انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته پهرين منصوبا بندي پوءِ ايندو انقلاب يا تبديلي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو