اسڪرپٽ ڪيترو پراڻو آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    اسڪرپٽ ڪيترو پراڻو آهي ؟
    ماروي سرمد
    مسلم ليگ نواز جو سياسي ماضي اصولن ۽ اخلاقيات کان عاري رهيو آهي، اسان جي ذهنن ۾ نواز شريف جو تصور هڪ آمر جي بااعتماد ماڻهوءَ طور آهي، جيڪو اڳتي هلي فقط پيپلز پارٽيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي تقريبن سمورين پارٽين سان اتحاد ٺاهڻ لاءِ ” آءِ ايس آءِ جي ڪجهه فردن “ سان گڏ جي ڪم ڪرڻ سبب وائکو ٿي ويو، ( مهراڻ بينڪ اسڪينڊل هڪ مشهور ڪهاڻي آهي ) ان کان پوءِ حديبيه مل ڪرپشن ڪيس جو حوالو به ڏئي سگهجي ٿو، 1990ع جي ڏهاڪي واري سياست ۾ مسلم ليگ نه رڳو پ پ حڪومتون هٽائڻ لاءِ سرگرم نظر ايندي پر ان جي اڳواڻن خلاف بدعنوانين جا ڪيس داخل ڪندي پڻ جيڪا ڳالهه اڳتي هلي 2005 ۾ تڏهوڪي دفاع واري وزير پڻ تسليم ڪئي، ايئن به نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو پ پ ڪڏهن به ڪرپشن ۾ ملوث نه رهي آهي، پ پ جي گذريل سرڪار کان به گهڻو وقت اڳ اسان کي مسلم ليگ نواز عوامي ريلين ۾ محترمه بينظير ڀٽو خلاف گندي زبان استعمال ڪندي به نظر ايندي، گهڻو پري ڇو وڃجي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي سرعام ڦاهيءَ ٽنگڻ ۽ گِهلڻ جي ڳالهه به تازي بلڪه ڪالهوڪي آهي، تقريبن ساڳي ئي قسم جي ٻولي اڄڪلهه مسلم ليگ نواز جي خلاف استعمال ڪئي پئي وڃي.
    هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جو سدرو ( اڳوڻو ) جاويد هاشمي دٻاءُ برداشت ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽيءَ جون اندروني ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو آهي، جنهن ۾ عمران خان پنهنجي پارٽي ميمبرن کي ٻڌايو ته ” هنن “ کيس ( يقين سان ) خاطري ڪرائي آهي ته نيون چونڊيون سيپٽمبر ۾ ئي ٿينديون، هن اهو به ٻڌايو ته عمران خان ناصر الملڪ کي ” اسان جو پنهنجو ماڻهو “ قرار ڏنو، جيڪو سندس بقول چونڊن ۾ ڌانڌليءَ وارو معاملو اڪلائيندي سندن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ نئين سر چونڊون عمل ۾ اينديون، هي انتهائي سنجيده معاملو آهي.
    جنهن جو نه رڳو سپريم ڪورٽ کي سختيءَ سان نوٽيس وٺڻ کپي پر آءِ ايس پي آر کي به پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، هيءُ معاملو فقط ” ٽوئيٽ “ تائين محدود هئڻ نه گهرجي، هن معاملي تي پريس ڪانفرنس جي گهرج آهي، جنهن ۾ نه رڳو سٺي ساک رکندڙ صحافي شريڪ هجن پر اهي سخت سوال پڻ هن معاملي جي تناظر ۾ اٿارن ۽ پڇن.
    اسڪرپٽ جنهن جو پردو مئي ۾ چاڪ ٿيڻ شروع ٿيو، تنهن ۾ پاڪستاني نسل جي ڪئناڊيائي شهري مذهبي عالم طاهر القادريءَ جي انٽري آهي، ان ۾ گجرات جا چوڌري به شامل آهن، جيڪي اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته ڪنهن جي ويجهو آهن، سي جناب قادريءَ سان مليا، کيس اهم نياپو ڏنو، جنهن کانپوءِ هن پاڪستان واپس ورڻ لاءِ ” سماجي انصاف “ جي عوامي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، باقي ته جيئن چيو وڃي ٿو ته ان جي هڪ تاريخ آهي، ماڊل ٽائون وارو سانحو ته گهڻو پوءِ ٿيو آهي، اِهو اصل اسڪرپٽ جو حصو هئو يا فقط مسلم ليگ نواز جو معمول جو رد عمل، تنهنجو پتو اسان کي شايد ايندڙ هڪ ٻن ڏهاڪن ۾ اصل اسڪرپٽ جي تفصيلن سان گڏ پئي، پر هن وقت جيڪا شيءِ دماغ چڪرائي رهي آهي، سا آهي رياستي ادارن لاءِ عزت ۽ وقار جو مڪمل خاتمو.
    قادري ۽ عمران خان ٻئي ڄڻا پنهنجي پندرهن منٽن جي تقريرن ۾ تقريبن ساڳين ئي ڳالهين جو ورجاءُ ڪندي پارليامينٽ کي ” ڪوڙي “ ۽ ” غير قانوني “ چئي ان جي تذليل ڪندا رهيا آهن، ساڳي طرح عدليه کي ” تعصب پرست “ ۽ اليڪشن مشينري کي پوليٽيڪل موٽيويٽيڊ ( سياسي همت افزائي ) واري چئي ان جي به تذليل ڪري رهيا آهن، ٻئي ڄڻا باور ڪرائي رهيا آهن ته پارليامينٽ ۾ ويٺل هر ماڻهو بدعنوان آهي، جنهن جي ڪا ساک ۽ وقار ئي ناهي.
    ٻنهي ڌرڻن ۾ شريڪ جذباتي نوجوانن سان حال احوال اورجن ٿا ته کين سياسي ڄاڻ کان وانجهيل ڏسي شديد افسوس به ٿئي ٿو، اها سياسي ڄاڻ جنهن تي هي ٻئي اڳواڻ زور ڀريندا رهيا آهن، جيڪڏهن عوامي تحريڪ جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ کان پڇجي ته ” انقلاب اصل ۾ ڇا لاءِ آهي “ ته ڪير به ان جو جواب ڏئي نه سگهندو، ان ڏس ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ عورت جو چوڻ هو ته ان جو مطلب بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ آهي، ٻئي چيو ته هڪٻئي سان امن ۽ سڪون سان رهڻ، ٽئين جو چوڻ هو ته انقلاب معنيٰ مهانگائيءَ جو مڪمل خاتمو، جڏهن ته هڪ ٻئي همراهه وري چيو ته انقلاب معنيٰ بدعنوانين جو مڪمل خاتمو.
    پي ٽي آءِ جي آزاديءَ واري ڌرڻي ۾ شريڪ نوجوانن اڳيان وري آئين ۽ جمهوريت جو نانءُ وٺجي ٿو ته اهي توهان کي ڌُڪا هڻندي نظر ايندا، پارليامينٽ سندن لاءِ ٺڳن جو ٽولو آهي، جڏهن ته جمهوريت کي هو پاڪستان لاءِ فِٽِ نه ٿا سمجهن، آئين سندن لاءِ فقط هڪ ” ڪتاب “ کان مٿي ڪجهه به ناهي، جنهن کي سندن بقول بدعنوان سياستدانن جي احتساب تائين پاسي تي رکڻ گهرجي
    شاهراهه دستور تي ٻنهي ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻهن ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ جي عمارتن تي هلان لاءِ اتساهڻ کان اڳ منجهن هڪجهڙي شيءِ فقط سندن ” موڊ “ هو جنهن ۾ هو خوش ۽ جشن ملهائيندي نظر اچي رهيا هئا، منجهن اهڙي ڪا ڪاوڙ ۽ غصو نظر نه ٿي آيو، جنهن مان محسوس ٿئي ته هو سماجي ناانصافين خلاف احتجاج لاءِ گڏيا آهن.
    جمهوريت خلاف مضبوط آکاڻي، ماڻهوءَ کي ان ڏس ۾ استعمال ٿيندڙ حربن تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڪيئن نه عوام کي اهو چئي هن معاملي کي ئي منجهايو ويو آهي ته سياسي جماعتون عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن ۽ جمهوري نظام پڻ ناڪام ثابت ٿيو آهي، اڄڪلهه اِها ڳالهه ڄڻ ته عام نظر اچي ٿي ته جمهوريت هاڻي هڪ ناڪام نظام آهي.
    آئين جو تحفظ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
    حل هي آهي ته ! جيڪڏهن وڃي ٿي ته جمهوريت کي وڃڻ ڏيو، ۽ ان جي جاءِ تي ” اهل “ ماڻهن کي اچڻ ڏيو، پوءِ چاهي ڀلي اهي چونڊيل نه به هجن، مون کي اڄ تائين اهڙا ماڻهو ٽڪرايا آهن، جيڪي پنهنجا ئي حق لتاڙي رهيا هجن، گذريل ٻن هفتن کان ” پارليامينٽ “ بس هڪ عام عمارت بڻيل آهي ۽ آئين اڻ لاڳاپيل.
    اڄ ڪلهه هڪ اعليٰ تجزيا نگار بار بار مختلف ٽي وي چينلن تي چئي رهيو آهي ته اسين ترقي پسند وزير اعظم کي برطرف ڪرڻ بابت آئين جي آرٽيڪل 140 کي نظر انداز ڪندي فقط آئيني شقن جو حوالو ڏئي رهيا آهيون ۽ آئيني طريقيڪار تي زور ڏئي رهيا آهيون، آئين جي ڪجهه شقن تي عمل نه ٿيڻ کي مجموعي طور آئين يا جمهوري نظام جي عزت ۽ احترام نه ڪرڻ جي جواز طور ڪتب نه ٿو آڻي سگهجي.
    مسٽر اعتزاز احسن مون سان مختصر پيغامن ( ايس ايم ايس ) جي ڏي وٺ ۾ سڄي معاملي کي ڪيئن سمجهي ٿو ؟ انهن ايس ايم ايسز جو حوالو هتي ڏيان ٿي ” انتهائي وڏن،مجموعي طور پرامن ۽ ڪامياب لانگ مارچن جي جيئن ته اڳواڻي ڪري چڪو آهيان مان عمران خان ۽ طاهر القادريءَ جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزامن جي ته توثيق ڪيان ٿو پر ڪرين، ڏنڊا، ڪٽر ۽ گئس ماسڪ بردار هجوم جي پارليامينٽ ۽ وزير اعظم هائوس تي حملي جي حمايت قطعي طور نه ٿو ڪري سگهان. اهڙي هجوم جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان، جنهن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار اڳيان هجن ۽ اڳواڻ وري سندن پٺيان منجهن پناهه ورتل هجن ۽ وري وزير اعظم کي ڦاهي ڏيڻ جا اعلان به ڪن ( ڇا کين نمبر 10 ڀرسان ڇڏيو ويندو ) ۽ پنهنجو پاڻ ئي اعلان ڪن ته ” ها “ يا ” نهڪارا “ جي ايڇ ڪيو مان ايندي، نواز شريف کي ڪڏهن به جنرل ڏانهن نه نهارڻ گهرجي، جيڪڏهن وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ جو معاملو اڄ قائم ٿئي ٿو ته پوءِ اهو آئينده لاءِ مثال بڻجي ويندو ۽ وڌيڪ متحرڪ لشڪر ڪن ٻين مطالبن لاءِ حڪومت کي يرغمال بڻائيندا رهندا.
    اها ته 25 هزار ماڻهن طرفان پکيڙيل انارڪي هوندي، انقلاب ۽ آزديءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم ئي الڳ آهي، ان لاءِ شجاعت، کر ۽ شيخ رشيد جهڙن جي ضرورت ناهي هوندي ( انقلاب لاءِ لينن ، مائو ۽ گويرا گهربل هجن ٿا ) مسلم ليگ (ن) جو علاج ان جي پنهنجي ئي دوا سان ڪيو پيو وڃي.
    پي ٽي آءِ کي ياد رکڻ گهرجي ته مسلم ليگ (ن ) هن موڙ تي ڪيئن پهتي آهي ماڻهن کي تشدد لاءِ اڪسائڻ، پوليس آفيسرن کي حڪم نه مڃڻ لاءِ اتساهن وغيره جهڙا عمل تاريخ ناهي وساريندي، جيئن سپريم ڪورٽ تي مسلم ليگ (ن ) جو حملو تاريخ جو حصو آهي، اهڙيءَ طرح پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملا به تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، اهڙو عمل ڪرڻ سان اوهان کي تاريخ جو بار ساڻُ کڻي هلڻو پئي ٿو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.
    آخر ۾ رڪارڊ لاءِ جمهوريت جي حمايت جو مطلب موجوده پاليسين جي حمايت ناهي، عمران خان جي عملن تي تنقيد جو مطلب قطعي طور بدعنوانين جي حمايت ناهي، طاهر القادريءَ جي مخالفت جو مطلب شيعا مخالف اي ايس ڊبليو جي يا سندن سرپرستن جي حمايت ناهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو