ٽي گڏهه

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ٽي گڏهه
    نور گهلو
    جيڪڏهن عمران خان جي ضد سان گڏ نواز شريف جو ضد به شامل ڪجي ته ڪو حرج ڪونهي ڇاڪاڻ ته اهو ضد رڳو نواز شريف جو ڪونهي، ان ۾ يارهن ٻارهن ٻين پارٽين جو ضد به شامل آهي، جيڪي ڌرڻا ڏسي نواز شريف جي بار بار بيٽري ڊائون ٿيڻ تي ان کي چارج ڪندا رهن ٿا. ايئن ڪونهي ته نواز شريف ڪو بهادر انسان آهي، پر هنن پارٽين هن کي اهڙو ته انگاس تي چاڙهيو آهي جو هاڻي هن جو هيٺ لهڻ ايئن مشڪل آهي جيئن ڊان جي پويان ٻارهن ملڪن جي پوليس هجي، پر ڊان کي پڪڙڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن پر هي سياست آهي ۽ اسان جي پيش گوئي آهي ته اُهي ئي ٻارهن جماعتون سندس ڪرسيءَ پاوا ايئن ڪٽينڊيون جيئن مافيائون سرڪاري وڻ ڪپي، ماحوليات کي تباهه ڪندا آهن.
    هڪ گڏهه هو جنهن جو ڪنڌ هميشه ناڪار ۾ لڏندو هو، مالڪ اعلان ڪيو ته جيڪو هن گڏهه کي ” ها “ ڪرائيندو ان کي هڪ هزار روپيا انعام ڏنو ويندو، ڪيترن ئي ماڻهن ڪوشش ڪئي، پر گڏهه جو ڪنڌ اهو ئي ناڪار ۾ لڏندو رهيو، اسان جو دوست طالب توائي، جنهن کي گڏهن جي نفسيات جي شايد ڪجهه ڄاڻ آهي، اُهو اڳتي وڌيو ۽ گڏهه جي ڪن ۾ ڪجهه چيائين ته گڏهه جو ڪنڌ نه رڳو هاڪار ۾ لڏيو، پر هڪ عدد هينگ ڪندي خوشيءَ جو اظهار به ڪيائين، ماڻهن طالب توائي کان پڇيو ته : تو گڏهه کي ڇا چيو جو هو راضي ٿي ويو، طالب توائي چيو : مون چيومانس ته عمران خان جي ڌرڻي ۾ هلندين، ڏاڍا مزا آهن ته گڏهه خوش ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن به انسانن وانگر ٽي وي تي عمران خان جي ڌرڻي ۾ من موهيندڙ چهرا ڏٺا هئا، يار سٺي ڳالهه ته اها آهي ته گهڻا ماڻهو، اسان سميت انهن ڌرڻن جي ڪوريج انڪري به ڏسندا آهيون جو انهن ڌرڻن ۾ خوبصورت چهرن سان گڏ گيتن جي گونجار ۾ ناچ گانا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اُها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻي ٽي وي ڏسڻ ڪري بجلي به گهڻي استعمال ٿي وئي ۽ بل به وڌيڪ اچي ويو ، هاڻي اوهان ئي فيصلو ڪيو ته اهو واڌو بل جي رقم ڪنهن کان ڀرائجي، عمران خان، قادري صاحب يا حڪومت کان، اسان جي خيال ۾ حڪومت کي گهرجي پبلڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو بجلي جو بل معاف ڪرڻ گهرجي، ان عمل سان حڪومت دعائن سان گڏ پنهنجي اصلي ووٽن ۾ به واڌارو ڪري سگهي ٿي.
    اهڙي طرح هڪ ٻيو گڏهه به هو جنهن جو ڪنڌ هميشه هاڪاري ۾ لڏندو هو، مالڪ اعلان ڪيو ته جيڪو هن جو ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏائيندو ان کي هڪ هزار روپيا انعام ڏنو ويندو، گهڻن ماڻهن ڪوشش ڪئي پر گڏهه جو ڪنڌ ناڪار ۾ نه لوڏي سگهيا، وري به گڏهن جي نفسيات جي ماهر طالب توائي اڳتي وڌيو ۽ گڏهه جي ڪن ۾ ڪجهه چيائين ته گڏهه جو ڪنڌ نه رڳو ناڪار ۾ لڏيو پر اِٽون هڻندو ڀڄي ويو، ماڻهن طالب توائي کان پڇيو : تو هن کي ڇا چيو جو گڏهه ڪاوڙجي پيو : طالب توائي کلندي چيو : مون چيومانس ته : ملڪ جو وزير اعظم ٿيندين ته چيائين : نه با، هن ملڪ جو وزير اعظم ٿي ٽوپي ٿورئي لهرائڻي آهي.
    هڪ ٽيون گڏهه به هو، پر ڇڏيو بس، ڪيترن گڏهن جو ذڪر ڪجي، بقول شاعر : گدهون ڪي ڪمي نهين صاحب، ايڪ ڍونڍو هزار ملتي هين، يار گڏهن جو ڏاڍو ذڪر ٿي ويو آهي ۽ ان ذڪر سان اسان کي به شڪ پوڻ لڳو آهي ته ڪنهن جنم ۾ اسان به گڏهه ته ڪو نه هئاسين، ارتقا جي اصول جي حوالي سان فلاسفر ڊارون ته اهو چئي ڇڏيو آهي ته انسان، باندرن مان ارتقا ڪري، باندرن مان انسان ۾ تبديل ٿيو آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته ڊارون جي اُها ارتقا جي ٿيوري ڪٿي غلط ته ناهي، ڇاڪاڻ ته انسان ۽ گڏهه ۾ ڪافي ڳالهيون مشترڪ آهن، بقول شاعر گڏهه سڀ نه سهڻا، ماڻهو سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن گڏهه منجهه اچي بوءِ انسان جي يا وري ائين چئي سگهجي ٿو ڪنهن جنم ۾ گڏهه به انسان هئا، جيڪي پنهنجي سياسي غلطين سبب هن جنم ۾ گڏهه ٿي پيدا ٿيا آهن، جيڪي پنهنجي ليڊرن جي ترڪتالين کي سمجهي نه سگهيا آهن، شايد اهو ئي سبب آهي جو چوڻيءَ موجب وقت تي گڏهه کي به بابو چوڻو ٿو پوي ڇاڪاڻ ته اسان انسان آهيون، تنهن ڪري اسان پنهنجي ۽ گڏهن جي وچ ۾ ڪجهه وٿي رکڻ ضرور سمجهندا آهيون ۽ جڏهن ڪنهن گڏهه جي پاسي مان گذرندا آهيون يا گڏهه اسان جي پاسي مان گذرندو آهي ته اسان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ميٽر جو فاصلو برقرار رکندا آهيون ته جيئن اسان کي ڏسندڙ اهو فيصلو ڪري سگهن ته گڏهه ڪير ۽ انسان ڪير آهي، گڏهن کي وڌيڪ لکڻ مناسب ڪونهي، جيڪڏهن گڏهن مائنڊ ڪيو ۽ پنهنجي پارليامينٽ ۾ اسان خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪئي ته اسان جو حشر نشر به اهڙو ئي ٿي سگهي ٿو جهڙو دبنگ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو جو ڌرڻي وارن ڪيو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو