ڇا مڊل ايسٽ تباھ ٿي رهيو آهي!؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ڇا مڊل ايسٽ تباھ ٿي رهيو آهي!؟

    عراق ۾ گهرو ويڙھ ۽ ان جا ملڪ توڙِي خطي تي پوندڙ اثر

    ڇا هاڻي عراق خودمختيار ملڪ چورائڻ جي لائق رهيو آهي جنهن جون فوجون پنهنجي ملڪ جي علائقن ۾ به داخل ٿي نه سگهن، قدرتي وسيلن جي پئداوار ويڙهاڪ گروپ دنيا ۾ کلم کلا وڪرو ڪندي نظر اچن. ويجهي ماضيءَ ۾ پاڙيسري ملڪن تي چڙهايون ڪندڙ هن ملڪ جون فوجون دنيا جي سپر پاور آمريڪا جي فوجن جي آمهون سامهون به ٿيون هيون. ان عراق جي فوج هاڻي ڪمزور ۽ حڪومت بيوس بڻيل نظر اچي ٿي. ويڙهاڪ گروپن سان مقابلي جي سگهه نه هئڻ ڪري ملڪي فوج اهم شهرن جهڙوڪ تڪريت ڪرڪوڪ، موصول ۽ ٻيا خالي ڪري ويئي آهي. عراق جي شهر ڪرڪوڪ جي ايتري جاگرافيڪل ۽ معاشي اهميت آهي جو اتي عام چوڻي آهي ته جنهن جو ڪرڪوڪ تي قبضو هوندو اهو ڄڻ ته عراق تي قابض آهي. ان ڪري ئي هي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارو صوبو تمين Tamin ڪرد ويڙهاڪن ۽ عراقي حڪومت جي وچ ۾ سياسي ۽ معاشي مسئلو رهندو پئي آيو آهي. اهو علائقو هاڻي ڪردن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي جتان هنن سن 2013ع ۾ ٽرڪن وسيلي تيل موڪلڻ شروع ڪيو هو. هاڻي پائيپ لائين ذريعي ترڪي جي بندرگاھ تان تيل موڪليو وڃي ٿو.
    ترڪي جي تيل جي وزارت جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڪردن جي اعلانيل علائقائي خودمختيار حڪومت ترڪي جي بدرگاھ سيمن تان روزانو 120000 بيرل تيل بين الاقوامي خريدار نڏانهن موڪلي رهي آهي. ڪرد اتان تيل جي پيدوار 4 لک بيرل روزانو جي سطح تي آڻڻ جو پروگرام رکن ٿا. بحري جهازن جي آزاد ذريعن پڻ تصديق ڪئي آهي ته ترڪي جي ان بندرگاھ تان ٽي آئل ٽينڪر ڀرجي روانا ٿي چڪا آهن. انهن مان هڪ آئل ٽئنڪر اڄڪلهه اسرائيل جي بدرگاھ اشڪيلن تي لنگرانداز آهي جتي ان مان تيل لاٿو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪرڪوڪ شهر ۽ تمين صوبي وارو علائقو تيل جي وسيلن سان مالا مال آهي.
    عراق جي اترين علائقي جتي ڪردن جي آبادي آهي، اهو علائقو هاڻي ڪردن جي ويڙهاڪ تنظيم پيشمرگا جي ڪنٽرول ۾ آهي جن وٽ اٽڪل هڪ لک هٿياربند ويڙهاڪ آهن. ان علائقي ۾ عراقي فوج داخل ٿيڻ جي همٿ به ڪو نه ٿي ڪري. ڪردن کي مضبوط ڪرڻ واريون اهي بين الاقوامي قوتون آهن جن جو مفاد عراق کي ڪمزور ڪرڻ ۾ آهي. انهن مان هڪ اسرائيل به آهي. جيڪو هن علائقي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. اسرائيل جا خطي جي اڪثر ملڪن سان تعلقات سٺا نه رهيا آهن. متحده عراق ان لاءِ هميشه مسئلو ٿي رهيو آهي. جي ڪردن جي خودمختيار حڪومت سان هو لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اها سندس ڪاميابي ٿيندي. ان ڪري اسرائيلي اڳواڻن جون ڪرد ليڊرن سان ملاقاتون ۽هاڻي انهن کان تيل خريد ڪرڻ جو مقصد ڪردن جي همٿ افزائي ڪرڻ سان گڏ کين مالي طور مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون نظر اچن ٿيون ڪرد هاڻي ايترا مضبوط ۽ پراعتماد ٿي چڪا آهن جو اوفرا بينگو جيڪو ڪردن جي سجاڳي نالي ڪتاب جو ليکڪ آهي ان موجب اسان آزادي جي اعلان ڪرڻ واري مقصد کي ويجها پهچي ويا آهيون.
    عراقي حڪومت اعلان ڪري چڪي آهي ته ڪردن طرفان تيل جو وڪرو غير قانوني آهي انڪري ان تيل جي خريدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سوال اهو آهي ته پوءِ پاڙيسري ملڪ ترڪي ڇو عراق جي خودمختياري کي نظر انداز ڪري ڪردن کي پنهنجي ملڪ جي حدن مان تيل موڪلڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ان حوالي سان هو عراق طرفان قانون ڪارروائي جي ڌمڪي جو به نوٽيس نٿو وٺي. آمريڪا به ظاهري طور تي اهڙي تيل جي وڪري جي مخالفت ڪري ٿو. پر ان کي روڪڻ لاءِ ڪو اثر رسوخ استعمال ڪو نه ٿو ڪري. ٻئي طرف اهڙي تيل جو کلم کلا هڪ خريدار اسرائيل، آمريڪا جو اتحادي ملڪ آهي.
    سن 2011ع ۾ آمريڪا عراق مان فوجون ڪڍڻ وقت اهو تاثر ڏنو هو ته عراقي فوج هاڻي ملڪ جي بچاءُ ڪرڻ جي قابل ٿي ويئي آهي پر آمريڪا جي فوج گهٽ ٿيندي ئي ويڙهاڪ گروپ طاقتور ٿيندي نظر آيا. جڏهن عراق جي تيل تي آمريڪا کي صدام حسين جو اختيار قبول ڪونه هو ته پوءِ ساڳيو آمريڪا انهن ويڙهاڪ گروپن جو اختيار ڪيئن مڃيندو. ان مان اهو انومان نڪري ٿو ته انهن گروپن کي مغربي قوتن جي اندروني مدد حاصل آهي. عراق هلندڙ گهرو ويڙھ تي جڏهن گڏيل قومن جي اڳوڻي عيوضي اسٽيفورڊ ڪليري Stafford clarry جيڪو ڪرد علائقن لاءِ عراق مقرر هو کي تبصري لاءِ چيو ويو ته هن وراڻيو هو ته عراق ته اڳ ئي ٽٽي چڪو آهي، ان لاءِ ملڪي سطح تي سوچڻ ۽ ملڪي سطح تي تعمير واري ڳالهه ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي. عراق ۾ هلندڙ گهرو ويڙھ جي منظر نامي تي نظر وجهڻ ۽ غور ڪرڻ سان هي ملڪ هيٺين ٽن حصن ۾ ورهائجندي نظر اچي رهيو آهي.
    1. ڪردن جي آبادي وارو اتريون علائقو
    2. سني ويڙهاڪن جي اثر هيٺ ملڪ جو مغربي حصو
    3. 3 شيعا آبادي ۽ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ بچيل ڏاکڻيو ۽ وچون علائقو
    ڪردن طرفان پنهنجي علائقي تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ وارو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ٻيو ويڙهاڪ گروپ سٺي مسلمان جو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته شيعه اڪثريت واري ملڪ ۾ ساڻن امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي. صدام حسين پنهنجي دور حڪومت ۾ شيعه آبادي کي دٻائي رکيو هو انڪري سني سمجهن ٿا ته ڪٿي هاڻي هنن سان زيادتي نه ٿئي. هو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي سني علائقن طرف لڏي ويا آهن. شام ۾ ته سني ويڙهاڪ اڳ ئي وڙهي رهيا هئا. هاڻي ان ويڙھ جو دائرو عراق تائين وڌيو آهي. هي گروپ هاڻي شام ۽ عراق جي سني علائقن کي ملائي اسلامي رياست ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جتي سندن بقول اسلامي نظام قائم ٿيندو. ان تجويز ڪيل رياست کي هو عراق ۽ ليونٽ جي اسلاميIslamic State of Iraq & Lavent يا عراق ۽ شام جي اسلامي رياست Islamic State of Iraq & Sham اتان جي عام زبان کي جنهن کي هو داعش چون ٿا. اهو هر ڪو ڄاڻي ٿو شام جي ويڙهاڪن کي سعودي عرب، قطر ۽ ٻين عرب ملڪن جي حمايت حاصل آهي. انڪري ساڳي مقصد لاءِ گروپ ٺاهي عراق ۾ وڙهندڙن کي انهن قومن جي مدد يقيني طور تي حاصل هوندي. حڪومت اعلانن جي باوجود سني ويڙهاڪن کان قبضي هيٺ علائقا خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ملڪي فوج ان ويڙهاڪ گروپ جي علائقي جي مکيه شهرن تي چڙهائي وقت مقابلو ڪرڻ بجاءِ شهرن مان نڪري ويئي. اهڙي صورتحال ۾ اتي قائم سني حڪمراني اڳتي هلي خودمختياري ءَ ۾ بدلجي سگهي ٿي.
    ٽيون حصو شيعه اڪثريت وارو علائقو آهي. ان ڏاکڻي ۽ وچولي حصي تي حڪومت جو ڪنٽرول آهي. ايئن ٿو لڳي ته عراقي حڪومت ۽ فوج سني ۽ ڪردن جي علائقن جو فڪر ڇڏي پنهنجي رهيل علائقي کي بچائڻ جي فڪر ۾ لڳي ويا آهن. عراقي حڪومت جي مدد لاءِ پاسدارن انقلاب جا ڪجهه جٿا به موڪليا ويا آهن. آمريڪا جي حڪومت عراق جي مدد جي اعلانن سان گڏ موجوده حڪومت جي تبديلي لاءِ به دٻاءُ وجهي رهي آهي. عراق سعودي عرب کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو تيل پئدا ڪندڙ ملڪ آهي. عراقي آمر صدام حسين جي غلطين سبب آمريڪا کي عراق ۾ فوجون لاهڻ جو بهانو مليو. آمريڪا جي عراقي تيل جي کوهن تي ته اڳ ئي نظر هئي مٿان وري صدام تيل جو وڪرو يورو ڪرنسي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪري آمريڪا کي چيڙائي وڌو. جهنهن کانپوءِ هن لشڪر ڪشي ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي مضبوط عراق ڇاڪاڻ ته تيل مافيا جي پاليسين ۾ ڪڏهن ڪڏهن رنڊڪ پئي بڻيو انڪري ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ خاطر عراق کي ڪمزور ڪري ان کي ٽڪرا ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هن علائق مان تيل جي رسد ايتري اهم آهي جو سن 1990ع ۾ آمريڪي سياستدان ڊڪ چيني چيو هو ته جيڪو خليج فارس مان تيل جي سپلاءِ کي ڪنٽرول ڪندو ان جي آمريڪا جي معيشيت تي به گرفت هوندي. نه فقط آمريڪا پر ان طاقت جي گرفت دنيا جي ڪيترن ٻين ملڪن جو معيشت تي به هوندي. ان مان ظاهري آهي ته هتان جو تيل آمريڪا لاءِ ڪيتري اهميت رکي ٿو.
    عراق تي آمريڪا جي قبضي واري لڙائي ۽ ان کانپوءِ شروع ٿيل گهرو ويڙھ ۾ عراق جي ڪل آبادي جو چوٿون حصو مري، معذور ٿي يا ملڪ ڇڏي ويو آهي. اٽڪل 30 لک ماڻهو مري چڪا آهن جن ۾ 5 لک ٻار به شامل آهن ۽ ان سان گڏ 5 لک ٻار يتيم ٿيا آهن. عراق جي ڪمزور حڪومتم تيل پاليسي مغربي ملڪن جي تيل ڪمپنين کي رعايت ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوامي دٻاءَ تي حڪومت اهو بل پاس نه ڪرائي سگهي، پر ساڳيو مقصد حڪومت طرفان حڪم ذريعي حاصل ڪيو وڃي ٿو. ائين تيل مافيا هتان اربين ڊالر ڪمايا آهن پر عوام اڳ وارين سهوليتن کان به محروم ٿي ويو. اڳ تعليم ۽ صحت جو سهوليتون مفت هيون. ڪن سهوليتن لاءِ حڪومت طرفان مالي مدد به ملندي هئي. ماڻهن جو معيار زندگي به اونچو هو پر هاڻي ته ملڪ جي وڏي آبادي بجلي ۽ پاڻي جهڙين بنيادي سهوليتن کان به محروم آهي. عوام جي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي وڃي ٿي پر اتي منظم حڪمت عملي هيٺ اميرن جو هڪ ڪلاس ٺاهيو پيو وڃي جنهن جو مقصد معاشري تي انهن معرفت ڪنٽرول ڪرڻ ئي ٿي سگهي ٿو.
    مڊل ايسٽ تباھ ٿي رهيو آهي. عراق، شام، لبنان ۽ ٻيا ملڪ شايد موجود شڪل ۾ نه رهن. انهن علائقن جي نئين جوڙجڪ ٿيندي نظر پئي اچي. جن قوتن سلطنت عثمانيه جي ڪمزور ٿيڻ تي عرب دنيا کي ننڍن ملڪن ۾ ورهايو هو سي قوتون هاڻي پنهنجي مفادن لاءِ هن خطي جي ملڪن کي وڌيڪ ورهائڻ ۽ ملڪن جي جوڙجڪ بدلائڻ ۾ لڳل آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو