دنيا لاءِ مٿي جو سور بڻيل مسلم جهادي ٽولا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر

    دنيا لاءِ مٿي جو سور بڻيل مسلم جهادي ٽولا

    يورپ جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ برطانيا جهادي پيدا ڪرڻ ۾ سرسي ماڻي ورتي آهي. جنهن سان برطانيا جي رياستي ۽ سامجي حلقن ۾ تمام گهڻي ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي. رڳو برطانيا مان رڪارڊ تي موجود 500 کان مٿي جهادي شام ۽ عراق وڃي اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا (ISIS) جو حصو بڻجي چڪا آهن. ان تنظيم جي ڀرتي ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رهيو آهي. حساس حلقن جو خيال آهي ته گذريل رمضان مهيني ۾ انهن جهادين جي ڀرتي ۾ ويتر واڌ ٿي، ڇاڪاڻ ته جهادي ان کي نه رڳو ”راھ حق“ سمجهن ٿا پر اهو به سمجهن ٿا ته ان مهيني ۾ ان عمل جو اجر به 700 ڀيرا وڌيڪ آهي. سوشل ميڊيا تي جهادين جي ڀرتي لاءِ اهڙيون ويڊيوز هلايون پيون وڃن جيڪي نوجوانن جو ڌيان ڇڪائي رهيون آهن. جيڪي تنهائي جو شڪار محسوس ڪري رهيا آهن. کين ويڊيو ذريعي ٻڌايو پيو وڃي ته جهاد ڪار ثواب سان گڏوگڏ ڊپريشن جو علاج به آهي ۽ وري انهن کي عراق ۽ شام ۾ جهاد لاءِ کلي عام ڀرتي جي دعوت ڏني پئي وڃي.
    بي بي سي موجب M15 هن وقت انهن جهادين کي منهن ڏيڻ لاءِ اوليتي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته انهن دعوتي ويڊيوز ۾ جيڪو لهجو اختيار ڪيو پيو وڃي اهو برطانيا ۾ موجود چيرٽي تنظيمن ۽ ٻين امدادي گروپن وارو آهي جنهن سان انهن کي ان ڳالهه جو احساس پيدا ٿي ويو آهي ته نائين اليون ۽ 7/7 کانپوءِ جڏهن انهن تنظيمن جي مانيٽر ٿيڻ لڳي آهي. اهي تنظيمون پنهنجي ڪم کي زير زمين کڻي ويون آهن ۽ لڪ ۾ ڪم ڪرڻ ۾ تيزي اچي وئي آهي ڇاڪاڻ ته وڌندڙ جهادين جو انگ ۽ ڀرتي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهي ته اهي تنظيمون زور شور سان سرگرم آهن. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪو جهادي عراق ۽ شام ۾ آءِ ايس آءِ ايس کي وڃي جوائن ڪن ٿا سي واپس اچي ڀلي في الحال برطانيا ۾ دهشتگردي نه به ڪن پر تڏهن به اهڙو نيٽ ورڪ ضرور ٺاهيندا.
    جيڪو ڪنهن به وقت برطانيا ۽ يورپ کي مذهبي بنياد پرست دهشتگردي جي وڪڙ ۾ آئي سگهن ٿا.
    ISIS القاعده مان نڪتل سلفي ۽ وهابي اسلام جي علمبردار شدت پسند تنظيم آهي جيڪا شام ۽ عراق کان پوءِ آخرڪار لبنان، اسرائيل فلسطين، اردن، سائرس ۽ ترڪي ۾ خلافت قائم ڪرڻ چاهي ٿي. آءِ ايس آءِ ايس ۾ القاعده جي هڪ گروپ کان علاوه مجاهدين شورا ڪائونسل جيش فاتحت، جند الصحابه، النصارالتوحيد، جيش الطاسينه، منصورا ۽ ڪيترائي عراقي قبيلا شامل آهن. آمريڪي فوجي حلقا ان تنظيم جي گوريلا جنگ ۾ مهارت ۾ سرسي کي تسليم ڪن ٿا.
    اڪائونمسٽ جي هڪ رپورٽ موجب خالص ISIS تنظيم جا 6 هزار جنگجو عراق آهن جڏهن ته ٻين جنگجوئن مان هڪ هزار چيچن ۽ برطانيا مان 500 جهادي سميت هڪ هزار کان وڌيڪ يورپي جهادي شامل آهن. ايئن ملي جلي ڪري ISIS جي جنگجوئن جو انگ 50 کان 60 هزار جي وچ ۾ آهي ۽ جيئن جيئن عراق جي مختلف علائقن ته ان جو ڪنٽرول وڌندو پيو وڃي ته ان جي انگ ۾ انهيءَ رفتار سان واڌارو ٿيندو پيو وڃي. سو برطانوي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ظاهر ٿيندڙ سمورن برطانوي جهادين کي عراق ۽ شام مان واپس تي گرفتار ڪيو ويندو. برطانوي هوم آفيس سعودي ڄائي محمد العاريف جي برطانيا واپسي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. محمد العاريف هن سال مارچ تائين برمنگهم، ڪارڊف ۽ لنڊن ۾ جهادي خطبا ڏيندو رهيو هو.
    هيءُ مسئلو برٽش اٿارٽيز سان گڏ هر مسلم ڪميونٽي لاءِ هڪ چئلينج ۽ سواليه نشان بڻجي ويو آهي ۽ مذهبي تعليم کي Revisit ڪرڻ جو سوال غور هيٺ آهي. ٻي صورت ۾ برطانيا ۽ يورپ جا مسلمان پاڻ کي موجوده صورتحال ۾ هڪ وڏي امتحان کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو