• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مادو فاني آهي يا نه؟

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
مادو فاني آهي يا نه؟
هن سوال جو جواب هيءَ آهي ته مادو فاني نه آهي. مادو اڻن (ائٽمس) جو مجموعو آهي ۽ آئٽم ۽ اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران آهن. نيوٽران (ائٽم جو مرڪز يا نيوڪليس ٺاهي ٿو ۽ اليڪٽران ۽ پروٽان ان جي گرد متحرڪ رهي بجلي جي ڀرتي ٺاهن ٿا ۽ ائٽم پنهنجي اندروني خاصيت جي ڪري توانائي جو حامل آهي. مادي کي ٽوڙڻ،ساڙڻ ۽ ڳارڻ بعد به مادو فنا نٿو ٿئي بلڪه ان ۾ صرف صورتي تبديلي پيدا ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري اهو لافاني آهي.
مادو ۽ توانائي جيڪي اڳ ۾ بذات خود الڳ وجود لکيا ويندا هئا سي جديد طبعياتي تجربن کان پوءِ هڪ وحدت ليکجن ٿا. هن سلسلي ۾ آئن اسٽائن جي نظريه اضافيت Theory of Relativity کان وٺي رياضي ۽ طببعيات جي جديد انڪشافن مطابق مادو تونائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ توانائي مادي ۾ بدلجي سگهجي ٿي
 
Back
Top