پکي پرديسي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سيد يار محمد شاهه
    [​IMG]
    امان جو اهو جملو اهو اٿئي پنهل، منهنجي دماغ تي گونجي رهيو هو، ۽ تصور ۾ شانتيءَ جو اهو شوخ شرميلو ۽ ڪاوڙيل چهرو بار بار مونکي اندر ئي اندر ۾ مزو به ڏيئي رهيو هو، ۽ اهو به پي سوچيم ته سگهو واپس اچان، ۽ ڏسان ته سڄڻ سنڌي ڊريس ۾ ڪيئن ٿا لڳن…؟، اهو سوچيندي بابي وٽ وٿاڻ ۾ پهچي ويس، جتي بابو هڪ طرف ڏڀي آيل کير ڳوٺ جي غريب ٻارن ۾ مفت ورهائي رهيو هو، اهو رواج يا اها ثقافت باقي سنڌ جي انهن علائقن ۾ وڃي بچي آهي، جت مال وندن وٽ کير جام آهن، پر وڪڻڻ جو ڪو رواج ئي نه آهي. ان علائقي ۾ اصلوڪي سنڌ وانگر کير وڪڻڻ کي اڄ به گناهه سمجهي، اضافي کير غريبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. اسان به اهڙي ئي علائقي جا رهواسي آهيون، اسان جا وڏا به اڃان تائين کير کي کپائڻ عيب ٿا سمجهن….. بابو کير ورهائي واندو ٿيو ۽ اچي ويٺو. چاچو ڪانڊيرو اڳ ئي ويٺل هيو، بابي ويهندي شرط موکي چيو ته “هاڻ پڇ ڪانڊيري کان تو واري مهمان جي ڳوٺ جي باري ۾.”

    تڏهن مون چاچي ڪانڊيري کي حقيقت ٻڌائيندي چيو ته “چاچا…! اصلوڪو اهڙو ڪو ڳوٺ ٻڌائي، جنهن ۾ مندر ۽ مسجد به گڏ هجن ۽ ان ڳوٺ جي ويجهو درياءُ به وهندو هجي.”

    چاچو ڪانڊيرو سوچ ۾ گم ٿي ويو، ٿوري دير کان پوءِ چيائين ته “پٽڙا…! جيڪڏهن اهڙو ڪو ننڍڙو ڳوٺ هو ته پوءِ هندو مسلم جي ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ کان پوءِ، جن ڳوٺن ۾ هندو لڏي ويا ته ڪوبه هندو گهر نه بچيو، ۽ مندر به ننڍڙي اڏاوت تي هوندا هئا، ۽ اهڙا ڳوٺ درياءُ جي ويجهو سڄي سنڌ ۾ سوين هوندا، جن ۾ اڄ اهي مندر موجود نه هوندا. درياءُ جو پاڻي سڪي وڃي، ۽ ڀلي پئي واري اڏامي، پر سندس لنگهه جتان به آهي، اتي قائم ئي هوندو، ان ڪري درياءُ جي پيٽ ۾ ۽ سندس ڀر ۾ جيڪو ڪچو هو، اهو خوبصورت ٻيلن ۽ جانورن سان سينگاريو پيو هو، هرڻ جا شڪار، ڦاڙهن جا شڪار، سوئر ڪتي جا شڪار، تتر جا شڪار، سهن ۽ تازي ڪتن جا شڪار، مطلب ته وڻ هر قسم جو تنهن ۾ لاک، کوئر ۽ ڪئين قدرتي نعمتون درياءُ بادشاهه جا مڇي، پلا، گانگٽ گهڻا ئي هئا. ڪچي سان گڏ ڪن جون وڏيون ڍنڍون قائم هيون، ۽ جڏهن درياءُ جو جوش ٿڌو ٿيندو هو، ۽ ڪچو ڇڏي وڃي وچ وسائيندو هو، تڏهن ٻوڏ وارن علائقن ۾ جيڪي قدرتي ڍنڍون پيدا ٿينديون هيون، انهن ۾ مڇيون ۽ گانگٽ پاليا ويندا هئا، اهڙي طرح هن قدرتي نعمت تي جڏهن الله ڏمر ڪيو، ته پوءِ ماڻهن ۽ وڏيرن اهي ٻيلا پهريان ڌاڙيل ويهاري ڀنگ جي بازار گرم ڪئي، پر جڏهن پٺاڻن ٺيڪا کنيا، ۽ سنڌي وڏيرن ۽ سندن پوئلڳن هڪ چوڪڙي ڪاٺ جي ٻيلي کاتي کان ٺيڪي تي کڻي، ويهه ويهه چوڪڙيون وڍائي ٿي ڇڏيون، جنهن ڪري ٻيلا ويا ختم ٿي، نتيجي ۾ اهي نعمتون جيڪي ڄاڻايم، اهي به سنڌين جي نصيب مان ختم ٿي ويون، تنهن ڪري هڪ طرف اهي ڌاڙيل ڪلف وارا ڪپڙا پائي معزز شهري ٿي، شهرن ۾ وارداتون ڪرڻ لڳا، جڏهن ته وڻ وڍجڻ جي ڪري جيڪا تباهي آئي ان جو انجام اهو آهي ته اڄ سڄي سنڌ جي زمين جو پاڻي کارو آهي، جيڪو فصلن کي ۽ زمين کي ڪلر ۽ سم ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، ۽ وڻ وڍجڻ جي ڪري برساتون گهٽجي ويون آهن، ان ڪري ڪچي ۾ ساوڪ جي بدران ڏڪر ۽ ٿر واري واري پئي اڏامي، ۽ ننڍا ننڍا ڳوٺ ختم ٿي ويا، ان ڪري شهري علائقا جيڪي اڳ ڳوٺ هئا، اڄ ترقي ڪري ننڍن شهرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، انهن مان ڪن شهرن ۾ جي ڳولها ڪبي ته ممڪن آهي اهڙو ڪو شهر ملي وڃي، جنهن ۾ مندر مسجد گڏ هجي ۽ دريا به ويجهو هجي.”

    بابي سڄي ڳالهه ٻڌي چيس ته “مرتضيٰ جي مهمان آمريڪا کان پنهنجي پيءُ جي مٽي کڻي آئي آهي، ان ڪري ان مسئلي کي گڏجي، اهميت ڏيئي، حل ڪرايو ته بهتر ٿيندو، منهنجو خيال آهي ته توهان پنهنجي اڀري سڀري گاڏيءَ ۾ ڪانڊيري کي گڏ کڻو ۽ سڀاڻي کان بچاءُ بند لڳ جيڪي به شهر آهن انهن جي پڇا شروع ڪريو.”

    تڏهن مون چيو ته “بابا…! اسان سڀاڻي لطيف سرڪار جي حاضري ڀري، چاچي ڪانڊيري کي کڻي جيستائين وڃي سگهياسون، تيستائين وينداسون، پوءِ الله ڪندو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو.”

    بابا چيو ته “ٻن ڏينهن ۾ توهان ساڌ ٻيلي جي مندر تائين ته وڃي ڏسو، پوءِ ٿڪجي پئو ته واپس اچجو، تيستائين آئون به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پڇا پيو ڪندس.”

    رات ٿي چڪي هئي، بابا به مونکي مهمان وٽ وڃڻ لاءِ چيو ۽ آئون به اڳئي بي چين ٿي رهيو هوس، اچي ڏٺم ته هوءَ ٽيبل تي رکيل مانيءَ اڳيان منهنجي سگهڙ زال وانگر ڪمري ۾ واڪ ڪري رهي هئي، ۽ مونکي جنهن نگاهه سان ڏٺائين، ان جي اندر ۾ ڄڻ اهو سوال هجي ته ايتري دير ڇو ڪئي اٿئي…؟

    مون بي خياليءَ ۾ چئي ڏنو ته “ساري! بابا وٽ توهان جي ڪم سان دير ٿي ويئي.

    هن بي خياليءَ ۾ پيار سان مونکي ڏسندي چيو ته “تون گڏ هئين ته مونکي ڪو الڪو ئي نه هو، پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن جون عجيب نظرن ۽ طنزيه مسڪراهٽن، مونکي وس وسن ۾ وجهي ڇڏيو، تنهنجي ٻانهين ته ماني سوير اچي رکي آهي، پر تون سوچ، تو کان سواءِ ماني ڪيئن کانيئدس…؟”

    مون کلندي چيو ته “جيئن هن کان اڳ اڪيلي سر ماني کائيندي آهين، تيئن کائي ڇڏين ها.”
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    حق موجود، سدا موجود!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو