سونڊا قبرستان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي
    [​IMG]
    سونڊا قبرستان ٺٽي ضلعي ۾ موجود مڪليءَ جي قبرستان کانپوءِ سڀ کان وڏو قبرستان آهي. هڪ عجيب و غريب، ويڪرو ۽ وڏو قبرستان. جتي موجود قبرن مٿان ٿيل اُڪَر ۽ ٽُڪَ جو ڪم اچرج ۾ وجهيو ڇڏي.

    هي تاريخي قبرستان،جهرڪ شهر کان ڏکڻ. اولهه طرف ڇهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي، ٺٽي. جهرڪ رستي جي ڀَر ۾ واقع آهي. ان رستي جي وَٽِ سان ئي هڪ مٿانهون هَموار پوٺو آهي، جيڪو گهڻو اڳتي نڪري ٿو وڃي ۽ هڪدم زمين جي سَنوت سمان ٿي، سنڌو درياءَ جي اولهه ڏانهن موڙ واري گولائيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو اچي. هي قبرستان اُن هيٺاهينءَ زمين تي واقع آهي، جنهن جي ايراضي ٻه ڪلو ميٽر کن هم چورس ٿيندي ۽ سڄو قبرن سان ڳتيو پيو آهي. قبرن جو تعداد لکن ۾ هوندو.

    قديم آثارن جي ڄاڻوءَ هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ لکيو آهي ته ”هي قبرستان بلوچن جو آهي“ جڏهن ته بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ اها راءِ ڏئي ٿو ته : ”سورهين ۽ سترهين صديءَ جون هي قديم قبرون ڪنهن وڏيءَ جنگ جو پتو ڏين ٿيون، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته آخر اها جنگ ڪنهن جي وچ ۾ ٿي هوندي“.

    بهرحال… سونڊا قبرستان سنڌ جي صدين جي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي ۽ ان تي سائنسي انداز سان کوجنا ٿيڻ کانپوءِ ماضيءَ جا ڪيترائي ورق، وَرائجي پوندا.

    سونڊا قبرستان ۾ موجود سموريون قبرون هيڊي پٿر مان ٺاهيون ويون آهن. اهو پٿر قبرستان جي اولهائين ۽ اوڀارين پاسي موجود ٽڪرين تان آندل ٿو ڏسجي. جيتوڻيڪ اهو پٿر نهايت مضبوط آهي، پر لاڳيتن بارشن ۽ سان وهندڙ سنڌو درياءَ جي ڪري پيدا ٿيل سم، ڪلر ۽ سيڪ جي ڪري ڪافي قبرن جو اِهو پٿر گهڻي حد تائين ڳَري چڪو آهي، خاص ڪري اهو پٿر گهڻو متاثر ٿيو يا ڳَري پيو آهي، جيڪو بنا پليٽ فارم وارين قبرن ۾ ڪتب آندو ويو آهي.

    سمورين قبرن جي بناوٽ چوڪنڊي طرز جي آهي. اهڙي قسم جون قبرون ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ تي پراڻن قبرستانن ۾ يا ڪراچيءَ جي ڀر وارن، بلوچستان جي علائقن ۾ موجود آهن، انڊين سول سروس جي آفيسر مسٽر ڪارٽر، اهڙن ويهارو کن قبرستانن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ هڪجهڙيون قبرون آهن. خاص طور تي جهرڪ شهر جي ٻاهران موجود قبرستان، لطف الله لاکي پير جو قبرستان، ٺٽي ۽ ڪينجهر جي وچ تي موجود پليجاڻي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ موجود چوڪنڊيءَ جو قبرستان، بلوچن جو قبرستان ۽ بلوچستان ۾ حب نديءَ جي ڪناري تي موجود قبرستان جون قبرون اڏاوتي لحاظ کان صفا هڪجهڙيون آهن.

    هينري ڪزنس لکي ٿو ته ”عين ممڪن آهي ته ايشيا مائنر مان ڪن لاڏائو قبيلن اهڙي قسم جي اڏاوتن جو تعارف ڪرايو هجي. اهو ئي سبب آهي جو انهن سڀني قبرستانن جي قبرن جون هڪجهڙيون اڏاوتون ملن ٿيون. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته قبرن جي اڏاوت جو اهڙو نمونو ايرانين کان نقل ڪيو ويو هجي. ايران جي مرغاب ماٿريءَ ۾ سا مبس جي پٽ سائرس جي قبر به ائين ٺهيل آهي، ڄڻ سونڊا قبرستان جي ڪا قبر هجي“

    سونڊا قبرستان ۾ موجود قبرن جي خاص ڳالهه اِها آهي ته انهن جي اڏاوت اُڀيچڙي ڪيل آهي. اهي قبرون گهڻي ڀاڱي سالم حالت ۾ آهن. انهن قبرن جا هيٺيان ۽ پڇاڙيءَ وارا پٿر ونگن نموني سَٿيل آهن، جن مان اندرئين زمين جو مٿاڇرو چِٽيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته قبرن ۾ لاش پوري باقي اڏاوت پوءِ ڪئي وئي هوندي.

    مرداڻين قبرن کي مٿن واري پاسي کان هڪ ننڍڙو ٺُلهه يا بُونبو ٺهيل آهي. دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته اهي سڀئي ننڍڙا ٺُلهه يا بُونبا مختلف ڊزائنن ۽ سائيزن جا ٺهيل آهن. ان جاءِ تي اِهي فوتيءَ جي پَڳ رکڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن يا وري حقيقت ۾ پڳ جي بدران ئي استعمال ڪيا ويا آهن. اهي ننڍڙا ٺُلهه حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي قبرن وارن ٺُلهن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا. انسائڪلو پيڊيا برٽانيڪا جي ”قبرستان“ واري باب ۾ لکيل آهي ته ”اهڙي قسم جا نننڍڙا ٺُلهه تُرڪ مسلمانن جي قبرن تي سنگ مرمر جي پٿر مان ٺاهي لڳايا ويندا آهن. ڪجهه تُرڪن جي قبرن تي وري پڳ جي تصوير اُڪريل هوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن قبر تي کجيءَ جو ڦَرهو اُڪريل هوندو ته اها ڪنهن عورت جي قبر سمجهي ويندي آهي“

    هينري ڪزنس پڻ لکي ٿو ته ڪجهه ٻين مسلمانن جي قبرن جي مٿان، مَٿن واري پاسي تي ننڍڙن ٺُلهن يا بُونبن جا نشان ڏٺا ويا آهن، جن مان اهو ظاهر ڪيو ويندو آهي ته مرڻ وارو جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو آهي يا وري ڪنهن وڏي حيثيت وارو ماڻهو آهي.

    سونڊا قبرستان ۾ اڪثر قبرن کي پٿر جي داٻڙن سان چوڦير بند ڪيو ويو آهي. صديون گذرڻ جي باوجود به اهي داٻڙا اڃا ڏاڍا بيٺا آهن. هڪ ٻي اهم ڳالهه اها ته لڳ ڀڳ سڀني قبرن جي مَٿن کان اڻ گهڙيل پٿر اُڀا ڪري رکيا ويا آهن انهن اُڀن پٿرن جي ڊيگهه چئن کان اَٺ فوٽ آهي ۽ جڏهن ته ويڪر اَڌ فوٽ کن آهي.

    اها اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته هن قبرستان ۾ موجود هر هڪ قبر جي ڊيزائن هڪٻئي کان مختلف آهي. ٿورو گُهمي ڏسبو ته هزاري ڊزائنون نظر اينديون. پٿرن تي مختلف ڊزائنن جي اُڪر ان دور جي ڪاريگرن جي مهارت ۽ ذوق جي ساک ڀري ٿي. گول دائرا، گلڪاري، چوڪنڊن واريون ڊزائنون ۽ اُڪر جا ٻيا اَڻ ڳڻيا نمونا، هن قبرستان ۾ موجود قبرن کي نهايت سهڻو بڻائين ٿا.

    برطانوي دور ۾ قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر ووگيل هن قبرستان جو تفصيلي دورو ڪيو هيو. پاڻ قبرن جا نقشا به ڪڍيا هئائين ۽ تصويرون به ورتيون هئائين. قبرن تي ٿيل اُڪر ۽ چترڪاريءَ جي نمونن بابت سندس راءِ آهي ته ”اِها اُڪر ننڍي کنڊ ۾ موجود ٻين قبرستانن جي قبرن تي ٿيل اُڪر کان گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ نئين ۽ سڌريل نظر اچي ٿي. اها اُڪر ڏاڍي منفرد ۽ حيران ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ قبرن جي بيهڪ به عجيب آهي ڇو ته انهن قبرن ۾ چوٽيءَ تائين ڏاڪا ٺاهيا ويا آهن“

    عورتن جون قبرون وڻندڙ نقش و نگارن سان سينگاريون ويون آهن. گڏوگڏ انهن قبرن مٿان مختلف زيورن جي شاندار اُڪر ٿيل آهي. خاص ڪري ڪنگڻ، جهومڪ ۽ پيرن جون ڪَڙيون گهڻو واضع نظر اچن ٿيون. ان کان سواءِ عورتن جي قبرن تي رکيل پٿر جي داٻڙن تي تمام گَهري قسم جي ٽُڪ ٿيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هينري ڪزنس وڏي فخر سان پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ لکيو آهي ته ”ٺٽي ضلعي ۾ موجود ٻين قبرستان ۾ عورتن جي قبرن تي ٿيل ٽُڪ جي ڀيٽ ڪري ڏسو. اها ڪچي ڦِڪي نظر ايندي. شايد اها پراڻي ڪم جي هروڀرو گهٽتائي نه هجي، پر گهٽ مزدوريءَ جي سبب ائين ٿيو هوندو. البته سونڊا جي قبرستان ۾ موجود عورتن جي قبرن تي ٿيل ٽُڪ جو ڪم ته لاجواب آهي“

    اڪثر عورتن جي قبرن جي چوٽيءَ تي ليٽيل ڊگها پٿر رکيل آهن، جن کي جانڊلَ چيو ويندو آهي. انهن جانڊل پٿرن جي ڇيڙن ۾ وري کانچا آهن. سمجهي نه ٿو سگهجي ته آخر اهي کانچا ڇو ٺاهيا ويا آهن.

    ڳچ قبرون وري ٺُلهن تي بيٺل رانڪن هيٺان آهن. اهڙي قسم جون قبرون مڪليءَ جي قبرستان، لاکي پير جي قبرستان ۽ سکر ۾ موجود معصوم شاهه جي قبرستان ۾ ڏسجڻ ۾ اچن ٿيون. انهن قبرن جي ٺُلهن تي پڻ وڻندڙ نقش و نگار ڪڍيا ويا آهن. اڪثر ٺُلهه قبرن کان هيٺ ڪِري پيا آهن. انهن ٺُلهن جون سائيزون ۽ ڊزائنون هڪٻئي کان گهڻو مختلف آهن.

    ڪجهه قبرن تي جنگي گهوڙيسوارن يا سپهه سالارن جي ٽُڪ ٿيل آهي. ڍالن ۽ تلوارن جي پڻ اُڪر ٿيل آهي. هڪ قبر تي وري هڪ سپهه سالار کي تير ۽ ڏَڦو هڻندي ڏيکاريو ويو آهي. قبرن تي موجود جنگي گهوڙي سوارن جي ٽُڪ، هماليا ماٿريءَ ۾ موجود قبرستانن ۾ پڻ ٿيل آهي. ناليوارو آرڪيالاجسٽ مسٽر برجس پنهنجي مشهور ڪتاب Antiquities of kachch and kathiawar ۾ لکي ٿو ته ”ڪاٺيا واڙ ۾ ڪجهه قبرستان اهڙا به آهن، جن ۾ موجود قبرن تي ٽُڪ وسيلي ڪاٺيا واڙي جوڌن کي پنهنجا نيزا مٿي جي مٿان سڌي نموني اڀو جهليندي ڏيکاريو ويو آهي. سندن گهوڙن کي هڪ پير زمين مٿان کڻندو هلندي ظاهر ڪيو ويو آهي“

    جيئن ته ڪاٺيا واڙ ۾ موجود اِهي قبرستان، سونڊا جي قبرستان کان گهڻو اڳ جا آهن، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته عين ممڪن آهي ته جنگي جوڌن جي ٽُڪ جا نمونا، ڪاٺيا واڙ جي نمونن تي ٺاهيا ويا هجن. جڏهن ته 31 مارچ 1919ع تي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا پاران هندستان جي اولهائن علائقن جي قديم آثارن بابت جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ”سونڊا قبرستان ۾ موجود گلڪاريءَ ۽ اُڪر جا نمونا، سنڌي ڪاريگرن جي مهارت ۽ ذوق جي عڪاسي ڪن ٿا“انهن مختلف ڊزائنن ۽ نمونن کان علاوه ڪجهه قبرن تي وري ڪلمو پاڪ پڻ لکيل ملي ٿو، جيڪو ڪوفي رسم الخط ۾ آهي.

    سونڊا قبرستان ۾ مختلف هنڌن تي پليٽ فارم ٺهيل آهن. انهن پليٽ فارمن تي جيڪي قبرون ٺهيل آهن، تن جو تعداد به مختلف آهي. ڪن پليٽ فارمن تي رڳو ٻَه قبرون موجود آهن. ڪِنِ تي ٽي قبرون، ۽ ڪِنِ تي وري چار قبرون ۽ ڇهه قبرون موجود آهن. اهي قبرون مناسب وِٿيءَ سان هڪٻئي کان ڌار ڪيون ويون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني قبرن تي ٿيل ٽُڪ جو ڪم گهڻو نرالو ۽ هڪٻئي کان صفا مختلف نمونن وارو آهي. اهڙي قسم جون پليٽ فارم قبرون ڪراچيءَ ۾ واقع چوڪنڊيءَ جي قبرستان ۽ بلوچن جي قبرستان ۽ جهرڪن ڀرسان لاکي پير جي قبرستان ۾ پڻ ملن ٿيون. انهن پليٽ فارمن جي اوچائي ڏهن کان ٻارهن فوٽ آهي.

    هڪ قبر تي مستي لاشاري بلوچ پڻ لکيل آهي. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سونڊا قبرستان ۾ دفن ٿيل وڏي اڪثريت لاشاري بلوچن جي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اِتي لاشاري بلوچن جي ٻئي ڪنهن قبيلي سان جنگ لڳي هجي ۽ کين اتي ئي دفنايو ويو هجي. پر سنڌ جي حوالي سان لکيل تاريخ جي ڪتابن مان اهڙو ڪوبه ڏَس پنڌ ڪونه ٿو ملي.

    جڏهن ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي شروع ۾ سرهيزي ڪزنس هتي آيو ته هي گنبذ وارو ڇڄهرو ڪجهه بهتر حالت ۾ هيو. پاڻ لکي ٿو ته ”قبرستان جي اتر. ڏکڻ واري ڇيڙي تي گنبذ وارو هڪ ڇڄهرو ٺهيل آهي، جنهن ۾ هالا جي ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. دروازي تي ڪاٺ جي زبردست اُڪر ٿيل آهي ۽ ان جي سَرِ دَرَ جي مٿئين خاني ۾، فارسيءَ جي ڪا لکت موجود آهي. ان جي ڀرسان ٺُلهن تي رانڪون آهن، جن جي هيٺان اَٺ قبرون آهن. مٿن پٿر جي ٽُڪَ، ٺٽي ۾ مرزا عيسيٰ خان تُرخان جي مقبري جهڙي آهي.“

    پر وقت گذرڻ سان گڏ هن گنبذ واري ڇڄهري جي حالت پهرين جهڙي نه رهي آهي. ڇڄهري جو گول گنبذ سفيد آهي ۽ ان تي چوني جو ليپ ڪيو ويو آهي.

    سونڊا قبرستان نه رڳو تاريخي طور اهم آهي، پر پٿر جي اُڪر وسيلي جيڪي اُهڃاڻ ڇڏيا ويا آهن، سي سنگتراشيءَ واري فن ۾ پنهنجو هڪ ڌار مقام رکن ٿا.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هن قبرستان بابت معلومات ڏين جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو