ڏينهن به تنهنجو رات به تنهنجي منهنجي ڪهڙي ذات به تنهنجي جيڪا مولا پاڪ ڏني آ مونکي! سائي ڏات به تنهنجي نيڻن واري بوندا باندي يادن جي برسات به تنهنجي صبح سٺي جا روشن ڪرڻا پرھ ڦٽي پرڀات به تنهنجي مان ته مٽي جو ماڻهون سائين منهنجي ڇا! اوقات به تنهنجي جاويد جيڪو اڄ مان آهيان مون وٽ سا سوغات به تنهنجي جاويد نواز