غلام مصطفيٰ سولنگي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي موجود ۽ هڪ وڏيءَ ايراضيءَ تي پکڙيل وارياسو پٽ ٿر، مختلف ثقافتي رنگن سان ڀريل دنيا جو هڪ جيئرو جاڳندو عجائب گهر آهي، هونئن ته ڌرتي جي گولي تي ڪيترائي رڻ پٽ يا ريگستان موجود آهن. جهڙوڪ چين جو گوبي رڻ پٽ، مصر جو صحرائي سينا، سعودي عرب جو ڪارب الخالي، ايران جو دشت لوط ۽ اتر آفريقا جو ريگزار صحرا واريءَ جي ڌڙن ۽ ڌٻڻين وارن انهن سوين ميلن تي پکڙيل انهن وارياسن پٽن ۾ نه ماڻهو هن ۽ نه ئي وري ڪي ٻيا ساهدار، پر ٿر دنيا جو اهو اڪيلو وارياسو ميدان آهي، جيڪو صدين کان مختلف مذهبي ۽ ثقافتي پس منظر رکندڙ ماڻهن ۽ جهنگلي جيوت کي پنهنجي ڪشادي هنج ۾ پناهه ڏيندو پيو اچي ۽ جنهن سنڌ جي صدين جي گهڻ رخي تاريخ جا ورق پنهنجي هٿن سان ورايا آهن، هي اهو ئي ٿر آهي، جنهن سنڌ جي قديم ۽ جديد ادب ۽ شاعريءَ تي پنهنجي اڻ کٽ فطري ۽ ثقافتي دلچسپين ۽ بي مثال سونهن جي ڪري گهرا اثر ڇڏيا آهن. ٿر گرم ۽ ساڙيندڙ جهولن ۽ لُڪن جو علائقو آهي ۽ جڏهن وري سارنگ سانگ ڪندو آهي ته پوءِ واريءَ جا دڙا ۽ ميدان ساوا ۽ سرها ٿي ويندا آهن.چيو وڃي ٿو ته لفظ ” ٿر“ سنسڪرت جي لفظ ” سٿل“ مان ورتل آهي. جيڪو ڦري پوءِ وري، ” ٿل“ ٿيو يعني ” خشڪ زمين“ ۽ ان جو ضد آهي جل معنيٰ ”پاڻي“ ٿر جي جاگرافيائي بيهڪ کي ڏسي لڳي ٿو ته هتي پاڻي هوندو هو، جيڪو هوريان هوريان سڪندو خشڪ ٿي ويو ۽ نيٺ وارياسو پٽ ٿي ويو ۽ پوءِ ان وارياسي پٽ تي ڪيتريون ئي وسنديون ۽ واهڻ آباد ٿيا، جن ۾ تهذيب، ثقافت ۽ تمدن جا انڊلٺي رنگ ڦٽي نڪتا. ٿر جي سيني تي موجود پراڻا آثار هر هنڌ پکڙيل آهن، جيڪي ٿر جي شاندار ماضيءَ جو ڏس ڏين ٿا. اٺين صدي عيسويءَ تائين ٿر مان هاڪڙو درياهه وهندو هيو، جيڪو ڪڇ جي ويجهو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو، هاڪڙي درياهه ڪري سمورو ٿر سائو ستابو هوندو هيو. پر چوڏهين صدي عيسويءَ ڌاري وڏين ٻوڏين اچڻ ڪري ۽ سنڌو نديءَ جي اولهه طرف رخ ڦيرائڻ ڪري هاڪڙو درياهه خشڪ ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن ۽ چوپائي مال جي زندگيءَ جو دارو مدار برساتن تي ٿي پيو ۽ اها چوڻي وجود ۾ آئي ته، ” وٺو ته ٿر، نه ته بر.“ ٿر ۾ دراوڙي دور جا آثار پڻ موجود آهن، جن جو مهاڀارت ۾ پڻ ذڪر آيل آهي، سڪندر اعظم ٿر مان لنگهيو هيو ۽ سلطان محمود عزنوي سومناٿ کان ٿيندو جڏهن ملتان ٿي ويو ته ڪجهه ڏينهن ٿر ۾ گذاريا هئائين. هندستان جي بادشاهه همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کاڌي ته هو سنڌ جي مختلف علائقن مان ٿيندو جڏهن عمرڪوٽ پهتو ته اتي سندس گهرواريءَ حميده بيگم کي اڪبر پٽ ڄائو، جيڪو پوءِ وري هندستان جو مشهور بادشاهه ٿي گذريو، مشهور ترڪ امير البحر سعدي علي رئيس هن علائقي مان گذرندو واپس قسطنطنيه پهتو. هن علائقي تي سومرن، ڪلهوڙن، ارغونن، ترخانن ۽ ٽالپرن جي حڪومت پڻ رهي.ٿر ۾ قديم تاريخي ماڳ ۽ انهن جا آثار به ڪافي تعداد ۾ ملن ٿا، جهڙوڪ: ڪاهوءَ جو دڙو، جيڪو اڍائي هزار سال اڳ ائين وسندڙ شهر هيو، جيئن پنج هزار سال اڳ موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جي دڙي مان ٻڌ دور جا مجسما ۽ ٻيون شيون مليون آهن. هتي هندن جا ڪيترائي تاريخي آستانا آهن، جن ۾ سار ڌرو ۽ راما پير گهڻو مشهور آهن. ٿر ۾ پاري نگر جا کنڊرات پڻ موجود آهن. پاري نگر ڪنهن زماني ۾ هتان جو مشهور بندرگاهه هيو، مارئيءَ جو کوهه، جيڪو ڀالوا ۾ آهي، پڻ هڪ تاريخي ماڳ آهي. جين دور جو هڪ مندر، جيڪو ” گوڙيءَ جي مندر “ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، پنهنجي قدامت ۽ سنگمرمر توڙي رنگين نقش و نگاريءَ جي ڪري گهڻو مشهور آهي. ان کان سواءِ هتي ڀو ڏيسر جي مسجد پڻ آهي، جيڪا گجرات جي والي سلطان محمود بيگڙيءَ ٺهرائي هئي، هتي اسلام ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ جهڙا شهر پڻ موجود آهن. جتي ميرن جي دور ۾ حفاظتي ڪوٽ ٺهيل هئا. مٺيءَ جي شهر ۾ پڻ ان دور جي هڪ ڪوٽ جا آثار ملن ٿا هن وقت نئون ڪوٽ جي قلعي کان سواءِ ٻين جا نشان ئي وڃي باقي بچيا آهن. عمر ڪوٽ کي ٿر گيٽ وي چيو وڃي ٿو. عمر ڪوٽ کي امر ڪوٽ به چيو ويندو آهي. هر دور ۾ هن قلعي تي قبضو ڪري مختلف بادشاهه پاڻ کي دفاعي لحاظ کان مضبوط ڪندا پئي آيا.امر ڪوٽ، امر سنگهه سوڍي جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي دور ۾ نهايت بهادر راجا هيو ۽ سومرا دور ۾ جڏهن عمر سومري هن ڪوٽ کي ساڳين بنيادن تي ٻيهر جوڙايو ته ان جو نالو عمرڪوٽ پئجي ويو. هي اهو عمر سومرو هيو، جنهن ملير جي مارئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي ان کي کوهه تان پاڻي ڀرڻ وقت کڻي آڻي ڪوٽ ۾ رکيو، پر شادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ کيس پنهنجي مائٽ ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو.عمرڪوٽ ۾ اوڌپور جي راجا پرتاب سنگهه پناهه ورتي هئي ۽ نادر شاهه جي خوف کان ميان محمد ڪلهوڙي اچي سرلڪايو، مگر نادر شاهه جي پهچڻ وقت ميان صاحب سندس پيش پيو، سيد احمد شهيد بريلوي پڻ هتان گذريو هيو. ڊاڪٽر جيمس برنس مطابق ٽالپر حاڪمن پنهنجا خزانا هن قلعي ۾ لڪايا هئا. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن سنڌ پرڳڻي کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ورهائي ڇڏيو، ٿر وارو علائقو حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ وري 1882ع ۾ ٿر جي سمورن علائقن کي ڳنڍي هڪ ضلعو ٺاهيو ويو، جنهن جو نالو ”ٿرپارڪر“ رکيو ويو ۽ عمر ڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو ويو. 1906ع ۾ ضلعي جو هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ مان منتقل ڪري ميرپورخاص ۾ آندو ويو، پهرين جولاءِ 1990ع تي ٿر کي ڌار ضلعي جي حيثيت ڏني وئي، جنهن جي ڪل ايراضي 21589 چورس ڪلو ميٽر آهي. جاگرافيائي لحاظ کان ٿر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: 1-کائر جو ٿر 2- پائر جو ٿر کائر جو ٿر کپري تعلقي جو هٿونگي ڳوٺ کان ڇاڇري جو پاسو وٺي هندستان جي جيسلمير تائين وڃي دنگ ڪري ٿو. کنيائون کائر ڏي، ساري هاج هنيا، لاهي لڏ لطيف چئي، پرئين ٿر ٿيا، ڇڏي ڳڻ ويا، ماروئڙا ملير ۾ (شاهه) کائر جي ٿر ۾ راٺوڙ قبيلي جا ماڻهو رهندا آهن. سندن گذر سفر جو ذريعو هٿ جا هنر آهن. راٺوڙ رڍون جام پاليندا آهن، تنهنڪري وٽن پشم جام ٿئي، جنهن مان شالون ٺاهيندا آهن، جيڪي تمام گهڻيون گرم ٿينديون آهن، ٿر جو ٻيو ڀاڱو ” پائر جو ٿر“ سڏجي ٿو. ڍٽين، پٽين ڍير، مهين ماروئڙن جا، ”پائر“ سڀ پچي پيو، گهر گهاريندي ڪير، ڪوٺين لڳن ڪير، محلين منجهي مون هنيئون. (شاهه) هي ڀاڱو رڻ ڪڇ کان هلي ڪارونجهر جبل تائين وڃي ٿو. هن ڀاڱي ۾ مالون ماڻهو رهن، جيڪي اٺ، ٻڪريون ۽ ڳئون پالي پيٽ گذران ڪندا آهن. وٽن گيهه، مکڻ ۽ لسي جام ٿئي. ٿر جي آبهوا اونهاري ۾ گرم ۽ سياري ۾ سرد هوندي آهي، واريءَ جي ڪري ڏينهن گرم ۽ راتيون وري ٿڌيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ گرمي جو درجو 50 درجا سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي.ٿر جو دارومدار برسات تي آهي، پر بدقسمتيءَ سان هتي بارش تمام گهٽ ٿيندي آهي. ڪڏهن ته سالن جا سال بارش نه پوڻ ڪري ڏڪار واري حالت ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي بئراج واري علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا آهن.جهڙيءَ طرح سمنڊ جون لهرون ڏکڻ – اوڀر طرف هلنديون آهن، اهڙيءَ طرح ٿر جون ڀٽون به سامونڊي لهرن وانگر ٺهنديون آهن. ٿر جي ماڻهن انهن ڀٽن کي نالا به ڏنا آهن. جهڙوڪ: لوڻڪي ڀٽ، ڍوڪائي ڀٽ، جهرڪي ڀٽ، ڪڪر ڀٽ، سنهيا ڀٽ، ٻانهياري ڀٽ، سونهياهه ڀٽ، هاڏاري ڀٽ، ڪسل ڪوٽ ڀٽ، ڪيري ناٿ ڀٽ، سانڏهور ڀٽ، جهونڊ ڀٽ، سامي ڀٽ، ماريءَ واري ڀٽ، ڪوهراڙي ڀٽ، سماچار ڀٽ، گولا ڀٽ، ڪانڪهه ڀٽ، عالم سرڀٽ وغيرهه گهڻو مشهور آهن. پر انهن مان ڪيل ڀٽ ٿر جي وڏي ۾ وڏي ڀٽ آهي. جنهن جي بلندي 550 فوٽ ٿيندي. اهڙيءَ طرح انهن ڀٽن مان ڪيترائي لڪ آهن. جتان آمد و رفت جاري رهي ٿي. انهن مان پهريون گاڏيءَ وارو لڪ آهي، جيڪو نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي آهي ۽ جنهن مان پڪو روڊ ڪراس ڪري ٿو. اونڌيو لڪ، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جي رستي تي آهي، ان کان سواءِ مور لڪ، اٺ لڪ، ڪاسائي لڪ، ٿوهرن وارو لڪ، اساٻو لڪ، موڙو لڪ، ڦيلڻو لڪ، ڏيڏ يولڪ، ٽهروئو لڪ، لاڪوڙي لڪ، ڊاڀي جو لڪ، سڦوران لڪ ۽ ڀوچاسر لڪ گهڻو مشهور آهن. ٿر ۾ جيڪي ڀٽون موجود آهن، سي وري مختلف شڪلين جون ٿين. اهڙيءَ طرح مٿانئن نالا به جدا جدا رکيا ويا آهن، جهڙوڪ: ڀٽ، دڙو، مٿاري، تڙڪول، گوڇار، ٻڪڙ، پوڇانڊو، ٽونڪ، مڇ، ڳارو، نوڻ، پاساڙو، ٺاڪو، مگرو، دٻو پاج، لينجهه، ڏرڙو، ڳاٺوڙ، لانجهو وغيره.ٿر ۾ زندگيءَ جي جياپي جو دارو مدار پاڻيءَ تي آهي، جيڪو کوهن مان حاصل ڪيو ويندو آهي. اهي کوهه 300 فوٽن تائين به اونها هوندا آهن. ٿر ۾ سنڌ جي ٻين ڀاڱن وانگر، کوهن جي ماپ فوٽن بدران ” پرهه“جي حساب سان ڪئي ويندي آهي. هر ” پرهه“ ۾ ٽي فوٽ هوندا آهن. هونئن ته سڄي ٿر ۾ اونها کوهه موجود آهن، پر ڇاڇري تعلقي ۾ کوهه وڌيڪ اونها ٿيندا آهن، جن مان ڪجهه کوهن جي ماپ ته 60 پرهه کان به وڌيڪ هوندي آهي. اهڙن کوهن کي ساٺيڪا سڏيو ويندو آهي.روهيڙو، ڪونڀٽ ۽ کٻڙ ٿر جا اهم وڻ ليکيا وڃن ٿ. روهيڙي جو ڪاٺ ڏاڍو مضبوط ٿيندو آهي، جنهن مان اعليٰ درجي جو فرنيچر ٺاهيو ويندو آهي. ڪونڀٽ مان نه رڳو قيمتي ڪاٺ پر هڪ خاص قسم جو کنور پڻ ملندو آهي، جيڪو ڪيترين ئي دوائن ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. کٻڙ جا وري ٻه قسم ٿين ٿا. هڪ کارو کٻڙ ۽ ٻيو مٺو کٻڙ، کاري کٻڙ جا پيرون کارا ۽ مٺي کٻڙ جا پيرون مٺا ٿيندا آهن، ٿر ۾ کٻڙ کي ساڏوهي پڻ چيو ويندو آهي. تن ساڏوهين، سڌ مران، ڏنگا جنين ڏار، ڀڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان. (شاهه) ٿر جا ڳوٺ ۽ وستيون نهايت سهڻا ٿيندا آهن. ٿري ماڻهن جي گهرن کي ” چنئورو“ سڏبو آهي. چنورو گول ڪکائين ديوار تي ٺهيل هوندو آهي ۽ سندس ڇت گول چوٽياري هوندي آهي. منجهس هوا جي گذر ۽ برسات کان بچاءَ جو خاص بندوبست رکيل هوندو آهي. ڪٿي وري لانڍيون ۽ منهه به ٺاهيا ويندا آهن. مکيه شهرن، خاص ڪري مٺي، عمرڪوٽ، ڏيپلو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري ۽ چيلهار ۾ پڪا گهر ٺهيل آهن. ٿر جو هڪ ڳوٺ ويڙهي جهپ (نئون ڪوٽ – ڏيپلو روڊ تي آهي) خوبصورتيءَ جو هڪ لازوال نمونو آهي. هن ڳوٺ کي چئني پاسن کان ڀٽن جو اجهو آهي ۽ اندر زمين پٿرائين آهي. کاروڙيا کڻي، ويڙهي جهپ ويا، سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هت هيا، ڏيهي ڏور ٿيا، ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي، (شاهه)