جذبن جي خودڪشي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    آءُ پنهنجي دوستن وٽ ويٺو هئس ته هو گهري سوچ ۾ گم هو. مون پڇيو مانس ته ڀاءُ اصغر خير آهي اڄ ڪهڙين سوچن ۾ پئجي ويو آهين؟ چيائين يار ڪهڙيون ڳالهيون پڇين ٿو؟ اڄ آءُ بابا سان گڏ فروٽ مارڪيٽ ويو هئس اتي ميوي جي دڪان تي هڪ غريب پوڙهي ننڍي ٻار سان گڏ آئي ۽ اهو ننڍڙو ٻار روئي رهيو هو، چيائين ٿي ته ”ڏاڏي مون کي صوف ۽ ڪيلا وٺي ڏي“ پوڙهي صوفن تي هٿ رکي دڪاندار کي چوڻ لڳي ته ” ابا هي ڪيئن ڏيو ٿا؟“ ته فروٽ وڪڻندڙ پوڙهي کي چوڻ لڳو ته صوف تنهنجي وٺڻ کان مهانگا آهن ان کان پوءِ پوڙهي انگورن ۽ ڪيلن تي هٿ رکي پڇڻ لڳي پر دڪاندار ان کي دڙڪو ڏئي چوڻ لڳو ”پوڙهي مٿو کائي ويئي آهين توکي چيم نه ته فروٽ تنهنجي وٺڻ کان مٿي آهن، هل هتان، ماڳهين ٻيا گراهڪ ٿي وڃائين“ پوڙهي اداس اکين سان ڏسندي هلي ويئي پوڙهي جي وڃڻ کان پوءِ مون سوچيو ته هن سماج ۾ ڪيڏي نه غربت آهي جو غريب ماڻهو پنهنجون خواهشون رڳو رقم پُڇي پوريون ڪن ٿا. ڇا غريب ماڻهن جا احساس ۽ جذبا نه آهن؟ ڇا هو نه چاهيندا هوندا ته اسين سٺا کاڌا ۽ فروٽ کائون؟ پر غربت ڪري انهن جا اهي ”خواب اڌورا“ رهجي ويندا آهن منهنجي دل چاهيو ته آءُ پنهنجي پيءُ کي چوان ته ان غريب پوڙهي کي فروٽ وٺي ڏئي، پر مناسب نه سمجهيم ته متان بابا ڪاوڙجي پوي ۽ چئي ته تنهجو ڇا وڃي جڳ سان؟ ان ڳالهه تي آءُ اداس آهيان ته هاڻي ڇا ڪريان؟ دوست جي اها ڳالهه ٻڌندي منهنجو جيءُ جهري پيو ۽ دوست کي چوڻ لڳس”ڪاش! تون پنهنجي پيءُ کي چئين ها ته شايد هو پوڙهي جي ٻار کي فروٽ وٺي ڏئي ها يا وري تون پنهنجي فروٽ جو حصو ان غريب ٻار کي ڏين هان، جيڪو تنهنجي وس“۾ هو اهو تون ڪرين ها، تون پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خواهشن جو قتل عام ڪيو آهي جيستائين اهو منظر تنهنجي ذهن ۾ ايندو رهندو ته تنهنجو”ضمير توکي ملامت“ ڪندو رهندو، ڄڻ ته تون پنهنجن ”جذبت جي خودڪشي“ ڪئي آهي.

    پيارا ٻارو! منهنجي اوهان کي هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته ”غريب ۽ يتيم ٻارن“ جي خدمت ڪريو، راند روند ۽ کاڌي پيتي ۾ غريب ٻارن کي شامل ڪريو، اسان جي ان عمل سان الله سائين راضي ٿيندو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين عزيز قاسماڻي، هڪ هنڌ لکيو آهي ته ، غربت وڏي ڳار آهي، واقعي جيڪڏهن ڪو غريب ڪنهن چيز جي وٺڻ جي خواهش ڪري ٿو پر هن مانگهائي واري دور ۾ اها چيز غريب جي وٺڻ کان چڙهيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو