نمن جو شهر اسلام ڪوٽ ڪنهائي آسناڻي قدرت ٿر کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي ضلع ٿرپارڪر جي ڏاکڻي پٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڳوٺ نسبتن وڌيڪ وڻڪار وارا ۽ جهنگلي جيوت جو ڏيک ڏيندڙ آهن، هن وقت سڀ کان وڌيڪ درپيش ايندڙ مشڪلاتون هر ٻي سال ڏڪار، موسمي تبدليون، بي مدائتيون ۽ اڻ پوريون برساتون۽ انهن جو وقت سر نه پوڻ، ڪوئلي جي کاڻين ۽ کوٽائي سبب ترقي ڏانهن وڌندڙ وک جي ڪري تبديل ٿيندڙ ٿر جي ڳوٺن جي صورتحال اسان سڀني لاءِ نياپو ڏئي ٿي ته قدرت جي رنگين انيڪتا سان سرشار تبديل ٿيندڙ ٿر جي حُسن کي ڪئين بچايون ۽ قدرتي نظام سان واڳيل شين کي همٿايون نمن جو شهر اسلامڪوٽ جيڪو ٿر جو ٻيو نمبر مرڪزي شهر واپار، ڏيتي ليتي، ڪاروباري جوڙ جڪ ۾ هن وقت سڀني کان اڳڀرو آهي. سياسي سماجي طور تي هن شهر کي خاص اهميت آهي، هتان جا شهري ۽ ڀر پاسي جا ڳوٺاڻا مهمان نواز، سادي ۽ خوش طبعيت وارا آهن، هن شهر جا اصل رهاڪو، بجير،خاصخيلي، ڪنڀار، لوهاڻه، ميگهواڙ،ڪولهي، ڀيل سوٽهڙ، مهاراج، نائي آهن. جن هميشه ذات پات کان بالاتر ٿي ٿر ۽ اسلام ڪوٽ واسي واري سڃاڻپ سان پنهنجو پاڻ کي مختلف ڪردارن سان پيش ڪيو آهي. اسلام ڪوٽ جي شهر جي ماضي ڏانهن نظر وجهبي، جڏهن روڊ رستا، بجلي، ٽيلفون، ۽ اچڻ وڃڻ جي رستن جي سهوليت نه هئي، سفر جو واحد ذريعو اُٺ ۽ کيکڙا گاڏي هو، تڏهن ماڻهون اڙانگا سفر ڪري اسلام ڪوٽ پهچندا هئا، ۽ ٿر اسٽينڊ تي جهوپڙا هوٽلون نظر اينديون هيون، جتي مسافر ڪجهه وقت لاءِ ٿڪ ڀڃندا هئا، ۽ مشهور ڪاڪي کيتارام جي هوٽل تي کاٽيو ڊش ماني سان کائيندا هئا.جيڪو ذائقيدار ۽ سستو هجڻ سبب مسافر دلچسپي سان کائندا هئا. اسلام ڪوت واپار جو مرڪز هجڻ ۽ هتان جي شهرين جو آسپاس ڳوٺاڻن سان ڪاروباري لاڳاپا هجڻ ناتي اهڙي وقت ۾ جڏهن رهائش کاڌي پيتي جو ڪي معياري سهولتون نه هيون شهر واسين غريب نوجوانن کي پڙهڻ، رهائش جي جاين، هاسٽل جو بندوبست ڪري ڏيڻ، ۽ ذات پات جي وڇوٽي ختم ڪرڻ ۾ شهرين وڏو ڪردار رهيو. اڄ اهي نوجوان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ وڏن عهدن تي آهن.. انهي وقت سيٺ نهال چند جي اوطاق هر وقت مهمانن جي اوسئڙي ۽ آڌر ڀاءُ ۾ رهي. سياسي سماجي شخصيت سيٺ نهالچند مهمانوازي سان گڏ پنهنجون ذميواريون ٽائون ڪاميٽي اسلامڪوٽ جي چيئرمين طور بخوبي نڀايون. شهر جي صفائي سٿرائي سان گڏ پنهنجو پاڻ سماجي، سياسي فيصلن ۾ هروقت اڳڀرو رکيو، سندس خاص دلچسپي سبب اسلامڪوٽ کان ننگرپارڪر ويندڙ رستي جي ٻنهي پاسن ۽ شهر جي خاص هنڌن تي نمن جا وڻ پوکيا ويا. مڪمل سارسنڀال ڪئي وئي، انهن وڻن جو ڏيک اڄ به شهر جي خوبصورتي ۽ سٺي ماحول جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. انهي ڪم کي سندس پوٽي موهن لال راجا وڌايو جنهن جا حياتي جي دوران ڪيل ڪم ۽ خدمتون اسلامڪوٽ واسي اڄ به وساري نه سگهيا آهن. ساڳي ريت سيٺ ميٺارام لوهاڻه به مهمانواز طور پنهنجو پاڻ کي مڃرايو جنهنجو مثال سندس حياتي ۾ ٿر سمينار دوران 1992ع ۾ ننگرپارڪر ڏانهن دوي تي ويندڙ، اديبن، دانشورن، صحافين کي رستي تي سندس ڏانو ڌانڌل واري جاءِ تي کاڌي ۾ ٿر جا انيڪ ڊش ماني ۾ پيش ڪري ٿر سان محبت جو اظهارڪيو. انهي مهمانوازي واري ڪم کي اڄ به ننگرپارڪر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڳوٺ پورڻ واهه لڳ مشهور سيٺ ميٺارام بنگلي ۾ سندس پٽ گرڌاري سرانجام ڏئي رهيو آهي، ۽ سندس پوٽو ڪمل اسلام ڪوٽ ۾ سياسي سماجي طور اڳڀرو آهي. سيٺ ميٺارام جي مهمانوازي مان ڪيترائي ڪامورا ، چونڊيل نمائندا ، وزير ٿرپارڪر جي دوري دوران خوش ٿي ويا.سندس مهمانوازي جو ذڪر اڳوڻي ڊي سي ٿر پارڪر محترم عبدالقادر منگي صاحب پنهنجي ٿر متعلق لکيل ڪتاب ۾ ڪيو آهي. دنيا جي نقشي تي آبادي هڪٻئي ڌڪيندي آهي ۽ اصل شهر اڏيندڙ آباد ڪندڙ اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ٿيندا آهن اسلام ڪوٽ واسين سان هن وقت اها ساڳي حالت آهي ٻهراڙين کان ايندڙ لڏپلاڻ ڪري مختلف ذاتين ذاتين جي ماڻهن مختلف موقعا جهڙوڪ: سرڪار طرفان روڊ بجلي، ٽيليفون جي سهوليت کي مد نظر رکي اسلام ڪوٽ جو رخُ ڪيو ۽ شهر جي چوڌاري قبضا ڪري ڪڙو لڳايو اهو سلسلو گذريل ڏهن سان کان شروع ٿيو هن وقت عروج تي آهي اسلام ڪوٽ جو نقشو تبديل ٿي ويو. اسلام ڪوٽ ۾ داخل وقت جيڪا هاءِ اسڪول جو مين گيٽ پري کان ڏسڻ ايندو هو اهو، اهو مارڪيٽ جو مڪمل گهيري ۾ آهي، لڏپلاڻ ڪري ايندڙن مزوري، ڪاروبار جهڙوڪ ٽرانسپورٽ مال پڙي، مختلف شين جا دڪان، ٻارن جي تعليم۽ ڪوئلي جي مستقبل جي وڌند ڪاروبار جي موقعن کي ذهن ۾ رکي اسلام ڪوٽ جو رُخ ڪيو. شهر ڏانهن وڌندڙ آبادي زمين تي قبضن ۽ شهر جي پلاٽن جي قبضي دوران لِينڊ مافيا جي ڪيترائي دفعا اصل شهرين سان چڪريون ٿيون آهن جن مقامي ماڻهن ۾ ويڇا ۽ نفرتون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون، پر وقت به وقت هتان چونڊيل نمائندن مسئلاحل ڪرڻ لاءِ خاص طور تي رميش وانڪواڻِي MNA، مهيش ڪمار ملاڻي MPA جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن شهر ۾ ايندڙ غريب، بي پهچ ماڻهن، خاص طور مريضن، شاگردن ڏڪار دوران لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن لاءِ هن شهر ۾ سنت نيڻُورام آشرم هڪ خاص اهميت رکي ٿو.سنت نيڻُو رام جو تعلق لوهاڻه ڪمُيونٽي سان آهي جنهن پنهنجي حِياتي ۾ پنهنجي هٿ سان خيرياتي ڪم ڪيا، سندس پيروڪار آشرم ۾ ڪسرت، پکين کي داڻا، غريبن ماڻهن خاص طور مريضن ۽ شاگردن جي لاءِ هڪ ويلي ماني جو بندوبست، آشرم ۾ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ چانهه پاڻي بندوبست کان سواءِ مال لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست. ڀي جاري رکيو اچن. لڏپلاڻ دوران ٿر جا ماروئڙا ڪنهن ڪم سانڳي يا ڏڪاري حالتن ۾ سفر دوران پنهنجو ٿڪ اسلامڪوٽ ۾ آشرم جي ويجهو زمين تي ڪندا آهن، جتي آشرم انتظاميا کاڌ خوراڪ، ۽ مال لاءِ پيئڻ جي پاڻي ۾ مدد ڪندي آهي،. هن سڄي ڪم ۾ اسلام ڪوٽ واسين، ڪاڪي لڇمڻ ۽ خوشحال داس جو خدمتون سارهائڻ جوڳيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي به پکين جو ميڙ ڏسڻو آهي ته اهو منظر سج اڀرڻ سان آشرم ۾ ڏسي سگهجي ٿو جتي پکي پنهنجي اڃ ۽ بک اجهائيندا آهن، انهن پکين جو تعداد خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ وڌندو آهي جڏهن ڏڪاري حالتون هونديون آهن، ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ۾ ٻنين ۾ ڪو به فصل نه هوندو آهي، تڏهن پسگردائي وارا پکي آشرم جو رخ ڪندا آهن. سنت نيڻُو رام جو ميلو هر سال سيپٽمبر مهيني ۾ اسلامڪوٽ ۾ سندس سماڌ تي لڳندو آهي جنهن جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل اسلامڪوٽ واسي انهن ڏينهنن تي ڪوشش ڪري اسلامڪوٽ پهچندا آهن ۽خير جي ڪمن ۾ فراخدلي سان هٿ ونڊائيندا آهن. نمن جو شهر اسلامڪوٽ هن وقت پاڪستان جي ترقي ۾ مستقبل ۾ ملڪ جي معشيت مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم حثيت رکي ٿو. اسلامڪوٽ جي ڀرپاسي ڪوئلي کاڻين هجڻ، ان جي کوٽائي ، بجلي گهرن جي اڏاوت ۽ ان سان لاڳاپيل ترقياتي ڪمن جاري هجڻ سان ماروئيڙن کي مختلف اميدون ۽ خدشا نظر اچن ٿا. جنهن جو حل ۽ مطمئن ڪندڙ جواب اتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين/ ادارن واٽ به نه آهي.ڳوٺاڻن جي بحث هيٺ ايندڙ چند ڳالهيون · زمينن جو موافق معاوضو · لڏپلاڻ · پاڻي جي اڻاٺ · صحيت ۽ تعليم جو بحران. · چراگاهن، جهنگلي جيوت ۽وڻن جو اُجڙڻ · مقامي ماڻهن کي روزگار. · موقعن ۽ ملازمتن ۾ اڻبرابري. · ذهني ۽ روحاني لاڳاپا، جنم جو هنڌ، قبرستان، مزارن، مسجدن، مندرن وغيره. هتان جا چونڊيل نمائندا ڳوٺاڻن ۾ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ، انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ۽ ڪم ڪندڙ ڪمپنين، ادارن سان حڪومت جي ڪيل معاهدي واري پاليسي کي واضح ۽ چٽو ڪري پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪن. Kanhai_asnani@hotmail.com
سلام ڪوٽ ڪافي دفعا وڃڻ ٿيو آهي. اوهان بلڪ صحيح ٿا چئو. هن شهر جي خوبصورتي نظر اندازي سبب تباهه پئي ٿي ٿئي.
اسلام ڪوٽ ۾ منهنجو فقط هڪ دفعو ئي وڃڻ ٿيو، فيبروري 2014 ۾، ٿر ڪول فيلڊ وزٽ دوران، رات جو صادق فقير سان راڳ رهاڻ، ڪول اٿارٽي جي گئيسٽ هائوس ۾. اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو شهر (ٿر مان) مون کي ڏاڍو وڻندا آهن...... اُميد ته جلد اچڻ ٿيندو.
ادا اهو توڙي ٻيا جيڪي به مسئلا آهن هن فورم تي تِن جو حل هتي موجود آهي. هيٺين لنڪ تي ڏسو. هتي ڪلڪ ڪريو
ڪجه اسلامڪوٽ جون تصويرون سائين گورڌن ولاسائي صاحب رکيون هيون پر اڄ مان به ڪجهه اسلامڪوٽ جون تصويرون هتي شئير ڪيان پيو