• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوءَ آئي چنچل هوا جيئان...قاضي منير احمد

هوءَ آئي چنچل هوا جيئان
هوءَ آئي ميگهه ملهار جيئان
هوءَ آئي چيٽ بهار جيئان
هوءَ آئي برکها ڦُهار جيئان

هوءَ آئي هوءَ آئي هوءَ آئي
هَئي هَئي هوءَ آئي هوءَ آئي

هوءَ آئي حيات ۾زندگيءَ جيئان
هوءَ آئي مئڪشي ۾ مئي جيان
هوءَ آئي اندهيري ۾ روشني جيئان
هوءَ آئي اچانڪ خوشيءَ جيئان

مان ڇو نه سَرهايان هُن جي ادائن کي
مان ڇو نه گيت بڻايان هُن جي ٻولن کي
سُڪون ڏنو آ هُن منهنجي ساهن کي
 
هوءَ آئي چنچل هوا جيئان
هوءَ آئي ميگهه ملهار جيئان
هوءَ آئي چيٽ بهار جيئان
هوءَ آئي برکها ڦُهار جيئان

هوءَ آئي هوءَ آئي هوءَ آئي
هَئي هَئي هوءَ آئي هوءَ آئي

هوءَ آئي حيات ۾زندگيءَ جيئان
هوءَ آئي مئڪشي ۾ مئي جيان
هوءَ آئي اندهيري ۾ روشني جيئان
هوءَ آئي اچانڪ خوشيءَ جيئان

مان ڇو نه سَرهايان هُن جي ادائن کي
مان ڇو نه گيت بڻايان هُن جي ٻولن کي
سُڪون ڏنو آ هُن منهنجي ساهن کي
هوء آئي چيٽ بهار جيئان
واھ واھ
 
Back
Top