سور گهڻا سانگئيڙن جا مان گهڻا ٻڌايان. سائل مهراڻ رڙيارو، ٿرپارڪر. مارئي جو قصو توهان سڀني ٻڌو هوندو، هن جي حب الوطني کي جتي لکيو، پڙهيو ۽ ڳايو وڃي ٿو اهو سنهري لفظن ۾. ۽ روپلي ڪولهي کي ته انگريز گهڻو ياد ڪندا هوندا، جنهن سولي تي لٽڪڻ چاهيو، پر پوئتي نه هٽيو. هن کان پوءِ ڪنهن جو نالو وٺون. سنڌ جي تاريخ حب الوطني سان ڀري پئي آهي، اروڙ کان وٺي ڪارونجهر تائين، اهو هنڌ ڪونهي جتي سنڌ جي شهيدن جو رت نه ڪريو هجي. پر مان اڄ هت ٿر جي ماروئڙن جو درد بيان ٿو ڪريان، ته جنهن جو گذران ڏٿ تي آهي، جيڪو ٻن مهينن لاءِ ڪڏهن ڏڪار واري حالت ۾ ٻاهر لابارو ڪرڻ وڃن ٿا، جڏهن چوماسي جون برساتون وٺن ٿيون، تڏهن اهي پنهنجا اباڻا ڪکائون گهر ساري واپش ورن ٿا. اهي ٿر جي هن ڪاري سون نڪرڻ تي جيترا خوش آهن اوترا وري مايوس به آهن، ڇو ته جيڪو پنهنجي مال ۽ غريباڻي حال ته خوش هئا، اهي وري پِٽَ ڏسن ٿا ته ڏک ٿئي ٿو، جتي اڳ ڪنڊيون، ڄاريون ، روهيڙا، ٻٻر، ٻيرڙيون، ٻوهه، کپ ۽ اڪ هئا. اهي پنهنجي اکين اڳيان هڪ منٽ ۾ ڊوزر جي هڪ ڌڪي سان ڪرندي ڏسن ٿا، جيڪا پٽ صاف ڪن ٿا انهن جو مارو ڳئونچر ته آهي ئي پر ٻنين تائين به آهي، ۽ جيڪو وسڪاري جي موسم ۾ واري جي دڙن جي پاساڙن ۾ بيهي جنهن مڙهن ۾ ٻڪريون، ڍڳيون ۽ اٺڙيون واريندا هئا، اهي مڙها جنهن ۾ هاڻ ڪجهه به نه بچيو آهي، واري جي ريٽ آهن، جتي ڳري مشينري بيٺل آهي، انهي مشينري کي ڏسي پنهنجي ڀونڳين (چونئرن ) کي ڏسن ٿا، ته انهن جو هانءُ ٿو ڦاٽي. بس! انهن ۾ هڪ چوٻول پئجي وڃي ٿو، ته اسان جو ڳوٺ به لڏبو. جتي واري جي ريٽن تي ڪچهريون ٿينديون آهن ، جنهن جا اوتارا سياري ۾ آباد هوندا آهن، ڪانڀون ڪڍي باهه جي ڀرسان ويهي گجهارتون ڏيڻ وارو منظر پنهنجي تصوراتي نظرن سان ڏسي هانءُ ڇجيو پوي ٿو. پنهنجن اباڻن ڪکائن گھرن کان هڪ منٽ پري ٿيڻ جو ڪڏهن تصور ڪونه ڪندا هئا، اهي اڄ اهو چوٻول ٻڌي اهو سوچن ٿا ته ڪٿي اسان کي ويهڻ لاءِ اجهو، روزگار ملندو يا نه. گھڻا ڏينهن ٿيا نه هوندا جو اخبار ۾ هڪ خبر لڳي هئي، ٿر ڪول جي ايريا جي کوٽائي ٿيڻ لاءِ جنهن ڳوٺن کي لڏائڻو آهي، انهن کي خبردار ڪيو آهي، پر انهن جي اجهي لاءِ ڪجهه نه چيو ويو. مارئي جي حب الوطني کي ڏسي توهان اندازولڳائي سگهو ٿا، ته هن جي حب الوطني کي عمر جهڙي بادشاه جي محلن ءِ بادشاهي عيش عشرتن ڪونه موهيوءِ، نه ئي وري مارئي سون تي سيڻ مٽايا. هن مارئي جي ماروئڙن کي لڏايو ويو ته لڏي ويندا، ڇو ته اهي پنهنجي ملڪ کي ترقي ڪندي ڏسن چاهين ٿا، پر انهن جي لڏڻ کانپوءِ اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي تعليم، صحت ،روزگار ءِ رهائش لاءِ اجهن جو بندوبست اهڙو ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي (اباڻن ڳوٺن کي جتي پنهنجي وڏرن جون هڏيون پوريل آهن) اهو گهاءِ وساري پنهنجي حياتي سکي گذارين. ايئن نه ٿئي جو واعدا ڪري ڇڏين پر وفا نه ٿئي. منهنجي ٿر ڪول انتظاميا، سنڌ جي وڏي وزير، وزير اعظم نواز شريف، صدر پاڪستان ءِ عدالت سڳوري کي گذارش آهي، ته هن ماروئڙن جي ڏکن سمجهي، انهن جي سهڻي نموني مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجن نمائندن کي ضروري هدايتن سان گڏ سٺي جاءِ جو بندوبست ڪري ڏيڻ جو پڻ چون.