ڀٽائي جو پارکو سائين مظفر منگي صاحب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG]


    ڀٽائي جو پارکو سائين مظفر منگي صاحب

    قلم کڻي لکڻ ويٺس ته سوچن ۾ پئجي ويس ته ڇا لکان؟ مظفر منگي صاحب جي باري ۾؟

    پر اوچتو ياد اچي وئي ته سائين مظفر منگي صاحب جن فيس بوڪ ته هڪ وڏو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن ان تي ڪجهه لکجي، مان ڪو وڏو اديب، مضمون نگار، ڪالم نگار يا شاعر ته نه آهيان جو وهي ان جي آڙ ۾ بڪ بڪ ڪريان پر سائين جن جي ڪم مان آئون ايڏو ته متاثر ٿيس جو کڻي چار اکر لکي ويٺس.

    سائين مظفر منگي صاحب سان منهنجي روبرو ته ملاقات نه ٿي آهي پر فيس بوڪ ته ڪڏهن ڪچهري ڪريون ٿا جن ۾ سائين پيار، پاٻوهه، پنهجائپ سان گڏ هڪ استاد وارو سبق به سيکاري ٿو جن ۾ شاهه لطيف جي بيتن سمجهاڻي اهڙي نموني ڏئي ٿو جو ڄڻ شاهه صاحب هئينر ئي بيت چيا هجن، ۽ ان سان گڏو گڏ صبح سوير اٿندي ئي (منهنجي سڪ ۾ ناستو پوءِ ٿو ڪري) سائين مظفر منگي صاحب پهرين هڪ شاهه صاحب جي بيت جي سمجهاڻي دوستن ڏانهن صبح جي سلامن شئير ضرور ڪري ٿو.

    ڪجهه ڏينهن سائين ڪجهه مصروفتن جي ڪري فيس بوڪ تان پري رهيا هئا، پر سائين جو انتظار اهي فيس بوڪ وارا دوست ڪندا رهيا جيڪو شاهه صاحب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،جڏهن سائين مظفر منگي صاحب واپس فيس بوڪ تي آيا سڀني سندس وڏو استقبال ڪيو سائين مظفر منگي صاحب هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو نئون اسرندڙ شاعرن جي همٿ افزائي ڪري ٿو پر ان سان گڏو گڏ سهڻيون صلاحون پڻ ڏئي ٿو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 جنوري 2015
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ”ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هجهه
    ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه اچي بوءِ بهار جي“
    ”ڀٽائي جو پايکو سائين مظفر منگي صاحب“

    [​IMG]

    (سائل مهراڻ)
    مٺي ٿرپارڪر
    اڄ ڪلهه هر ڪو پنهنجو پاڻ کي وڏو اديب ظاهر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، صبح جو ڏسو ته ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي ٽائيم لائين تي ڪا نه ڪا پوسٽ اپلوڊ ڪئي هوندي ان ۾ غزل هوندا ته نظم به، بيت هوندا ته ٽيڙو به وري هنن جو ٻيڙو ٻوڙيو آ ٺلهي واهه واهه نه هن ته راءِ ٿي اچي نه هن تي تنقيد ٿي ٿئي. ان تي وري اسان جهڙا جيڪو شاعري جي الف ب کان واقف نه آهن انهن وري روز نيون نيون تخليقون سرجي سنڌي شاعري جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جتي سائين رسول بخش پليجو صاحب شاهه سائين جي بيتن جو تنقيدي جائزو ورتو آهي اتي اسين ڪهڙي باغ جا موري آهيون، جيڪو پنهنجي رڳو ٺلهي واه واه ڪرايون.
    اڃان سان پين کڻي صحيح طرح الف ب لکي نه ٿا سگهون اتي شاعري ڪئين ٿا ڪري سگهون، جتي لفظن جي معنيٰ جي صحيح ڄاڻ نه هجي اتي اها نج سنڌي ڪئين ٿا ستعمال ڪري سگهون مثال جي طور جئين مون هڪ نثري نظم لکيو جنهن ۾ هڪ لفظ ”سناٽا طاري“ لکيو، جنهن تي سائين مظفر منگي صاحب چيو ته اوهان ”سناٽاطاري“ جي جگهه ”سانت“ لکو، اهڙي طرح جيڪڏهن اسين شاعري ڪندا رهنداسين ته شايد ڪجهه ڏينهنن ۾ اسان جو سنڌي ادب هڪ اڻ گهڙيل ڪاٺ بڻجي ويندو ان لاءِ اسان پاڻ کي سوچڻو آهي ٻيا پنهنجي باري ۾ ڪونه سوچندا، ان لاءِ مان اوهان کي اها صلاح ڏيندس ته اوهان پهرين شاهه، سچل، سامي وغيرهه جو چڱي طرح مطالعو ڪيو، جيڪڏهن اوهان کي شاهه سائين کي سمجهڻ ۾ دشواريون پيدا ٿين ٿيون ته روز فيس بوڪ تان سائين مظفر منگي جي ٽائيم لائن تان ڀيرو ڀريو اتي سائين شاه سائين جي هڪ بيت سمجھاڻي معني سان گڏ روز پوسٽ ڪري ٿو
    سائين مظفر منگي جي هن ڪم تي مون اڳ به لکيو هو ۽ هاڻ مٿي وري بيان ڪيل اکرن کي ڏسي ڪجھ لکڻ تي دل چيوته ڪجھ بيان ڪيان.
    سائين مظفر منگي صاحب جي هن ڪم تي جيڪا مون کي خوشي ٿيندي آهي شايد ٻئي ڪنهن کي ٿيندي هجي، سائين اهو ڪم منهنجي شڪ ۾ صبح سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ڪري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪن ٿا جيڪڏهن پاڻ سائين جي هن ڪم مان فائدو وٺون ته شايد پاڻ جھڙو ٻيوخوش نصيب هجي جتي شاه سائين جھڙو شاعر سائين مظفر منگي جھڙو پارکو هجي، جيڪو بنا ڪنهن اجوري اهڙو عمل ڪندو هجي. شاه صاحب جي شاعري کي علامه آ آ قاضي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي سهيڙي ڇپائي آهي ان ۾ وڌيڪ پڙهي ۽ سمجھي ويندڙ گربخشاڻي واري آهي، ڇو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي هتي ڏيکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني آهي. سائين مظفر منگي صاحب جيڪا شاه صاحب جي شاعري کي شئير ڪري ٿو اها مختلف رسالن ۽ گربخشاڻي واري سهڙيل شاه صاحب جي ڪلام مان چونڊ ڪري ٿو. پر هتي اوهان چوندا ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟. ته مان ائين چوندس ته سائين انهن تان ڪاپي ڪري ڪونه ٿو لکي بلڪه سائين پاڻ هن جو مطالعو ڪري پنهنجي سمجھ پٽاندڙ معنيٰ سمجھاڻي لکي ٿو. جيڪڏهن انهن لفظن ۽ ڪنهن سٽ جي معنيٰ مونجھارو ٿئي ٿو ته ان رسالن ۽ گربخشاڻي واري سهيڙيل رسالي مان سهارو وٺي ٿو.
    سائين مظفر منگي صاحب جيڪو ڪم ڪري ٿو اهو صرف پنهنجو پاڻ کي ڀٽائي جو وڏو پارکو سمجهي ڪونه ٿو ڪري بلڪ اهو سنڌ جي عوام کي ڀٽائي جو پيغام ڏيڻ لاءِ جستجو ۾ رڌل آهي ان ڪري پاڻ کي ان مان پورو پورو فائدو وٺڻ گهرجي
    سائين مظفر منگي صاحب اهو ڪم تقريبن اڄ کان ٻن سالن کان اڳ ۾ ڪرڻ شروع ڪيو هو، پر وچ ۾ سائين اهو ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو ڇو ته پاڻ سائين کي نه ڪا موٽ ڏني نه ڪا همٿ افزائي ڪئي چوندا آهن ته ”پنهنجي وڍي جو ويڄ نه ڪو طبيب“ ان وانڱي پاڻ ”پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو“ ۽ سائين اهو ڪم بند ڪري ڇڏيو وري به جس هجي ڪجهه دوستن کي جنهن وري سائين کي اهو ساڳيو ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سائين وري اهو ساڳي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي هاڻ پاڻ کي گهرجي ته ان مان پورو پورو فائدو حاصل ڪريون، جيڪڏهن پاڻ بي سر ۽ بي وزن بيتن ۽ غزلن ۽ نظمن تي ٺلهي واه واه ڪريون ٿا اوتري سائين جي ڪيل ڪم کي پڙهي سچي دل سان واهه واهه ڪيون ته پاڻ شاهه سائين جي ڪلام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائي سگهون ٿا، هن دفعي سائين مظفر منگي صاحب سان گڏ سائين سليمان وساڻ صاحب هن ڪم ۾ هٿ ونڊائين پيا ته هنن ٻنهي ڄڻن جي ڪم کي سائين ثناءِالله مهر صاحب شئير پنهنجي ٽائيم لائين تان پوسٽ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مون جهڙا هن کي پڙهي ڪري به ڪمينٽس ڏيڻ ته ٺهيو ان کي لائڪ به ڪرڻ ڪونه ٿا چاهيون پر وڌيڪ وڏي واڪي چوندا وتن
    ھيءَ سنڌ سموري شاھھ جي ھو جمالو
    ھيءَ سنڌڙي سھڻي لال جي ھو جمالو
    جنھن ۾ روضو لال لطيف جو ھو جمالو
    جيڪو سکر واري پل تي ھو جمالو
    جيڪو موري واري پل تي ھو جمالو
    جنھن کي سائو لڪڻ ھٿ ۾ ھو جمالو
    جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾ ھو جمالو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو