الطاف حسين ٽي وي تي ۽ نواز شريف نوابشاهه ۾ ڇو آيو؟ ساره زمان، لنڊن:عوامي آواز 11_9_2011 ۾ ڇپيل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ايم ڪيو ايم جي سربراهه مسٽر الطاف حسين 1984 کان 2011ع جي ستاويهن سالن ۾ پنهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو نقصان ڪري چڪو آهي. انگريز اهڙي سياست کي ”آپگهاتي سياست“ سڏيندا آهن. جيڪا هن جي پريس ڪانفرنس ۽ هن جي تازين سوچن، ايم ڪيو ايم ڪراچي ليڊرس پاران صفاين ۽ وضاحتن وسيلي پاڪستان جي عوام سميت لنڊن توڙي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين نوٽ ڪئي آهي. مسٽر الطاف حسين اسان جي شهر ۾ رهي ٿو، ان ڪري هن جون ڳالهيون ٻڌڻ هر برطانيا جي شهري جو فرض آهي. جيڪي ڳالهيون خاص ڪري نوٽ ڪيون ويون آهن سي هي آهن.

    1. مسٽر الطاف حسين جي وڊيو ڪانفرنس جا ٻه مقصد هيا ته هو پاڻ سامهون اچي انهن ڳالهين جي ترديد ڪري ته هو گرفتار به ناهي ۽ گهڻو بيمار به ناهي. اها ڳالهه ان ڪري کيس ڪرڻي پئي ته رپورٽن موجب ڪي ايجنسيون ايم ڪيو ايم کي ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جون ذميوار ڀانئين ٿيون. اهو فيصلو به سر تي اچڻ وارو آهي.

    2. مسٽر الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي پريس رليز بدران پاڻ وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي فوج ۽ ايجنسين کي ضروري پيغام ڏيڻ چاهيو ٿئي ته جيئن سندس مٿان اعتبار اچي وڃي.

    3. هو يا ته بي سُڌ هو يا وري دماغي طور شديد دٻاءَ ۾ هو. جنهن ڪري هن جو سراسري نماءُ يا پريزنٽيشن ۾ مڪمل ناڪام ثابت ٿيو.

    4. هن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پاران مٿس ” ملڪ ٽوڙڻ“ واري خط ۽ ڳالهه جو نه ذڪر ڪيو، نه ان جي ترديد ڪئي، بلڪه، ان جي اڻسڌي تائيد ڪئي ۽ سپر پاور جنهن کي هن ”مائي باپ“ سڏيو هو، تنهن پاران، ان جي راءِ جي آڌار تي مختلف اخباري خبرون ۽ آرٽيڪلز سامهون آڻي، اها ڳالهه باور ڪرائي ته ( مان نه پر ) اهي اخبارون ۽ آرٽيڪل لکندڙ مختلف نقشا ۽ بيان پيش ڪري پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري چڪا آهن.

    5. هن پاڪستان آرمي کي پنهنجي ڪارڪنن جي فوج حوالي ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي تنهن ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪي هاري ۽ مزدور نه پر ”فوجي ڪم ڪار ۽ سکيا“ ڄاڻن ٿا ۽ سندس اهو جملو معنا خيز هيو ته ” جي آرمي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي پون ته پوءِ ڪوبه سپر پاور نه رهندو“ هن جي ان خيال ۾ جنرل ضيا واري دور جي ( آرمي) جهادي ( طالبان) جو آمريڪا سان گڏجڻ سان سوويت يونين جو خاتمو آيو هو.

    6. جي پاڪستان آرمي سندس ڳالهه نه مڃي ته پوءِ هو ” پنهنجي ڪارڪنن کي آزاد ڇڏيندو پوءِ هنن جي مرضي“

    7. هن آمريڪا جي صاف لفظن ۾ مخالفت جواظهار ڪيو جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هن پاڪستان جي سيڪيورٽي دستن کي آگاهه ڪري پئي چاهيو ته مان ساڻن گڏ آهيان ۽ انهن جو ئي آهيان

    8. هن جي پريس ڪانفرنس جو خاص نشانو پاڪستاني ميڊيا هئي جن جي ٽي وي چينلن ڊاڪٽر مرزا وسيلي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هن جي ڪارڪنن مبينه طور ”آج“ ٽي وي تي پريس ڪانفرنس کانپوءِ تبصراتي پروگرام بند ڪرائي ملڪ جي مشهور صحافي نصرت جاويد کي نوڪري مان ڪڍائي ڇڏيو هو.هڪ پاسي مسٽر الطاف حسين نجم سيٺي ۽ منيب فاروق کي ايم ڪيو ايم پاران ”ياجوج ماجوج“ جي لقب تي معافي ورتي، جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته ايم ڪيو ايم جو اهو عمل غلط هو، جڏهن ته ٻئي پاسي هن ميڊيا لاءِ ” بدمعاش“ ”غنڊا گردي ڪندڙ“ وغيره جي لقبن جي نان اسٽاپ بارش ڪئي هئي.

    9. هن جي پريس ڪانفرنس ۾ موجوده سرڪار، ان جي وزيراعظم، صدر خلاف ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي، جنهن مان سندن شديد ڪمزوري جو احساس ٿئي ٿو ۽ هو سرڪار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آتا محسوس ٿين ٿا. ايستائين جو هنن پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر مرزا کي به هٿ نه لاتو.

    10. هن صدر آصف زرداري کي خوش ڪرڻ لاءِ ميان نواز شريف تي بغير مقصد جي تنقيد ڪئي. هن سوال ڪيو ته هن جي دور ۾ ڀلا ڪهڙيون کير جون نديون وهنديون هيون ؟

    11. مسٽر الطاف حسين پختونن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي انهن کي باچا خان جو منحرف سڏيو ۽ ٻئي پاسي چيو ته ” وٽس ثبوت ته ڪونهي پر هنن اليڪشن ۾ ڪيئي ملين ڊالرز آمريڪا کان ورتا هيا“ ان وسيلي هن باور پئي ڪرايو ته اي اين پي وارا ” آميريڪي ايجنٽ “ آهن. جڏهن ته هن وٽ ثبوت به ڪونه هو.

    12. هن ”مهاجر“ لفظ جي حمايت ۾ ان کي ”قوم“ جو درجو ته ظاهري طور نه ڏنو پر ايئن چوڻ ۾ نه ڪيٻايو ته ”سنڌي قومپرست پاڻ قومپرستي ڪن ٿا ته کين مهاجر تي اعتراض ڇو آهي؟

    13. هن مسز عاصمه جهانگير جو نالو ” انساني حقن جي چيمپئن“ طور وٺندي ان کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو. انهن کي 9 اپريل تي سڙي مرندڙ وڪيل ياد آهن پر کين ڪياماڙي وارا ست مهاجر ڇو ياد ڪونهن؟

    14. مسٽر الطاف حسين عدالتن جي عزت جي نالي ۾ انهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”اوهان ڀلي فيصلا ڪريو، اسان خلاف فيصلا ڪندؤ ته ان تي عمل به جهٽ پٽ ۾ ٿي ويندو، پر ڪروڙين مهاجر پاڻ ان جو فيصلو ڪندا.“ هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ” عدالت جي ڪروڙين عوام جي خلاف فيصلو ڏنو ته اسان پوءِ سوچينداسين“

    15. هن 12 مئي جي پرسوز، المناڪ سانحي جنهن اصل ۾ ايم ڪيو ايم کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪيو هو. ان باري ۾ هو چوي ٿو ته اسان نه ڪنٽينر لڳرايا نه اسان ماڻهو ماريا، الٽو اسان جا 16 ڪارڪن قتل ٿيا. ان جي بدلي ۾ جي ڪجهه مئا ته ان لاءِ افسوس کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي.

    16. الطاف حسين هڪ پاسي چوي ٿو ته ” 12 مئي 2007ع تي حقيقي وارن کي جماعت اسلامي وارن رقمون ڏنيون، انهن فائرنگ ڪئي، ماڻهو ماريا، الزام اسان تي اچي ويو“ پاڻ ئي پنهنجي ڳالهه جي ترديد هن نموني ڪري ٿو ” عرفان مروت ۽ شاهي سيد چيف منسٽر هائوس ۾ ويٺا هئا، 12 مئي تي قتلام ٿيو ته مروت شاهي سيد کي چيو ته ” تو اهو ظلم ڇو ڪيو، تنهن تي شاهي سيد کيس چيو ته ” مان ڇا ڪريان، اسفند يار ولي چيو ته سڌيون گوليون هلائجو“

    مٿين نقطن کانسواءِ، جيڪي ٻيون اهم ڳالهيون آهن تن ۾ اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي بيٺي آهي ته هن پ پ پ کانسواءِ باقي سمورين پارٽين ۽ ميڊيا تي حملو ڪري پاڻ ۽ پنهنجي تنظيم کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪو به ماڻهو جڏهن آپگهات ڪندو آهي ته ڪجهه ڪاغذ لکي اڪيلي سر ڪنهن وڻ، پکي ۾ پاڻ کي ٽنگيندو آهي يا اوچين عمارتن تا ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻيندو آهي. جڏهن ته سياسي آپگهات ڪجهه هم خيال گڏجي ڪري سگهن ٿا. هن پاڪستان آرمي کي جيڪا ”مدد ڪرڻ“ ۽ ”ڪارڪن حوالي ڪرڻ“ جي خاطري ڪرائي آهي تنهن آرمي وٽ ترديد جو ڪم ته شايد ڪيو هجي. پر اها ڳالهه به ظاهر ڪري ٿو ته ڪي ” ڪک“ پڻ نظر اچي ويا آهن جن تان هو توجهه هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو 12 مئي تي جيڪ به وضاحتون ڪري ٿو اهي پنهنجي جاءِ تي پر ان دور ۾ سنڌ جي گهرو کاتي جي صوبائي انچارج وسيم اختر 12 مئي جي قتلام تي رات جو ٽي وين تي اچي چيو هيو ته ” اهي ڪنٽينر اسان چيف جسٽس جي بچاءَ لاءِ لڳرايا هئا“

    اها ايم ڪيو ايم پاران ساڳئي اشو تي ٽيون ڀيرو ٽي وي چينلن جو وقت مفت ۾ حاصل ڪرڻ جي زبردست ڪوشش آهي. پر اها پريس ڪانفرنس ايم ڪيو ايم پاران ٽيون ڀيرو جواب ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش هئي، ان واسطي ڪل ملائي ڇهه ڪلاڪ پاڪستاني ميڊيا يرغمال رهي ۽ سٺ نيوز چينلن تي 360 ڪلاڪ يعني پندرنهن ڏينهن جي پروپيگنڊا ۽ ٽائيم هڪ مهل حاصل ڪري ورتو هو. هر گذرندڙ ڏينهن سان ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿيندي پيئي وڃي. هن جي هٿن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ جا سڀ رموٽ ڇڏائجي رهيا آهن.

    پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ، سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ 1984ع ۾ ٺهندڙ اها تنظيم تاريخ جي سخت ترين بحران ۾ آهي. ڪراچي مان هٿ نه ڪڍڻ لاءِ هو ” متحده“ مان ” مهاجر“ بنجي پيو آهي، جنهن ڪري عوامي سطح تي هن جي لاءِ ٺهندڙ ڪابه حمايت آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي.

    سياسي جائزن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر مرزا جيڪو ” پل ۾ تولا، پل ۾ ماشا“ آهي، جيڪو هڪ وقت صدر زرداري جي خلاف محسوس ڪجي ٿو ته ٻئي ٽائيم تي سڀ ڪجهه هن جي چال لڳي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران سندس ان ڪوشش جي ڪري کيس ملندڙ پذيرائي جو پنهنجو مقام آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي تباهي جو پنهنجو درجو آهي. اهڙي موقعي تي مسلم ليگ نواز جو سربراهه ميان نواز شريف جو نوابشاهه شهر ۾ اچڻ ۽ بقول سندس ” آصف زرداري جي حڪم تي آيو آهيان“ واري ڳالهه ان سڄي معاملي ۾ هڪ تمام وڏي ڊولپمينٽ آهي. پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ، ان جي اهم ترين سياسي نمائندي پاران صدر پاڪستان جو حڪم مڃڻ جو مطلب ان مطالبي کي گهرو ڪرڻ آهي ته ” پاڪستان ٽوڙيندڙ سمورين قوتن کي سختي سان چٿيو وڃي“ ميان صاحب جي ٻولي ۾ اها رواني ۽ ترشائي نه به هجي، پر ترش ۽ سختگير ڊاڪٽر مرزا ۽ نرم مزاج نواز شريف جي منزل ساڳي آهي. اهڙي موقعي تي ڪي ڌريون وري ڦيٽاڙو وجهڻ چاهينديون. هاڻي ان کان بچڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي قيادت کي ذميدار لهجو ۽ رويو اختيار ڪرڻو پوندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو