پروفيسر نذير احمد سومرو نئون ديرو: نوان ۽ پراڻا ورق مائي نوران: مائي نوران رنگ جي ڀوري، جسم ۾ گهڻي ڀريل هوندي هئي. سندس امتيازي نشان ٻه هئا. هڪ: چيچ ۽ ٻاچ جي وچ ۾ سگريٽ يا ٻيڙيءَ جو هجڻ. ٻيو: مرداڻي انداز ۾ هوٽل جي بيرن کي گاريون ڏيڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گهري واقفڪار کي (جنهن جي ڦٽندي هئي ۽ هوٽل وٽان گذرندو هو) پري کان ئي سڏيندي گارين جي وَٽ ڪرائي ڇڏيندي هئي. مائي نوران جي هوٽل تان، برف به ملندي هئي. ان زماني ۾، نه فرج هئي ۽ نه وري ڪو ڊيپ فريزر جو رواج هو. سنڌي ڳوٺاڻا ته برف واري پاڻي تي، ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ پيل دلي، يا مٽيءَ جي پاڻيءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. ان وقت نئون ديرو، هڪ ٻهراڙيءَ جيان هو. اتي هڪ هوٽل جي ڪائونٽر تي عورت جو ويهڻ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪا مارواڙڻ سيٺياڻي، ممبئي شهر جي ڪنهن هوٽل تي ويٺي آهي. مان سمجهان ٿو ته ان وقت ۽ هاڻي به، سڄي سنڌ ۾ اهڙي ڪنهن هوٽل تي، مائي نوران پهرين عورت هئي، جيڪا هوٽل جي ڪائونٽر تي ويهي، هوٽل هلائيندي هئي. سندس وڏي ڪائونٽر تي جهازي سائيز جو، مرفي (Murfi) ڪمپنيءَ جو ڊراءِ بيٽريءَ تي هلندڙ ريديو پيو هوندو هو. جنهن جي ايريل، اٽڪل 50 فوٽ فضا ۾ بلند ٿيل هوندي هئي، تڏهن ئي اهو ريديو ڪم ڪندو هو. نئين ديري ته ڇا، پر سڄي سنڌ جي تاريخ ۾، هوٽل هلائڻ واري مائي نوران پهرين عورت هئي. کيس ڪوبه نرينو اولاد ڪونه ٿيو، فقط هڪ نياڻي هيس، جنهن جو نالو ارباب خاتون ھو، سا به سندس وانگر جوانيءَ ۾ بيوهه ٿي وئي، جنهن مان گليءَ نالي هڪ ڏُهٽو ڄائس. گليءَ کي پڙهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ۽ هن لاءِ فڪرمند پڻ هوندي هئي. سڄي اسڪول ۾ گلي، ڪپڙين لٽين، ٻين ٻارن کان ممتاز نظر ايندو هو. پوري اسڪول جو گلي واحد شاگرد هو، جنهن جي قميص جا بٽڻ ۽ ڪفلنگ، سونَ جا ٺهيل هوندا هئا. مائي نوران ذات جي ميربحر هئي ۽ اصل پتڻ وارن ٻرڙن جي هئي. اهو هوٽل پير علي حيدر شاهه راشديءَ جو هيو، جنهن کان مائي نوران 480 روپين ۾ خريد ڪيو هو. پهرئين مڙس جي مرڻ کان پوءِ، خميسي لغاريءَ جي چاچي سان محبت ٿيس، جيڪا مرڻ تائين نڀايائين. وڏيرو جيئو ٻرڙو: وچولي قد کان ٿورو مٿڀرو، 5 والن وارو پٽڪو، ڊگهو ۽ سواءِ ڪالر جي پهراڻ ۽ هيٺ تي ورن وڪڙن سان سلوار، سنڌي اوائلي جُتي ۽ بوڇڻ ڪلهي تي. هِي هو وڏيرو جيئو ٻرڙو. جيڪو خانبهادر احمد خان ڀٽي جي بنگلي تي، سواءِ ڪنهن ناغي جي، ڪچهري ڪرڻ لاءِ، روزانو ڳوٺان گهوڙي تي چڙهي ايندو هو. کيس 3 يا 4 سَو جريب زمين هئي جيڪا درياءُ پائي ويو، پر هي پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي نئين ديري ايندو هو. آنڌي هجي يا طوفان، گرمي هجي يا سردي، وڏيرو جيئو نئين ديري ضرور ايندو هيو. نئين ديري اچڻ کان پوءِ، اول صبح جو ڏهين وڳي واري ٽرين جو انتظار ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اخبارون اينديون هيون. ان زماني ۾ سنڌي ۾ فقط 3 اخبارون؛ ‘عبرت’، ‘مهراڻ’ ۽ ‘نواءِ سنڌ’ نڪرنديون هيون. جيئو، عبرت اخبار وٺندو هيو. جيئن ته پاڻ صفا اڻ پڙهيل هو، ان ڪري اخبار کي ويڙهي سيڙهي، پهراڻ جي پاسي واري کيسي ۾ وجهندو هو. پوءِ پير ڳوٺ واري حڪيم، حاجي محمد بخش قاضي مرحوم جي مطب خاني، جيڪو گتي واري چوڪ تي هيو، تي پهچندو ھيو. اتي ويٺل مريضن مان ڪنهن به پڙهيل لکيل کي اخبار ڏئي چوندو هيو: “اخبار پڙهي ٻڌاءِ! پر اول ٻڌاءِ ته صاحب ذوالفقار (ڀُٽي صاحب کي هميشه صاحب چئي، پوءِ سندس نالو کڻندو هو) جو ڪو بيان به اٿس. جي اٿس ته پهريان اهو پڙهي ٻڌاءِ..!” ان زماني ۾ ڀٽو صاحب پاڪستان جو وزير خارجه هيو. ڀُٽي صاحب جو اتفاق سان ڪو فوٽو يا بيان ڪونه هوندو هو ته چوندو هو: “مڙئي اخبار وارن بيان نه لکيو (ڇاپيو) هوندو، نه ته خارج وزير (خارجه کي خارج چوندو هو) ۽ بيان ڪونه...!” پاڪستان ٿيڻ کان فوراً بعد، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر انور عادل ٿي آيو، جيڪو ايوب کهڙي جو مائٽ هيو. ان جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ، نئين ديري جي ڀرپاسي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو. وڏيرو جيئو، صبح جو 9 واري ريل ۾، لاڙڪاڻي پهتو ۽ سڌو ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ ويو. ملندڙن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرايائين. ڪجهه وقت کان پوءِ انور عادل کيس اندر گهرايو. انور عادل سنڌي ٻوليءَ جي الف ب کان به واقف ڪونه هو. وڏيرو جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويٺو ته انور عادل پڇيس: “هان... وڊيرا ڪهو ڪيسي آنا هوا؟” وڏيري ته اردو ئي پهريون ڀيرو ٻڌي هئي. تنهن مڙئي دَوَ تي سندس سوال سمجهي چيو: “صاحب... گهگهه (اوندهه) ٿي ويو.” انور عادل اردو پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ هو. تنهن لفظ گهگهه ٻڌو ته وائڙو ٿي پڇيائينس: “ڪيا هوگيا؟” وڏيري جيئي، جنهن جي هٿ ۾ لالٽين (فانوس) هيو، تنهن جي ڪلپ مٿي ڪري، ٺوڪي کڻي تيلي ٻاري. تڏهن انور عادل سمجهيو ته گهگهه ڇا آهي. ان وقت جو ڪليڪٽر، اڄ جي گورنر کان به وڌيڪ اختيارن جو مالڪ هو. پاڪستان به نئون ٺهيل هو، سو ڊي سي معنى اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ، پر آفرين لائق هو وڏيرو جيئو، جنهن وقت جي بااختيار حاڪم جي منهن تي سچ چئي ڏنو. پڇاڙيءَ ۾ بيمار ٿي پيو، ان ڪري نئين ديري اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنائين، پر پوءِ به اخبار صرف ‘عبرت’ گهرائيندو هو. توڙي جو 70 واري ڏهاڪي ۾ ٻيون به اخبارون نڪرنديون هيون، پر وڏيرو چوندو هو: “اهي به ڪي اخبارون آهن... اخبار آهي ته ‘عبرت’ ٻيو سڄو ڪوڙ.” ڪجهه سال ٿيا ته هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ماڪوڙو بوئو: پير ڳوٺ جي اولهه ۾، “نئون شهر” نالي هڪ ويران بستي آهي. مگر اٽڪل 75 سال اڳ، هن شهر ۾ وڏي رونق هئي. تقريباً ڳوٺ جا سڀ رهاڪو سونارا هوندا هئا. ٻه ٽي گهر منگين جا به هوندا هئا جيڪي پاڻ کي خبر ناهي ته ڇو “بوئو” سڏرائيندا هئا.¨ انهن بوئن مان هڪڙو ڪردار ماڪوڙي بوئي جو به آهي جيڪو ڪم مهوسين ۽ سنياسين جو آهي، اهو ڪم هي ڪندو هو. پاڻ کي جراح حڪيم سمجهندو هو. گشتي دواخانو سدائين ساڻ هوندو هئس. هر ميلي ملاکڙي يا بس اسٽينڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ يا ماڻهن جي گذرگاهه وٽ، پنهنجو گشتي دواخانو کولي، ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري، دوائون کپائيندو هو. چون ٿا ته حڪيم ڀورل شاهه پير ڳوٺ واري حڪيم جو ٻڌايل پاري مارڻ وارو نسخو، ماڪوڙي بوئو وٽ هيو جنهنڪري سندس دوائون نيڪال ٿينديون هيون. هو تڪ بند مزاحيه شاعر به هو. پنهنجي ڳوٺ جي سونارن بابت هڪڙو سندس نظم به لکيل آهي. ان نظم جو بند هن ريت آهي: نئين شـهــر ۾ نـــور ڇتو ٿيــــو، کاڌائين سڀ سونارا، تاجوءَ کي ڏسي هٿ ڪونڊا، ڀڃو سڀ هاڻي يڪتارا. کيس هڪ پٽ الله بخش نالي هيو، جيڪو ڪنهن اسڪولي استاد جي مار کان پوءِ صفا گهل ٻوڙو ٿي پيو. پٽ جي ان صدمي جي ڪري، ماڪوڙو بوئو به ڏينهون ڏينهن جهرندو ويو. ماڪوڙو 1970ع ۾ نئين شهر ۾ گذاري ويو. سندس اولاد خيرپور ميرس ضلعي جي مشهور شهر پريالوءِ (پرين جي لوءِ) ۾ حجامڪو ڪم ڪري زندگي گذاري ٿو. منڊم عيسائڻ: نئين ديري شهر جي پراڻن واسين کي به هن عورت جي نالي جي پوري ڄاڻ ڪانهي. جيڪڏھن کانئن پڇبو: “ڏيو خبر، توهان منڊم ڏٺي؟” يڪدم چوندا: “هوءَ ڊاڪٽرياڻي...!” سندس پورو نالو ته الائي ڇا هيو، پر، پاڻ کي ايڇ وي حَسن سڏرائيندي ۽ لکندي هئي. هئي ته الائجي ڪٿان جي، پر نئين ديري جو آئي، ته نئين ديري جي ٿي وئي. اصل ۾ نرس جو ڪورس پاس ٿيل هيس ۽ عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ هئي. نئين ديري ۾ “واحد بخش ڀٽو مئٽرنٽي هوم” (ويم گهر) جي انچارج ۽ ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو جي ماتحت هلندڙ اسپتال جي، جيڪا سبزي مارڪيٽ جي ڀرسان هوندي هئي، انچارج ٿي آئي، ته “منڊم” سڏي وئي. کيس ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ ائيزڪ نالي هئا. وچولي قد جي ٿلهي ۽ ڪڻڪ رنگي هئي. ساڙهي سندس امتيازي نشان هئي. ساڙهي هميشه اڇن ۽ ڳاڙهن پٽن سان پائيندي هئي. سندس ذاتي ملڪيت، محترم منٺار سولنگيءَ جي گهر واريءَ جاءِ جي اتر ۾ ٺهيل جايون هيون، جتي سندس گهر ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ ٺهيل ڪلينڪ هئي. ڪلينڪ واري جاءِ تي هاڻي يونائيٽڊ بئنڪ ٺهيل آهي. نئين ديري ۾ رهڻ دوران “منڊم” پنهنجي ٻنهي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي، جن مان هڪ ڌيءُ لاڙڪاڻي جي مشهور پامسٽ ۽ وڪيل ممتاز جعفريءَ سان پرڻايائين ۽ ٻي ڌيءُ، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مڙس جي عزيزن ۾ پرڻائي ڏنائين. پاڪستان جو مشهور ڳائڻو ايس.بي. جان سندس ڀاڻيجو هو، جنهن جي شهرت هن مشهور غزل جي ڪري ٿي: تو جو نــهين، تـو ڪــڇ ڀــي نـهيـن هي، يه مانا ڪه محفل جوان هي، حسين هي. “منڊم” آخر وقت تائين نئون ديرو کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. ائيزڪ، سڪيلڌي پٽ، انگل ڪيس ته ڪراچي هلون. انھي ئي مجبوريءَ ڪري، هوءَ پنهنجي جگر گوشي جي چيچ وٺي، نئين ديري مان هميشه لاءِ نڪري وئي. اڄ يو بي ايل جي عمارت جون گونگيون ڀتيون ۽ هي گهٽيون ٻڌائي نه سگهنديون ته ڪڏهن ڪنهن “منڊم” جو يا ائيزڪ جو يا ايس.بي. جان جو ڪو نئين ديري مان گذر ٿيو هو يا انهن جا هتي ڪي ٽهڪ به ٻڌبا ها. سائين لال خان هي شخص به ٻاهريون هو. سندس ڳوٺ جهلم ضلعي ۾ هو. هي فوج مان صوبيدار ٿي پينشن تي لهي آيو هو. 1958ع واري مارشل لا ۾ جڏهن اسڪولن ۾ پريڊ جو حڪم آيو، تڏهن اسڪولن ۾ ڊرل ماسٽر رکيا ويا. سائين لال خان جو پُکو نئين ديري لاءِ نڪتو. ڇهن فوٽن کان به ڊگهو، بُت ۾ ڀريل ۽ ڪسرتي جسم وارو هي انسان، جڏهن پنهنجي سيني تي تمغا سجائي ڪلاس ۾ ايندو هو، ته محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪو ڪلاس ۾ واقعي جنرل آيو هجي، ڇاڪاڻ ته سائين لال خان جي سيني تي، دل واري حصي جي مٿان، انيڪ ملٽري بيج ۽ تمغا سجايل هوندا هئا. جڏهن هلندو هو، تڏهن اهي ٽامي ۽ پتل مان ٺهيل تمغا، هڪ ٻئي سان لڳي ڇِم ڇِم جو آواز پيدا ڪندا هئا. تڏهن سائين لال خان جي لوڏ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. شروعات ۾ چوندو هو: “چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان، مون کي چئن خونن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مان ڪن به چئن ماڻهن کي ڇُوٽ ڪري سگهان ٿو.” سندس انهن لفظن تي اسين ويتر هيسجي ويندا هئاسين، ڪٿي واقعي گولي نه هڻي وجهي. محترم سائين ڪريم بخش کهڙو ساڻس ڏاڍا ڀوڳ چرچا ڪندو هو. ان ڪري ان تي به گهڻو ڪاوڙيل هوندو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ به، کهڙا محلي ۾ جاءِ خريد ڪري هتئون جو ٿي ويو، پوءِ پنهنجي ڄاٽي عنايت عليءَ کي به نئين ديري هاءِ اسڪول ۾ عربي ٽيچر ڪرايائين. سائين لال خان پنهنجي نياڻي ۽ زال سميت هتي رهندو هو. خبر ناهي، ڪهڙيءَ ڳالهه تان، پنهنجي ناٺي عنايت سان ناراض ٿي واپس جهلم هليو ويو، جتي ڪجهه سالن کان پوءِ گذاري ويو. خانو ٽپالي نئين ديري ۾ پوسٽ آفيس 1933ع ۾ قائم ٿي. ان ۾ پهريون ٽپالي، “ننڍا موهل” جو ميربحر خان محمد نالي مقرر ٿيو. بندري قد ۽ هلڪي بت واري خان محمد کي سڄي زندگي ڪنهن به ماڻهوءَ، گرميءَ توڙي سرديءَ ۾، بنا ڊريس جي نه ڏٺو. سندس ڊريس ۾ لڳل بٽڻن تي امانت ۽ ديانت لکيل هوندو هو. سونپيل ڪم تي اهڙو سچو هيو، جو پيءُ جو خط پٽ کي ۽ ڀاءُ جو خط ٻئي ڀاءُ کي ڪو نه ڏيندو هو. خانو ٽپالي اهڙو مشهور ٿيو، جو ڪو راز جي ڳالهه کولي وجهندو هيو يا ٻن-ويڙهائو کي به ٽوڪ طور چيو ويندو هيو: “ها خانو ٽپالي، ٽپال پهچائيي...!” يا وري هيئن چئبو ھيو: “فلاڻو... اهو خانو ٽپاليءَ کي به ماري ويو.” خان محمد ٽپالي، سڄي عمر مجرد رهيو. پنهنجي ڀاءُ خيالي ميربحر جي اولاد تي ساهه ڇڏيندو هو، جنهن جو اولاد اڄ به ننڍا موهل ۾ مڇي وڪڻي گذارو ڪري ٿو. خان محمد ٽپاليءَ کي ماڻهو گورو به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪِلين شيو هوندو هو ۽ مٿو به ڪوڙيل هوندو هيس. رٽائرمينٽ کان پوءِ، بلند جي هوٽل جي بيراگيري (هوٽل کان ٻاهر چانهن پهچائڻ) ڪندو هيو. ¨جيڪي حجم يا منگي طوهر به ڪندا آهن، تن کي اتر سنڌ ۾ بوئو سڏيو ويندو آهي: مرتب