توهان ماڻهن جا اڌما پسي، انهن جي پنجن حسن جا حس به سمجهي سگهو ٿا ۽ پڻ انهن جي پيڙائن کي پروڙي سگهو ٿا پر توهان ماڻهن جي اندر جي اونهائي کي جنهن کي عربيءَ ۾ بصيرت چئجي ٿو وس سان ورلي ئي انجو واس وٺي سگهو ٿا. اهو فن جنهن کي به اچي ٿو اهو امر ڪلا کي پڄي ٿو. جهڙوڪ؛ توهان ڪنهن کي ٻجرندي، روئيندي، تڙپندي، ڳوڙها ڳاڙيندي، سُڏِڪندي ڏسي هڪدم سمجهي ويندا آهيو ته ان سان فلاڻي ويڌن آهي، يا وري ان کي بک، اڃ ۽ پريت جي گهرج هجي ته توهان سولائيءَ سان پرکي ويندئو ته فلاڻي کي فلاڻو مامرو آهي پر جيڪڏهن ڪو ماڻهون پنهنجو اڌمو، پيڙا يا وري پنجن حسن مان هڪ حس به لڪائيندو هجي ته يا وري پنج ئي حسن کي توهان کان ڳجهيون رکندو هجي ته توهان ان کي ڪهڙي ريت جاچيندئو ته ان سان ڇا آهي. اهو هڪ هن جهان جو هڪ اُتم فن آهي ته ( مجهول ۽ اڻمجهول واري ليک) ۾ ان کي ڪيئن تت تائين پڄائيندئو. ڇا اها ڪا ڇهين حس آهي يا وري ڪا ستين حس آهي يا اڃان کان به وڌيڪ امرت ڌارا وانگي ڪو ارڳ آهي. سوال اهو نه آهي ته ڪنهن جي روئڻ سان، ڳوڙها ڳاڙڻ سان سڏڪڻ سان، ڪنهن جي ٻجرڻ سان، تڙپڻ سان، بکان ڪاٽڻ سان، اُڃَان سهڻ سان يا وري ڪنهن لاءِ پيڙائن جي پورن سان يا وري ڪنهن جي لاءِ يادن جي بار هيٺ سٿجڻ سان توهان ان جي اندر جي اها شيءِ جيڪا اسان هت بحث ڪري رهيا آهيون سا، اسان کي ان تائين ڄاڻ پڄائيندي، اهو هڪ هن مهل تائين اڻٿيڻو لڳي رهيو آهي. اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ان جي اُنَ اندر جي اونهائيءِ ۾ آهي.!