سنڌي ٻولي سان ڇيڙ ڇاڙ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2014۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا سارنگ انصاري لاءِ اسان کي وڏي عزت آ ۽ احترام آ پر سنڌي ٻولي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ ڪنهن به لحاظ کان صحت مند نه آهي....گهڻو وقت اڳ ۾ به ڪجه هندو سنڌي گرمکي اسڪرپٽ ته ڪي وري هي رومن اسڪرپٽ جون بيڪار ڇڙواڳيون ڪيون هيون ...عربي انگريزي يا رومن کان ڪئي ڀيرا مستنند ۽ ڪارآمد اسڪرپٽ آ فارسي وانگر ....۽ اسان جي سنڌي اسڪرپٽ جيڪا عربي طرز تي آ ان کي ائين ئي رهڻ ڏيو ڪجه ماڻهن يا ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي رهي سهي ٻولي سان مذاق سٺي نه آهي ...ها رومن ان وقت ضوروري هئي جڏهن سنڌي ايم بي سنڌي نه جڙي هئي ...هاڻي ته اها ڪوشش ڪجي ته هر موبائيل ۾ هي موبائليون ٺاهيندڙ سنڌي ٻولي کي مروج ڪن ...۽ ڪمپيوٽر جا ٺاهيندڙ ...سافٽ ويئر وجهندڙ هي اسان جي سلوڻي ٻولي کي داخل ڪن ۽ گوگل ترانسليشن وارا به هي سهولت ڏين جيترا به دوست احباب هڏڏوکي همدرد يار آهن سنڌي سڀ جا سڀ ۽ خاص ڪري سنڌي ٻولي جو ادارو sindhi language authority وارا هن ڪم کي کڻين ته ڪم سولو ٿي پوندو ...۽ هر سسٽم ۾ هي اسان جي ٻولي عربي فارسي وانگر لکڻ ۾ هوندي...
    ڪي دوست اسان جي هن ٻولي ۾ نقص ويٺا ڪڍندا انهن لاءِ عرض ته اسان جي ٻولي ۾ ڪو به نقص نه آهي ۽ نه سکڻ ۾ ڪا ڏکي آهي هي سڀ انهن جو فريب آهي ...اچو انگريزي جيڪا دنيا جي ٻولي ٿي وئي آ تنهن ۾ ايتريون ته غلتيون آهن جو لکجي ته ڪتاب لکجي وڃن ...جيئن autumn ...knowledge chemistry صرف هن جوڙ جڪ کي ئي ڏسبو ته بابا هن ۾ آٽم ۾ نون جو بيڪار واڌارو ڇو،ناليج ۾ ڪي جو اضافو ڪهڙي خوشي ۾ ،۽ ڪيميسٽري ۾ سي ايڇ سان لکڻ جو ڪهڙو ڪم ڪي سان به لکي پئي سگهيا ...سو هي ٻولين جي جوڙجڪ آ ان کان ته اسان جي سنڌي ٻولي سگهاري آ...صرف استعمال ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو فقدان آ رغبت ۽ رجهان جي ڪمي آ .......جاري
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 سيپٽمبر 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو