ڪهاڻي گلاب تحرير : خادم گهراڻو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadimghirano طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2014۔

  1. khadimghirano

    khadimghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور
    روز هن جا سريلا گيت بڌڻ ۾ اچن ٿا هن جي گيتن ۾ اهڙو سرور آهي جو پکي پکڻ جھومي پون ٿا هن کي قدرت واري مٺو پيارو آواز ڏنو آهي پر هن کي اها خبر نه هئي ته هن جو آواز ڪيڏو سرو وارو ۽ مٺو آهر هي جڏهن صبح جو ٻڪرين جي گوهر ڪاهيندو هو ته هن جي خوش من مان گيت گونجي نڪرندا هئا اها ڳالهه هوٽل تي ويٺل ماڻهن مان هڪ ماڻهو ڪري رهيو هو آئون ه ڳوٺ جو نه هوس پر قسمت سانگي ان رات اوندهه ٿيڻ جي ڪري ان هوٽل تي اچي ترسيو هوس سڄي رات ان آواز جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته اهو آواز ڪنهن جو آهي جنهن جي هيءُ ساراهه ڪري رهيا هئا اهو آواز ضرور ٻڌنو ۽ آواز وارو ڏسبو ان آواز کي دنيا وارن جي اڳيان آڻبو جيئن اهو آواز گنيا وارا به ٻڌن جنهن جي ساراهه هي ڳوٺ وارا ڪري رهيا آهن . اهو پڪو پهه ڪري سمهي رهيس ته سڀاڻي ان سان ضرور ملاقات ڪبي .آواز خدا جي ڏات آهي اهو آواز تانسين به ٿي سگھي ٿو ته سرمد سنڌي به ٿي سگھي ٿو هن آواز کي هن سرسبز ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو دنيا وارا ته اهڙن آواز ن جي کوجنا ڪندا رهندا آهن ته اهڙو سرور وارو آواز ملي جنهن جي الاپڻ سان پکي مست ٿي وڃن وڻ جھومي اٿن مون ان آواز کي نه ٻڌو هو پر رڳو ان بابت ويچار ٻڌا هئا . ماڻهن جي ڳالهين کان پوءِ هڪ گھري ساگر ۾ گم هوس . صبح جو جڏهن پکي خدا جي وحدانيت ڪندا پنهنجي رزق جي تلاش ۾ نڪتا ان وقت آئون ٻاهر اچي بينچ تي ويهي رهيس ڪجھه پل مس گذريا ته منهنجي ڪنن تي شيخ آواز جي وائي سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو جو الاپ پيو آئون ان آواز کي ڳولڻ لڳس ته اهو آواز بند ٿي ويو اوچتو منهنجي ڀر مان هڪ جوان گذريو جنهن جي عمر 15 يا 16 سال هوندي اڳتي نڪري اسحاق راهي جي وائي گل اهڙي طرح ٿا لڏن ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري پيو مون پڪ سمجھيو اهو آواز ان ٻالڪ جو آهي ان کي سڏ ڪيم ۽ پڇيومانس ته اهو گيت تو پئي جھونگاريو چيائين ها پر چاچا توهان کي نه وڻيو ڇا جنهن تي مون چيو ته تنهنجي آواز ۾ هڪ سرور آهي پٽ تون پڙهندو نه آهين جنهن تي هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا جيڪي چهري تي نيسرا ٺاهيندي زمين تي ڪري گم ٿي ويا هن چيو ته چاچا آئون نو درجا پاس آهيان پر بابي کي ظالمن ماري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ماءُ جي سنڀال ڪرڻ پاپي پيٽ جي بک اجھائڻ خاطر ٻڪريون چاريندو آهيان جنهن تي هن کي مون چيو ته پٽ تون پڙهندين ان تي هن ورندي ڏني ته جيڪڏهن پڙهندس ته ماءُ جي منهنجي بک ڪير ختم ڪندو جينهن تي مون هن کي چيو ته تون فڪر نه ڪر تون پڙهندين به سک به ڏسندي تنهنجو آواز آئون دنيا وارن تائين رسائيندس جنهن تي هن چيو ته سچ چاچا مون چيو پٽ ها جنهن تي هيءُ لبن تي هلڪي مرڪ آني اڳيان نڪري ويو پر مون محسوس ڪيو ته ڪجھه پل جي لاءِ هن جي ڏکويل دل ۾ خوشي آئي هئي .جڏهن آئون واپش پنهنجي شهر آيس ته اتي هن ٻالڪ جي ماتقبل جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته ڪنول جو گل آهي ڪيڏو نه پيارو آهي پر هن جو جيون ڏکن جي ڏيهه ۾ آهي آخر مون فيصلو ڪيو ته هن ٻالڪ جي زندگي کي سنواربو اهو فيصلو ڪري آئون پنهنجي هڪ دوست سان مليس جيڪو ميوزڪ جو ماهي هو ميوزڪ ڪمپني هلائيندو هو ان سان سڄو قصو ڪيم جنهن تي هن چيو ته ان ٻالڪ سان ملبو تنهنجو سپنو ان کي چنڊ ستارن جيان روشن ڏسڻ جو آهي ته اهو ضرور پورو ڪبو .ان تي هن کي چيم ته اهو ٻالڪ يتيم آهي ان جي فق ماءُ آهي جنهن تي هن چيو ته دوست ان ٻالڪ کي علم جي زيور سان منور به ڪبو ان کي هتي رها.ش به ڏٻي ڪنهن جي مدد ڪرڻ سان رب راضي ٿيندو آهي اهو صدقو جاريه آهي .ڪ ڏينهن پروگرام ڪري ان ٻالڪ جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين منهنجي دل ۾ اهي وسوسا اچي رهيا هئا ته هيءُ موسيقي جو ماهر آهي ان ٻالڪ کي پاس ڪندو يا نه آهي ته منهنجو دوست پر سندس پروفيشن الڳ آهي جنهن جي مون کي مڪمل ڄاڻ به نه آهي . انهن ئي سوچن ۾ هن جو ڳوٺ اچي ويو پر ڳوٺ ۾ اها رونق نه هئي جيڪا اڳ هئي چهرا اداس هئا پکي جي لات ۾ اهو سرور نه هو خبر نه آهي اهو ئي سوچي پريان ايندڙ هڪ وڏي عمر واري چاچي کي هڪل ڪيم جنهن کان ان ٻالڪ جي باري ۾ پچيم ته اهو خاموش ۽ اداس ٿي ويو ۽ اسان کي هڪ اهڙي جاءِ تي وٺي آيو جتي رڳو رک پيل هئي اتي آني چيو ته پٽ جنهن ٻالڪ جو توهان پڇو پيا ان جو نالو گلاب آهي جنهن ۾ گلاب جي گل جهڙي مهڪ ۽ ڇڪ هئي اهو سامهون اٿو گلاب ان سان ملو جنهن تي مون چيو ته چاچا اها ته رک آهي جنهن تي ان پوڙهي اکين مان لڙڪ لاڙيندي چيو ته پٽ ان رک ۾ گلاب ۽ ان جي ٽاري جي به رک آهي گلاب اسان کان رسي ويو هليو هاڻي اسان سريلا گيت نه ٻڌي سگھنداسين . جنهن تي مون چيو ته اهو ڪيئن ان تي هن چيو ته هڪ رات گلاب جي ماءُ ماني پچائي ٽانڊن مٿان رک وجھي ڍڪي ڇڏيو جيئن صبح جو وري ٽانڊو ٻاري باهه ٻاري رات جو اهڙو هوا جو جھونڪو آيو جنهن ۾ رک اڏامي وئي ٽانڊا وڃي پلر ۾ پيا گلاب جو گھر ڪکاوان هو پل ۾ سڄي گھر کي باهه وڪوڙي وئي هنن جي رڙين تي ڳوٺ وارا آيا پر باهه نه وسامي سگھي گلاب پنهنجي ٽاري يعني پنهنجي ماءُ سان گڏ هن باهه ۾ سڙي راک ٿي ويو اهائي راک گلاب ۽ ان جي ماءُ جي آهي گلاب جهڙو سهڻو ٻالڪ ٽڙڻ جي عرصي تي پهچي ڪومائجي ويو هاڻ صرف هن جون يادون آهن جنهن جي تلاش ڪندا آهيون اها گم ٿي ويندي آهي گلاب به سان کان گم ٿي ويو جڏهن مون کي گلاب جي ياد ايندي آهي ته تڙپي پوندو آهيان ته آئون هن سان ڪيل قول پاري نه سگھيس هن کي خوشيون ڏيئي نه سگھس
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو