سُرخيون اختر حفيظ ......... جميل جڏهن نئون نئون شهر آيو هو ته هن کي شهر تمام وڏو نظر ايندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته هو هيڏي وڏي شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ وڃائجي ويندو. جن مان گذرندي سندس ساهه منجهڻ لڳندو هو پر هاڻ کيس هي شهر تمام ننڍڙو ٿي لڳو. ايترو ننڍو جو هن جي تري ۾ سمائجي وڃي. هن کي شهر ۾ رهندي اهو احساس اڏوهي بڻجي کوکلو ڪري رهيو هو ته هتي سڀئي ماڻهو پنهنجن چهرن تي ماسڪ چاڙهي هلن ٿا. جن کان جميل ڪافي خوفزده هو. جڏهن کيس ڳوٺ ياد ايندو هو ته سندس چهرو ڪجهه سرهو ٿيندو هو. هن سمجهيو هو ته شهر کيس ٻانهون کولي ڀليڪار ڪندو پر ائين نه ٿي سگهيو. هن جي ڳوٺ ڇڏڻ جو سبب رڳو بيروزگاري نه هو پر اهي قبيلائي جهيڙا به هئا، جن جي ڪري ڳوٺ ۾ زندگي مهانگي ٿي پئي هئي. جتي هر وقت بندوق جي گولي ڪنهن معصوم زندگي جي تاڙ ۾ رهندي هئي. ڳوٺ ۾ گولين جا آواز ٻڌي هن کان ڇرڪ نڪري ويندا هئا ۽ هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته بندوق جي نالي مان نڪتل هرگولي هن جي وجود ۾ گهڙي وئي هجي ۽ سندس جسم رتورت ٿي چڪو هجي. جڏهن گولين جا آواز هن جي ڪنن تائين پهچندا هئا ته هو ٻئي هٿ ڪنن تي ڏئي ڇڏيندو هو پر تڏهن به اهي آواز سندس ڪنن ۾ گهڙي ايندا هئا ۽ هن جي روح ۾ بيچيني پاسا ورائڻ لڳندي هئي. کيس لڳندو هئس ته جيڪي ماڻهو انهن بکايل گولين جو شڪار ٿيا هئا اهي سندس اندر ۾ دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا هجن. ڳوٺ ۾ بندوق جي نالي مان نڪرندڙ انڌي گولي ڪنهن به پهر جي پابند نه هئي. ڏينهن توڙي رات جو ڪيترائي وجود پاڻ کي وڃائي ڇڏيندا هئا. هن سوچيو ته شهر پهچڻ کانپو هي شهر کيس پناهه ڏيندو پر هتي پهچي به سندس اڪيلائي ختم نه ٿي. هو جنهن اخباري اداري ۾ ڪم ڪري رهيو هو اتي ڪيتريون ئي خبرون ڳوٺن جي باري ۾ اينديون هيون، جيڪي روز هن جي اکين آڏو گذرنديون هيون. جڏهن هو انهن خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ويهندو هو ته قتل ٿيل ماڻهن جي رت جا ڇنڊا سندس وجود تي محسوس ٿيڻ لڳندا هئا. اخباري اداري ۾ جيڪي سماج کي سڌارڻ جا دعويدار هئا ۽ جيڪي چوندا هئا ته اخبار سماج جو آئينو آهي، انهن ڪڏهن به انهي آئيني ۾ پنهنجو چهرو نه ڏٺو ۽ سڀئي ڪنهن اهڙي خبر جي وجهه ۾ هوندا هئا جنهن کي وڏين وڏين سرخين سان شايع ڪري سگهن يا وري ڪو جذباتي ڪالم لکي اخبار جو پيٽ ڀري سگهن. جميل مٿان هڪ نااهل نيوز ايڊيٽر هو. جيڪو سدائين اهو چوندو هو ته "بس بابا قلم ذريعي مڙئي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي" پر جميل کيس اخباري چٻرو سڏيندو هو. جيڪو هر وقت اکيون ڦاڙي ٻين کي ذليل ڪرڻ لا سرگرم رهندو هو. هونئن ته اها اخبار نااهلن سان ڀري پئي هئي پر نيوز ايڊيٽر نااهلي ۾ سڀني کي مات ڏيو ويٺو هو. جميل سان رضيه به ڪم ڪندي هئي، جيڪا عورتن جي اشوز تي اسٽوريون ڪندي هئي. رضيه جو تعلق ٺيڪ ٺاڪ گهراڻي سان هو پر هن صحافت کي پيشي طور چونڊيو. پوري اداري ۾ جميل ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن سان هن جي لڳندي هئي. جنهن مهل به جميل ۽ رضيه ڪنهن معاملي تي پاڻ ۾ ويهي ڳالهائيندا هئا ته نااهل نيوز ايڊيٽر پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ نڪ تي آڻيندي ڪرڙين اکين سان ٻنهي کي غور سان ڏسي پو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته کيس ڇوڪرين ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي يا وري پنا کڻي ڪنهن خبر جو پوسٽ مارٽم شروع ڪري ڇڏيندو هو. اخبار ۾ خبرن ذريعي ماڻهو کي ڪيئن ذليل ڪيو ويندو هو. انهي کان جميل چڱي ريت واقف هو. نيوز ايڊيٽر کان وٺي پروف ريڊر تائين سڀ ڪرپشن جي گٽر ۾ ٻڏل هئا. پر هر ڪو هڪٻئي تي الزام هڻندي ڪونه ٿڪبو هو ته فلاڻو ههڙو... هيئن ٿو ڪري... فلاڻي خبر هلائڻ جا هيترا پئسا ورتا.... پر ڪنهن به پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي نٿي ڏٺي ته اهي ڪيترا بدبودار هئا. ڪيترا ڀيرا جميل سوچيو ته اداري کي ڇڏي هليو وڃي پر غربت هن کي ڪٿي به ساهي پٽڻ نٿي ڏني. شهر ۾ هن کي رهڻ لا فقط هڪ قبر جهڙو ڪمرو هو، جنهن ۾ هن سان هڪ روم پارٽنر به هو. جيڪو ماستر هو ۽ هر وقت تعليم جي تباهي ۽ اهميت بابت بڪ بڪ ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هو جميل اڪثر چوندو هو ته "ميان اڄ جي تعليمي معيار تي لک، جيڪڏهن تون نٿو لکي سگهين ته آئون ئي توکي لکي ٿو ڏيان" جميل هائوڪار ڪري ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سندس دوست کي به شاگردن وانگر نٽائڻ جي عادت هئي. جميل هونئن به انهي ڪمري ۾ ڪافي راتيون گذاريون پر ڪا به اهڙي رات نه هئي جنهن ۾ هو سڪون سان ستو هجي. هو جڏهن به بستري تي ايندو هو سندس ذهن ڳوٺ ڏانهن اڇل کائيندو هو. جتي هن جو پوڙهو پي، بيمار ما ۽ ڀيڻ هئا. جيڪي انهن جهيڙن ۾ پنهنجا ساهه ڳڻي رهيا هئا. کيس چڱي ريت ياد هو ته جڏهن هو ٺهي سنڀري شهر ڏانهن اچي رهيو هو ته چاچي الهه بخش اکين مان ڳوڙها وهائيندي چيو "پٽ اتي وڃي اسان کي وساري نه ڇڏجان" هتي اچي هن کان ڪير به نه وسريو هو پر کيس ائين ٿي لڳو هو پاڻ کان ئي وسري ويو هو. اڃا به بيمار ما جي کنگهه ياد ٿي آيس ته کيس پريشاني گهيري ويندي هئي. هن کي اهو به خوف هو ته ڪٿي گهر جهيڙن جي ور نه چڙهي وڃي. جن هن کي شهر جي مصنوعي دنيا حوالي ڪري ڇڏيو هو. هو رضيه سان اڪثر گهر جي حالتن بابت ڳالهائيندو هو. اڄ هو جڏهن آفيس آيو ته کيس انهن ئي خبرن ۾ هٿ وجهڻا پيا، جيڪي سندس ئي ڳوٺ سان لاڳاپيل هيون. هن خبرن کان بيزار ٿيندي خبرن کي هڪ پاسي رکيو ۽ مٿو جهلي ويهي رهيو. رضيه کيس پريشان ڏسي پڇيو "ڇا ڳالهه آهي؟ تون پريشان ڇو آهين" ”پريشانيون جڏهن مقدر ٿي وڃن ته ڪنهن کي ڏوهه ڏجي؟“ هن چيو. "ڏس جميل، هتي ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، تون اجايو پريشان نه ٿي، پاڻ کي ڪمزور نه ڪر" رضيه کيس آٿت ڏني. رضيه هتي آئون جيڪي به سرخيون ٺاهيندو آهيان انهن مان ڪا به اهڙي خبر ناهي جيڪا هن سماج جي سڌاري لا هجي. ايتري ۾ نيوز ايڊيٽر جميل کي سڏ ڪيو. "جميل صاحب توهان وٽ جيڪڏهن ٽائيم هجي ته مهرباني ڪري هيڏانهن اچو" نيوز ايڊيٽر هڪ ڏينهن اڳ واري اخبار جا پنا اٿلائي رهيو هو ۽ هڪ خبر کي دائرو ڪڍندي پڇيائين "هي خبر تو ٺاهي آهي؟" "ها سر، هي مون ئي ٺاهي آهي" "توکي خبر آهي تو جنهن ماڻهو خلاف خبر هلائي آهي اهو منهنجو گهرو دوست آهي" "پر سر، خبر ته خبر هوندي آهي ۽ هو تمام ڪرپٽ ماڻهو آهي، ماڻهن جي احتجاج ڪرڻ تي مون کي اها خبر لڳائڻي پئي" ”بهرحال اڄ کانپو ڪا به اهڙي خبر جيڪا منهنجي ذاتي دوست متعلق هجي، اها ڇاپڻ کان پهرين مون کي ڏيکاريندو ڪر، هاڻ توهان وڃي سگهو ٿا.“ نيوز ايڊيٽر پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو ۽ هو وري انهن خبرن جون سرخيون ٺاهڻ ويهي رهيو. جيڪي اڳ ۾ ئي سرخ هيون. ٻئي ڏينهن هو جڏهن شهر جي پراڻي چوڪ تي بيٺو هو جتي اڪثراحتجاج ٿيندا هئا کيس رضيه ملي جيڪا ڪنهن رپورٽ جي سلسلي ۾ ڪٿان کان اچي رهي هئي، رضيه کيس چانهه جي صلاح ڪئي. "پر رضيه مون وٽ...." هن پنهنجا کيسا ڦلهوريا، جن ۾ سگريٽن کانسوا ڪجهه به نه هو. رضيه مرڪي چيو، ”خير آهي آئون ٿي توکي چانهه پياريان“ ٻئي ڪئنٽين ۾ وڃي ويٺا. رضيه چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ جميل سگريٽ ڪڍي دکايو. جنهن جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو ۽ سگريٽ جو دونهون ڇلن جي صورت ۾ غائب پئي ٿيو. "جميل تون سگريٽ ڇو پيئندو آهين؟" "سگريٽ! سگريٽ ته مون کي پيئندا آهن ۽ هونئن به مون کي لڳندو آهي، آئون پاڻ به هڪ سگريٽ ٿي چڪو آهيان، جنهن مان وقت جا چپ هميشه ڪش هڻندا رهندا آهن" سندس انداز طنزيه هو. "ڀلا ڳوٺ ته خير آهي نه ؟" "اسين جتي رهندا آهيون نه، اتي ماڻهن جي شڪل ۾ اسان جي چوڌاري جانور رهندا آهن. جيڪي معصوم ماڻهن جو گوشت ڳجهن وانگر پٽي کائڻ جا عادي ٿي چڪا آهن. اتي زندگي کي ڪا به معنيٰ ناهي. معنيٰ آهي ته فقط موت کي.." هن جو لهجو نفرت انگيز هو. هن آخري ڪش هنيو ۽ سگريٽ اجهائي چانهه پيئڻ لڳو. "تنهنجي امان ڪيئن آهي؟" رضيه ساعت کانپو پڇيو. "اها ڪيئن ٿي ٿي سگهي، جنهن کي کنگهه سڪون سان ساهه کڻڻ نه ٿي ڏئي. تو اڃا منهنجي ڀيڻ کي ناهي ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ ڪنوار ٿيڻ جا خواب هئا ۽ هن جو مڱيندو ڪنهن سردار جي گولي جو کاڄ ٿي ويو ۽ هاڻ هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جا والاري ڇڏي آهي. منهنجو پي سدائين ٻين جي فيصلن ۾ گهيلبو رهيو آهي ۽ منهنجي ته خبر اٿئي. آئون اخبار ۾ ذليل ٿيندو آهيان. هي اخبارون اسان کي ڪجهه نٿيون ڏئي سگهن. ها باقي نااهلن لا هتي گهڻو ڪجهه آهي. جن هن سماج کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي جيڪي ايڊيٽرز آهن، اهي به بانس وانگر کوکلا ٿي چڪا آهن. مون کي ائين لڳندو آهي ته پي جي موت وقت مون وٽ ڪفن خريدڻ جيترا پئسا نه ٿي سگهندا. هو مسلسل ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيو ۽ ماٺ ٿي ويو. "سڀ ٺيڪ ٿي ويندو" رضيه کيس آٿت ڏيندي چيو. "سڄي حياتي انهي آسري ۾ گذاري سگهجي ٿي پر هتي ڪجهه به ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. ڪيترائي نسل انهي آسري ۾ گذري ويا. اسان وٽ جن ٻارن جي هٿن ۾ گل هئڻ گهرجن انهن وٽ هٿيار آهن پر اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن لا فقط اها خبر آهي“ رضيه ڏٺو ته جميل جي اکين ۾ مايوسي اڀري رهي هئي. هن چانهه جو آخري ڍڪ ڀريو ۽ کيس هلڻ لا چيو. ٻئي ٻاهر نڪتا. جتان رضيه هن کان موڪلائي هلي وئي. انهي ڏينهن موڪل تي هجڻ ڪري هو شهر جا اهي رستا ماپڻ لڳو، جيڪي سدائين کيس اڪيلائي جو احساس ڏياريندا هئا ۽ رات جو جڏهن شهر جا زرد بلب سجاڳ ٿيا ته سڄو شهر روشن ٿي ويو پر اها روشني ماڻهن جي اندر کي روشن نٿي ڪري سگهي. رات جو فقط شهر جا بلب ئي نه جاڳندا هئا پر هو به انهن سان گڏ جاڳندو هو. رستي تي هلندي ڪنهن مهل کيس اهو به احساس ٿيڻ ٿي لڳو ته سڀئي بلب وات ڦاڙي هن جا چٻرا ڪڍي رهيا هجن. هو سست وکن سان هلندو اچي پنهنجي ڪمري تي پهتو، جتي هن جو روم پارٽنر دنيا کان بي فڪر ٿي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. هو گهر ڀاتين لا ڪافي پريشان هو. پريشانيون چچڙ جيان سندس وجود تي چهٽيل محسوس ٿينديون هيون. ڪافي ڀيرا هن سوچيو ته گهر ڀاتين کي شهر ڀيڙو ڪري پر هتي رهائش، کاڌو پيتو، اهو سڀ هن لا ممڪن نه هو. سرڪاري نوڪري لا هن هڪ ٻن جاين تي درخواست ڏني هئي پر اتان ڪو به جواب نه آيس. هڪ هنڌ آسرو ٿيس پر انهن ايترا پئسا گهريا جو هو اوڏانهن وري وڃي ئي نه سگهيو. هن جڏهن به مستقبل ڏانهن ڏٺو ٿي ته مايوسي کانسوا ڪجهه به نظر نٿي آيس. هو حالتن جي وس ٿي چڪو هو، جيڪي کيس مايوسي جي ڪن ۾ ڌڪي رهيون هيون، ٻئي ڏينهن جڏهن هو آفيس پهتو ۽ فيڪس تي پهتل خبرن کي ڦلهورڻ شروع ڪيو جيڪي کيس روز ذهني پيڙا ڏينديون هيون. "جميل هڪڙو منٽ هيڏانهن اچ" هن رضيه کي ڏٺو.... ”اڄ الائي ڇو ايتري اداس آهي ....هون!..“ هن چيو. "هڪ منٽ... توکي چيم نه ته خبرون ڇڏ" رضيه کي ڪاوڙ ڇو هئي.... هو حيران هو ۽ ٻي گهڙي جيڪا خبر هن جي اکين ۾ چڀي رهي هئي سا هيئن هئي. "نوجوان صحافي جميل احمد جو والد جهيڙي ۾ مارجي ويو" هن کي لڳو ته عرصي کان هن جي وجود ۾ ڀٽڪندڙ موت جون خبرون اڄ سندس وجود ۾ پنهنجا ڪاڻيٺا کپائي چڪيون هيون. هن رضيه کي بيوس اکين سان ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ به لڙڪ هئا.