هڪ شاگرد استاد سان مخاطب ٿي چيو: استاد اگر اوهان مون کي خدا ڏيکاريو ته مان خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ جيستائين خدا کي نه ڏسندس ان جي عبادت نه ڪندس. استاد ڪلاس روم جي آخري ڇيڙي تي وڃي شاگرد کي چيو: ڇا مون کي ڏسي سگهين ٿو؟ شاگرد وراڻيو نه سائين جڏهن اوهان ڏانهن منهنجي پٺي هوندي ته اوهان کي يقينن نه ڏسي سگهندس. استاد وڌي ان شاگرد وٽ آيو ۽ کيس چيائين جيستائين خدا ڏانهن پٺي ڪري بيهندين ته ان کي به ڪڏهن ڏسي نه سگهندين.
تمام سهڻو جواب استان ڏنو، واقعي جيڪڏهن پٺي ڏيڻ سان ڪابه شئي ڏسي نه ٿي سگهجي ته خدا کي ڪئين ڏسجي سگهجي ٿو