استاد منظور علي خان، تعارف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو. استاد هر رنگ ۾ ڳائيندو هو جنهن ۾ ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾ خيال ۽ ترانو به استاد منظور علي خان نه رڳو شاگردن کي پاڻ گڏ ڳارائي انهن جو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. استاد منظور علي خان موسيقيء جي دنيا ۾ پاڻ ته ملهايو پر ان سان گڏ سنڌي موسيقيء ۾ پنهنجي شاگردن استاد محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، عابده پروين، گلزار علي، دين محمد دمساز، محمد عرس ۽ محمد اڪرم، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي جهڙا انمول موتي ارپيا. سندس باري ۾ ممتاز مرزا لکي ٿو ته :

    يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو. سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊجي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون،مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کائنس متاثر ٿيندو ھو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪالهه هتي جي هڪ صحافي آچر خاصخيلي استاد منظور علي خان جي حياتي تي ٻه اکر لکيا، هن ۾ لکيل هو ته استاد منظور علي خان ننڍي عمر ۾ ئي ڪلاسيڪل موسيقي تي مهارت حاصل ڪئي هئي.
    هر سال سندس ورسي جي سادي تقريب ملهائي ويندي آهي ۽ قرآن خواني ڪئي ويندي آهي.

    الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جا عطا فرمائي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو