• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڏي سائين کان سوال؟

آئون ننڍپڻ کان ئي ريڊيو ٻڌڻ جو شوقين آهيان ڇو ته اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي نه هوندي هئي ۽ خبرن ۽ وندر جو وسيلو صرف ريڊيو ئي هوندو هو ، شام جو ڏاڏي فتح خان (سيدصالح محمدشاه) جي ڪچهري شوق سان ٻڌندو هوس، ها اوطاق ۽ ڪچهري تان ياد آيو، ڪلهه هن اوطاق(سنڌسلامت) جو اوچتو نياپو(اطلاع) مليو ته توهان کي هن اوطاق تي سال مڪمل ٿي چڪو آهي ، ڪڏهن ڪڏهن هن اوطاق تي نظر ڦرائيندي ڪجهه سوال ذهن ۾ اينداآهن جيڪي آهن ته فالتو پر اڄ الائيڇو اڄ دل چاهيو ته ڏاڏي سائين (منتظم اعلي) کان پڇان.
سوال: ڪنهن ميمبر کي نئون رڪن ۽ ڪنهن کي سينئر لکيو ويندو آهي، جونيئر رڪن کي سينيئر جودرجو ڪيتري وقت کان پو ڏنو ويندو آهي؟
سوال: اوطاق تي ميمبرن جو تعداد لکيو ويندو آهي ، اتي روبوٽ مان ڇا مراد آهي؟
 
.... ڪڏهن ڪڏهن هن اوطاق تي نظر ڦرائيندي ڪجهه سوال ذهن ۾ اينداآهن جيڪي آهن ته فالتو پر اڄ الائيڇو اڄ دل چاهيو ته ڏاڏي سائين (منتظم اعلي) کان پڇان.
مڃيم ته عمر 35 کي ڪراس ڪري چڪي آهي پر يار ڏاهو ٿي .. مان ته چاچو چورائيندي ئي لڄائيندو آهيان.. :) خير توهان جي لکڻ جو انداز وڻيو... :)

رهيا سوال ته جوابن لاءِ ڏنل لنڪس تي اچي جواب معلوم ڪريو...
سوال: ڪنهن ميمبر کي نئون رڪن ۽ ڪنهن کي سينئر لکيو ويندو آهي، جونيئر رڪن کي سينيئر جودرجو ڪيتري وقت کان پو ڏنو ويندو آهي؟
جواب لاءِ هي موضوع پڙهو
سوال: اوطاق تي ميمبرن جو تعداد لکيو ويندو آهي ، اتي روبوٽ مان ڇا مراد آهي؟
جواب لاءِ هي موضوع پڙهو
 
Back
Top