ڀَنڀَو جو ڀَنڀَورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏٺم ڪالَ
هَئَي تنين جي حالَ، زُلفُ جَي زافُ ڪيُون
سر سسئي آبري
ڏکين لفظن جي معنى
ڀَنڀَو = هي لفظ گجراتي ٻوليءَ جي لفظ بنبو ۽ مرهٽي ٻوليءَ جي لفظ ڀنڀو مان ورتل آهي. معنى اٿس گول گهنڊيدار، ڊگها وڏا ۽ گهاٽا وار.
ڪاڪُلُ = محبوب جي ڳل تي لڙڪندڙ زلف.
ڪالَ = ڪالهه
زافُ = عربي ٻوليءَ جي لفظ ذعف مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي نيست نابود، فنا ٿيل، اڦٽ ماريل، اڦٽ مارڻ.
سمجهاڻي
ڀٽائي هن بيت ۾ ان وقت کي فوڪس ڪيو آهي جڏهن حسين ۽ سهڻو نوجوان، ڪيچ مڪران جو شهزادو پنهون عطر ۽ خوشبووئن جا اٺ ڀرائي ڀنڀور ۾ واپار سانگي منزل ڪئي هئي. وڏن ۽ سهڻن وارن واري هن حسين ۽ خوبصورت شهزادي تي پهرئين ئي دفعي جڏهن سسئيءَ جي نظر پئي هئي ته سندس وڏا ۽ ڊگها وار ۽ حسين چهرو ڏسي مٿس موهجي پيئي، دل ڏئي ويٺي، گُهورن سان گهائجي پيئي هئي.
______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل