منصور سرور
سينيئر رڪن
منهنجو علائقو نارو آهي، جيڪو شخصي توڻي ادبي طور منهنجي لاءِ اتساهه جو سبب بڻيو رهيو آهي، جتي مون جوانيءَ جا انتهائي خوبصورت ڏينهن گذاريا، ڪي يادگار گهڙيون گهاريون، اتي جي ماڻهن جي بيحد غربت واري حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هئو، جنهن کي ڪجهه گهٽائڻ لاءِ مون هڪ غير سرڪاري تنظيم ٺاهي، جنهن جي پليٽ فارم تان مون سمجهيو هُئو ته ڪي چڱا ڪم ڪري سگهندس پر ڪراچيءَ جي هڻ هڻان واري زندگيءَ مون کي پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ناري کان پري ڪري ڇڏيو، اڄ مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي جيڪا اتان جي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ کپندي هُئي، اها نه ڪري سگهيس.
ساڳئي وقت مان اهو به اعتراف ٿو ڪريان ته علم ۽ ادب جي حوالي سان خاص طور شاهه سائينءَ جي شاعري مون کي سدائين پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي، پر مان شاهه لطيف جي شاعري بابت پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽري ڪرائڻ جي باوجود اها ٿيسز پوري نه ڪري سگهيس، جنهن جوڪارڻ منهنجي پئسا ميڙڻ جي لالچ به هُئي ته ڪجهه مفاد پرست ماڻهن جي سازش به هئي جيڪا ڪامياب وئي ۽ مان پنهنجي عمل ۾ ناڪامياب ويس.