• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يونيورسٽي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي!؟

منصور سرور

سينيئر رڪن
نجف علي سومرو
ڄامشوري جي عظيم درسگاه مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ماضي ۾ ڪنهن وقت ايشيا ۾ ٻي نمبر تي ليکي ويندي هئي ۽ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هينئر الاءِ ڪنهن نڀاڳي جي نظر جي ور چڙهي وئي آهي جو ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهي آهي. 1947ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي هئي ۽ پوءِ 1952 ۾ حيدرآباد ۾ شفٽ ٿي آئي تڏهن ان جو نالو اولڊ ڪئمپس رکيو ويو. حيدرآباد کان جڏهن ڄامشورو ۾ شفٽ ٿي آئي ته ان کي نيوڪئمپس جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. سنڌ يونيورسٽي جي خوبصورتي کي سڀڪو ڏسڻ ايندو آهي ۽ هتان جي نازڪ دلين ۾ سمايل محبتي اندازن، دلفريب نخرن، ساهه کي سٽون ڏيندڙ، چاهت جون ڳالهيون ڪندڙن کي وڻندڙ حسين حسين چهرا من کي موهي وجهندڙ منظر هرڪو ماڻهو ياد ڪندو رهي ٿو. ڪنهن شاعر جون سٽون مون کي ياد اچن ٿيون-

ڄامشوري نه وڃ، هانءُ ڪوري نه وڃ

جيءُ جهوري نه وڃ، پياري ٿوري نه وڃ

مون ٻڌو آ اتي ڪي ٻهگڻيون ٿيون رهن

دل ڦريندڙ ڪيئي، پَدمڻيون ٿيون رهن

ڪنهن ارم جي چپن سان نه ڇهجي وڃين

۽ تون نازڪ ادائن سان موهجي نه وڃين

ڪنهن لالي لبڙن سان تون نه چمجي وڃين

منهن مون کان تون پيارا موڙي نه وڃ

ڄامشوري نه وڃ، جيءَ جهوري نه وڃ.

ميل ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيڻ ٿيندو آهي ته انهي مهل هڪٻئي سان وعدا وفائن جا ۽ ساٿ نڀائڻ جا ڪيئي قسم کنيا ويندا آهن ۽ قول اقرار به ڪري وٺندا آهن ته ساٿ پنهنجو ڪڏهن به پرين نه ڇڏينداسين. محبوبائن جا وري انداز، ناز ۽ نخرا ئي عجيب ۽ غريب ڏسڻ ۾ پئي نظر ايندا آهن.

مون ڏي رنگ رتول کڻي آ، جذبن جا ڪي جهول کڻي آ

جيڪي آڻين جيئن به آڻين، تون موتي ڪي انمول کڻي آ.

اهڙن منظرن مان گذرندڙن کي ڪڏهن به اهڙا واقعا ڪو نه وسرندا آهن، جيڪي اهي منزلون طئي ڪري ويندا آهن ۽ وري جڏهن يونيورسٽي جي اندر ئي ناانصافيون وڌڻ شروع ٿيڻ لڳنديون آهن تڏهن وري اتي حق وٺڻ جا آواز بلند ٿيندا آهن، هن وقت گلن جهڙي سنڌ يونيورسٽي ڪومائجي رهي آهي. اچو ته گڏجي سنڌو جي ڪپر کان ٿورڙي فاصلي تي پٿريلي زمين تي اڏيل سنڌ جي عظيم درسگاه ۽ عظيم ماڻهن جي محنتن، ڪاوشن ۽ ڪوششن سان ٺهيل سنڌ يونيورسٽي کي بچايون جنهن کي محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙن مفڪر، دانشورن، سياسي رهنمائن، ۽ سنڌين کي شعور ڏيندڙن ڏاهن ماڻهن محنت ڪري ٺهرايو آهي. هي هڪ سنڌي قوم جي لاءِ خزانو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪو نه کٽي سگهندو.

ڄامشوري جي پٿريلي زمين هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، ڄامشورو علم جي لحاظ کان اعليٰ درجو رکندڙ آهي. هتي ڄامشوري ۾ ئي 3 وڏا علم جا گهر آهن، انهن جا نالا هي آهن:

1- مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي، 2- لياقت ميڊيڪل هيلٿ سائنسز يونيورسٽي ۽ 3- سنڌ يونيورسٽي. پهريون درجو مليو، انهن ٻنهي يونيورسٽين جا روڊ صاف سٿرا، ويڪرا ۽ نوان ڏسڻ ۾ نظر اچن ٿا پر سنڌ يونيورسٽي جي روڊن، رستن پارڪن کي جيڪي توجه جو مرڪز هوندا آهن ۽ جنهن کي اڳ ۾ ماڻهو ڏسڻ لاءِ ايندا هئا ڪيڏا نه ڪشادا، سهڻا ۽ نوان لڳندا هئا سي هاڻي الائجي ڇو اجڙي ويا آهن. ويرانين جي ور چڙهي ويا آهن. مڪلي جي ٽٽل رستن جيان ۽ پراڻين ديوارن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن انهن کي ڇو نه ٿو نئين سر تعمير ڪرايو وڃي؟ هن يونيورسٽي جو ماحول ايڏو ته خراب ٿي ويو هو جو هر ماڻهو خوف ۾ مبتلا ٿي ويو هو. هڪ عظيم استاد محترم سائين بشير احمد چنڙ صاحب کي به ڪو نه بخش ڪيو ويو ۽ هو مظلوم ماڻهو بي گناه گولين جي ور چڙهي ويو ۽ موت جي ننڊ ۾ کيس سمهاريو ويو.

جي ڪڇان ته ڪافر ٿيان

ماٺ ڪريان ته مشرڪ.

اهڙن واقعن جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن، ڇو انهن پيرن کي گم ٿو ڪيو وڃي، ڇا اهي پيرا واريءَ واري زمين تي آهن جو جن جو نالو نشان ئي نه ٿو رهي؟ آخرڪار اهي ڪنهن جا ته پيرا هوندا؟ دهشتگردي جا ناپاڪ هٿ ۽ غليظ اراد ڪنهن جا ٿي سگهن ٿا، اڻوڻندڙ واقعن جو ذميوار ڪنهن کي ٺهرائجي. شاگردن جي مستقبل سان ڪير ٿو کيڏي؟
 
Back
Top