• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو!!!!!!!!!!!

منصور سرور

سينيئر رڪن
cartoon.jpg
 
ڪُجه اسانجو به ڏوه آهي ، موچڙي ۾ هٿ وجهڻ بجاءِ اسان به هميشه ووٽ واري ٺپي ۾ هٿ ٿا وجهون. الله سائين سنڌين کي ڪا همٿ ڏئي ڪنهن دفعي موچڙي ۾ ڳَن وجهي هنن کان ڪو حساب وٺن. ته سڀ نشا ٽٽي ويندا، چاهي اهي حڪومت جا نشا هجن يا ڀنگ جا.
 
ادا فقط ڀنگ جي موالين جو ڏوه ناهي انهن کي به اسان ئي آندو آهي، هون ته اسان به چوندا آهيون ته آئنده انهن کي ووٽ نه ڏينداسين پر جڏهن دهل جي ڊهول وڃندي آهي ته سڀ اڳيان اڳيان هوندا آهن ۽ هي به اسان کي سمجهي ويا آهن ته هي اسان جا ئي مريد آهن وري به اسان وٽ ئي موٽي ايندا، واقعن انقلاب جي سخت ضرورت آهي ته جيئن هر انسان محفوظ رهي سگهي.
 
پي پي وارن کي پڪ آهي ته سنڌي ووٽ اسان کي ئي ڏيندا، پو ڪم ڇو ڪيون، پيا مرن، اسان ته صرف ووٽ لا ۽ عياشي لا آهيون. الله پاڪ اسان سنڌي کي ڪا سمجه ڏئي ته جيئن هن دفعي انهن کي پادرن جا هار پرايون ۽ ڪنهن ڪابل انسان کي ووٽ ڏيون جيڪو سنڌ جو درد رکندڙ هجي.
 
Back
Top