• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بوکلاهٽ ۾ بهتان بازي يا گارگند

سياست ۾ جڏهن به ڪو مشتعل ٿي بوکلاهٽ ۾ بهتان بازي يا گارگند ڪندو آهي، پڪ ڄاڻو ته توهان جو اڇلايئل تير مخالف جي وچ سيني ۾ صحيح نشاني تي لڳو آهي.
جيڪو به شخص حق ۽ سچ جي رستي تي هوندو آهي ان وٽ نه صرف سندس عشق ۽ ايمان پر دليل به سڀ کان وڏو هٿيار هوندو آهي. سياست ۾ سڀ کان موثر طريقو دليل سان قائل ڪرڻ وارو رستو هوندو آهي. دليلن سان هڪ ٻئي کي قائل ڪريو ، ضروري ناهي ته توهان ئي درست هجو، ٿي سگهي ٿو ته توهان جي مخالف رائي رکندڙ ئي درست هجي.
سچ کي وقتي طور ڌونس، دٻاءُ ۽ ڪوڙن بهتانن سان ڌيمون ته ڪري سگهجي ٿو پر ان جي طاقت جو اندازو ڪرڻ لاءِ دنيا جي تاريخ ۾ هزارين نه پر لکين مثال موجود آهن.
ڀل ڌاڙيلن کي ان جي پرواه نه هجي ۽ وقتي طور ڌاڙو هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا به هجن پر تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ هميشه اونڌا ٽنگبا رهبا آهن.
 
Back
Top