رياضت ٻرڙو خير شاهه بخاري جي درگاهه سنڌُ کي سٻاجھن، ملنسار، محبتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جو ديس ته سڏيو ئي ويندو آهي، پر ان کي پِيرن، بزرگن، مرشدن، وليُن ۽ ”پهتل“ ماڻهن جو ملڪ پڻ سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي گهڻن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مزارون، مقبرا، خاص قبرستان، درگاهون ۽ آستانَ ٽڙيا پکيڙيا پيا آهن، جتي ميلا ملهالا ۽ ملاکڙا لڳا پيا هوندا آهن، راڳ ۽ رنگ به ٿيندا آهن، باسون پيون باسبيون ۽ آڻبيون آهن، مست، ملنگ ۽ درويش به پيا ڏسبا آهن، ته جذبا ۽ جوش به ڪَر موڙيندا آهن. اهي سڀ شيون گڏجي سڏجي سنڌ جو هڪ منفرد رخ پيش ڪن ٿيون. اهڙو ئي منفرد رخ لاڙڪاڻي ضلعي کي به آهي. لاڙڪاڻي ضلعي کي تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ ته ’موهين ۽ جهڪر جي دڙن‘ جي ڪري آهي، پر مٿئين ذڪر جي نسبت سان، هتي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪيتريون ئي درگاهون، مزارون ۽ مقبرا پڻ آهن، جھڙوڪ: شاهه بهاري جو مقبرو، سيد جاڙل شاهه جي درگاهه، ميان محمد صالح قادريءَ جي درگاهه، عظيم شاهه بخاريءَ جي درگاهه، ڀرپور شاهه جي مزار، قائم شاهه بخاريءَ جي درگاهه، سِر ڪَٽئي فقير جو آستان، غفاري درگاهه، نگينه سرڪار جي زيارت گاهه، بهار شاهه جو مقبرو، سيد خير شاهه بخاريءَ جي درگاهه ۽ بودل شاهه بخاريءَ، شادن شهيد، ميهر شاهه، جھنگل شاهه، صابر شاهه، ابراهيم شاهه نانگي شاهه ۽ شير شاهه جون مزارون موجود آهن. انهن مان اڄ هتي سيد خير شاهه بخاريءَ جي درگاهه جو ذڪر ڪندس. هيءَ درگاهه شهيد سيد خير شاهه بخاريءَ سان منسوب آهي. سيد خير شاهه جي شهادت بابت ڪا ثابتي نه ٿي ملي، البت اها زباني روايت سندس فقيرن وٽان ملي ٿي ته سيد خير شاهه پنهنجي تريءَ تي سِر کنيو اڏامندو آيو هو، جنهن کي ڪو به سجاڳ ذهن رکندڙ ماڻهو مستند مڃي نه ٿو سگهي. هيءَ درگاهه ريلوي اسٽيشن لاڙڪاڻي جي سامهون، اسٽيشن روڊ جي اوڀر طرف، دَڙِي محلي ۾، سپنا هوٽل جي پٺيان هڪ سنهي گهٽيءَ ۾، ننڍي ايراضيءَ تي جُڙيل آهي. جيتوڻيڪ هي پاڙو هاڻي وچ شهر ۾ آهي، پر اڄ کان 60، 70 سال اڳ تائين اتي ڪي ٿورا گهر ئي اَڏيل هئا ۽ هي هنڌُ شهر جو ٻاهريون پاسو هو. درگاهه اندر سيد خير شاهه جو مقبرو نمايان آهي، جنهن جي اڳيان، اڱڻ ۾، اڍائي ٽي سَو سال کن آڳاٽو ڪنڊيءَ جي وڻ جو وڏو ٿُـڙ آهي، جيڪو آهي ته سُڪل پر ان مان هڪ ٻه ٽاريون سايون ٿيندڙ آهن. هي وڻ 2010ع ۾ آيل طوفان ۾ ڪِري پيو هو. ٿـڙ گھٽ ۾ گھٽ ايترو ٿلهو آهي جو ان کي هڪ ماڻهو ڀاڪر ۾ ڀري نه سگهندو. ان ٿـڙ جي ڄمار مان به، ان درگاهه جي قدامت جو ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو. اڱڻ ۾ ئي ٻاهرين در ڀرسان اوچو عَلم لڳل آهي. ٿُـڙ لڳ هڪ ننڍي ڪوٺي ٺهيل آهي جنهن ۾ سيد لعل شاهه ۽ سيد محمد شاهه جون مزارون آهن. ڪوٺيءَ جي در ڀرسان ئي فقير امام بخش لغاريءَ جي، ننڍڙِي ڪئِي ويل قبر آهي. ان بابت فقيرن جو چوڻ آهي ته جڳهه جي گهٽجڻ سبب قبر ننڍي ڪئي وئي آهي جيڪا اڳتي هلي وڏي ٺهرائي ويندي. ڪوٺي جي ڏکڻ ۾ فقيرن جي ويهڻ ۽ ”سُڪون“ ماڻڻ جو آستانُ آهي، جتي ٻئي فقيرَ، خير محمد لغاريءَ جي قبر به آهي. اهي ٻئي فقير پاڻ ۾ سَوٽ هئا. درگاهه جي ايراضي 1500 فوٽ کن ٿيندي. درگاهه (۽ مقبري) جي اولهه ۾ گهٽي، اتر ۾ ”جامع مسجد خير شاهه بخاري“، اوڀر ۾ ”گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خير شاهه بخاري“ ۽ ڏکڻ ۾ رهائشي گهر آهي. پرائمري اسڪول ۽ جامع مسجد جي ايراضي، اڳ ۾ درگاهه جي ايراضيءَ ۾ شامل هئي. هن وقت به جامع مسجد جي ايراضيءَ جو ڪجهه حصو درگاهه جي حاطي اندر اوڀرائين پاسي کان اُڌيل آهي. بهرحال، جيئن ته مسجد ۽ اسڪول، ٻئي، سيد خير شاهه سان منسوب آهن، تنهنڪري فرق نه ٿو پوي، اڃا به ان سان سيد خير شاهه جو نانءُ ديني ۽ ”دنيوي“ تعليمي ادارن سان ڳنڍجي ٿو، جا سٺي ڳالهه آهي. درگاهه اندر سيد خير شاهه جي مزار ۽ مقبري جي نئين سِر اڏاوت لاءِ فقيرن ڪافي وقت کان ڪوششون پئي ڪيون آهن. گھڻا سال اڳ، پ پ پ جي 1993-1996ع واري دَور ۾، جڏهن سيد عبداللھ شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، ته هُنَ درگاهه لاءِ هڪ لک رپيا منظور ڪيا هئا. تنهن وقت لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊِي سِي انوار حيدر هو، پر پئسا فقيرن کي ملي نه سگهيا جنهنڪري درگاهه جو ڪم نه ٿي سگهيو هو. نيٺ مقبري جو ڪم پاڙيسرين جي مالي مدد سان 2008ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو مالي مسئلن سبب اڃا تائين پورو ٿي ناهي سگهيو. درگاهه جي نگران فقيرَ، ممتاز علي لغاري، جيڪو سِرائي ممتاز لاهوتي جي نالي سان مشهور آهي، جو چوڻ آهي ته مقبري تي 42، 43 لک خرچ اچي چڪو آهي. مقبري جو ڪم باڊهه شهر جي اوستي رمز علي مسڻ ڪيو آهي. سيد خير شاهه جو مقبرو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ 14 فوٽ هم چَورس آهي. جڏهن ته مقبرو 55 فوٽ اوچو آهي جتي گنبذ بڻايو ويو آهي. ايڏي اوچائي شايد ان سبب ڏني وئي آهي ته جيئن شهر جي عام اوچين جڳهين منجهه، مقبرو پري کان نظر اچي سگهي. مقبري اندر چئني ڪُنڊن تي خوبصورت نقش نگاري ڪئي وئي آهي، پر ڪم جي اڻ پوري رهجي وڃڻ ۽ رنگ نه ٿيڻ سبب ان جي سونهن پوري طرح نکري نه سگهي آهي. مقبري جي اتر-اولهه ڪنڊ ۾ پينگهو پڻ رکيل آهي جنهن ۾ قرآن مجيد رکيل آهي. ان پينگهي کي زائرين لوڏيندا رهندا آهن. مقبري اندر، وچ تي، هڪ مستطيل ٿَلهي تي، سيد خير شاهه جي قبر آهي جنهن تي ٽي پِڙ پيل آهن ۽ پڳ ٻڌل آهي. ٿلهي چوڌاري اڇي رنگ سان ڪاٺ جو ڪٽهڙو به ڏنل آهي. درگاهه تي ايندڙ عورتون پُٽن جي باس لاءِ اينديون آهن، جڏهن ته خاص طور کنگهه ورتل ٻارن کي پڻ صحتيابيءَ لاءِ آندو ويندو آهي. ايئن شايد ان ڪري به آهي جو فقيرن، خواب ۾ سدائين سيد خير شاهه کي 12-13 سالن جي ٻار جي عمر ۾ ئي ڏٺو آهي ۽ هنن جو يقين آهي ته ايتري عمر ۾ ئي سيد خير شاهه جي شهادت ٿي. هو خواب ۾ اهو پڻ ڏسندا آهن ته قرآن مجيد واري پينگهي وٽ ئي سيد خير شاهه ويٺل آهي. سيد خير شاهه بخاري درگاهه تي، هر سال، 17 صفر تي هڪ ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ 200 کان 300 ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن. ان موقعي تي شام جو عزاداري ڪئي ويندي آهي ۽ رات جو صوفياڻو راڳ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سرائي ممتاز لاهوتي، صوفي فقير ياسين ۽ ٻيا مَقامي راڳي حصو وٺندا آهن. سيد خير شاهه، سندس زندگيءَ ۽ دَور بابت ڪا ڄاڻ ملي نه سگهي آهي. سِرائي ممتاز لاهوتي فقيرَ، وڏن کان ٻڌل روايت کي ورجايو، ته پاڻ اصل عراق جا هئا، جتان ڪربلا واري واقعي (61 هجري، 680ع) بعد هتي آيا ۽ پاڻ سيد قائم شاهه بخاري (جنهن جي درگاهه ”لاڙڪاڻو بيڪريءَ“ ڀرسان آهي) جا ننڍا ڀاءُ هئا. بهرحال، ڪنهن وقت هيءَ درگاهه چڱي نالي واري هئي، پر گذريل ڪجهه وقت کان رواجي درگاهه جو ڏيک ڏئي رهي آهي، جنهن جي اڏاوت ۾ ماضيءَ جِي ڪا به نشاني بچي ناهي. البت، سيد خير شاهه جو نانءُ ۽ ڪنڊيءَ جي ڇانءُ ئي تاريخ ۾ جهاتي پائيندي نظر اچي ٿي. حوالا: سرائي ممتاز لاهوتي فقير سان ملاقات. ديدار علي کوکر، هيڊماسٽر، گورنمينٽ بوائز پرائمري سيد خير شاهه اسڪول سان ملاقات.