تحرير: رياضت ٻرڙو جمعو فقير جمعي فقير کي ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۽ ٻين مضمونن ۾ ’جمعو فقير منگي‘ ڪري لکيو ويو آهي، جڏهن ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جمعو فقيرُ ذات جو سومرو هو. هو ڪُور سليمان ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو، ۽ پوءِ ڳوٺ ڏتل ابڙي ڀرسان ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جمعو فقير سومرو پنهنجين دلچسپ ڳالهين سبب، لاڙڪاڻي ۾ رهائش ڪرڻ جي ڪري ”لاڙڪاڻي جو وتايو“ سڏيو ويو. حقيقت ۾ هُو قنبر شهر ۾ ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي لڏي وڃي رحمت پور محلي ۾ ويٺو. سندس پورو نالو محمد جمن هو، پر ’جمعو فقير‘ سڏيو ويندو هو. جمعو فقير قنبر ۾ مين روڊ تي، پٺاڻ مسجد ڀرسان، صندل تي حجامڪو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري ئي ڀُل وچان کيس ذات جو منگي سمجھيو ويو. سندس گفتن ۾ وڏي ڏاهپ هئي. هو ماڻهن کي لاجواب ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. لاڙڪاڻي لڏڻ کان اڳ هن شهدادڪوٽ ۾ گداگري به ڪئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ عام طور گڏهه تي چڙهي گھمندو هو ۽ هٿ ۾ پنهنجي قد کان به ٻه هٿ وڏِي ڏانگ هوندي هيس. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور ٿيون، پر اهي لکيون نه ويون. ضرورت آهي ته سندس گفتن کي سهيڙيو وڃي. هتي سندس ڪجهه گفتا ڏجن ٿا: 1. جمعي فقيرَ حجامڪو ڪم ڇڏي، جڏهن گداءُ شروع ڪيو، ته هڪ ڀيري کيس ڪنهن ٻروچ خيرات ڏني، جنهن تي جمعي فقير آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو: ٻروچ به تو کان ڊڄن ٿا. 2. هڪ ڀيري وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس 100 رپيا ڏنا، جنهن تي جمعي فقير کيس چيو: اڄ جيڪڏهن مان ڀٽو هجان ها ۽ تون جمعو فقير، ته تو کي الائي ڇا ڏئي ڇڏيان ها! ڀُٽي صاحب کلندي کيس 500 رپيا ڏنا ۽ چيائينس: جمعا فقير دعا ڪجانءِ. تنهن تي جمعي فقير کيس چيو: جيڪڏهن اتي به خوش ناهين، ته مون سان گڏجي هل. 3. هڪ ڀيري جمعي فقير کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو ته جمعا، ڇا کپئي؟ جمعي فقير کيس چيو: ’توڦ‘ جو ’ليسن‘ ڏي. تنهن تي محفل ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. ڀُٽي صاحب جمعي کي چيو: توبَ جو لائسنس ڪاڏي ڪندين؟ جمعي فقير چيس: جڏهن توڦ جو ليسن گھرندس، تڏهن ته پستول جو ليسن ملندو. 4. پروفيسر منظور ڇڄڙي ٻڌايو ته هُو ۽ سندس دوستَ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پڙهي موٽي رهيا هئا، ته ڊِي سِي آفيس وٽ جمعو فقير پِني رهيو هو. هنن کيس چيو: جمعا فقير، زال جو نالو ته ٻڌاءِ. جمعي ٺهه پهه وراڻيو: مون کي وضو ٿيل ناهي. تنهن تي دوستن کلي چيس: جمعا، زال جو وضو سان ڪهڙو تعلق؟ جمعي فقير چيو: زالون هونديون آهن ”پاڪَ“، سو پاڪَن جا نالا بنا وضُوءَ جي ناهن کڻبا. هن دلچسپ ۽ انوکي ڪردار جمعي فقير سومري جي وفات لاڙڪاڻي ۾ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي.