عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
هي سنڌي شاعري جيڪا هڪ عورت ڳائي آهي اها ڪجهه تقدير سان ڀيٽ ڪري ٿي پر ان ۾ ڪجهه ميار به ڏنل آهي جيڪا نه ڏيڻ گهرجي ها. تقدير کي من، دل سان منڻ ئي ايمان جو حصو آهي.
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا،
تون ئي ٿو سڀ ڪجهه ڪرين
ناهي زمانو بي وفا،
ڇا ڪنديس اهڙي جيئڻ کي
ڇا ڪنديس اهڙو جهان،
آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو هر فسانو بي وفا،
روح جا رشتا ڳنڍي جنهن پيار جون ڳالهيون ڪيون،
نيٺ سو نڪتو انهيءَ جو هر ترانو بي وفا.
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا،
تون ئي ٿو سڀ ڪجهه ڪرين
ناهي زمانو بي وفا،
ڇا ڪنديس اهڙي جيئڻ کي
ڇا ڪنديس اهڙو جهان،
آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو هر فسانو بي وفا،
روح جا رشتا ڳنڍي جنهن پيار جون ڳالهيون ڪيون،
نيٺ سو نڪتو انهيءَ جو هر ترانو بي وفا.