• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

داعش جا عمل ضرور اسلام توڙي انسانيت جي خلاف آهن

مون کي اڄ اهو ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي تہ عراق ۽ شام جي هڪ دهشتگرد تنظيم دولت اسلاميه في العراق والشام ( داعش ) جي دشمنيءَ جي آڙ ۾ برطانيا، اميريڪا ۽ لبنان کان وٺي يوڪرين تائين هڪ خاص مهم هيٺ ڪن اسلام دشمن ماڻهن ڪلمو لکيل جهنڊن کي ساڙي ڪلمي جي توهين ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي. نہ رڳو ايترو پر اهو عمل مذهبي بنيادن تي هڪ نئين وڳوڙ کي بہ جنم ڏيڻ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو.
داعش جا عمل ضرور اسلام توڙي انسانيت جي خلاف آهن پر ان جي آڙ ۾ ڪروڙين مسلمانن جا جذبا ڀڙڪائڻ پڻ اهڙو ئي ڏوهہ سمجهون ٿا ۽ ان جي مذمت ڪريون ٿا.
 
Back
Top