مظهرعلي
سينيئر رڪن
جڏهن سائنس ۽ واپار ترقي ڪئي ته ان جي ڊيٽا ۾ به واڌارو ٿيو، ان لاء اها ضرورٽ ٿي ته ڊيٽا کي محفوظ ڪجي ۽ حسابي عمل ۾ به غلطيون نه ٿين. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءٌ آهي، جنهن ڪري ڪجھ سائنسدانن، جنهن ۾ ليبنيز، بليز پاسڪل، جوزف ميري جيڪارڊ ۽ ٻين ڪمپيوٽر ٺاهڻ لاء ڪجھ بنيادي خيال پيش ڪيا، پر اهڙي مسئلي جو حل سڀ کان پهريائين 1822ع ۾ هڪ سائنسدان چارلس بيبيچ ڏنو.
چارلس بيبيچ اهي بنيادي اصول ٻڌايا، جنهن جي بنيادن تي هڪ جديد ڪمپيوٽر ٺاهي سگهجي ٿو. پر
بدقسمتي سان هو مشين کي مڪمل نه ڪري سگهيو، تنهن هوندي به هي گهڻا اصول سندس ئي ڏنل آهن، جنهن تي ڪوبه جديد ڪمپيوٽر ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان جي ڪري چارلس بيبيچ کي ڪمپيوٽر جو ابو چيو وڃي ٿو ۽ تاريغ ۾ سونهري لفظن سان Father of Computer جو اعزاز ڏئي، کيس سدائين ياد ڪيو وڃي ٿو
چارلس بيبيج
بليز پاسڪل
جوزف ميري جيڪارڊ
ليبنيز