سنڌي ٻولي جي مشهور چوڻي آهي جن کاڌا پلن جا پيٽارا انهن جا هئينڙا ويچار، يا وري ائين کڻي چئجي تـ کاڌي لا۽ کامن ڄاڙيون ڄا موٽن جون، اهي ٻئي چوڻيون مون اخبار پڙهي ڪونـ ٺاهيون آهن جو ڪنهن دوست کي اعتراض ٿئي .پر ايامن کان سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ عام استعمال ۾ اينديون رهيون آهن .جيڪي مون وانگر پوڙها آهن يا جن جوانن ۽ نوجوانن جا پوڙها حيات آهن سي انهن ٻنهي چوڻين کان ڀلي ڀت واقف آهن ، باقي جن جا والدين آهن تـ نج سنڌي پر سنڌي سان سندن واسطو گهٽ پويء ٿو انهن ويچارن کي شايد ٻنهي چوڻين جو مفهوم سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي انهن کي صلاح ڏبي تـ ادا پنهنجي عزيزن کان يا انهن جي دوستن کان مدد وٺي سگهجي ٿي .
بهر حال اوهان بـ سوچيندا هوندو تـاهڙي خير جي خبر ڪهڙي آهي جنهن جي پڙهڻ سان ئي
هن موضوع جو انتخاب ڪيوويو ، تـ سائين اها خبر ” روزنامـ ڪاوش “ جي شڪرئي ۽ ٿورن سان اوهان لاء هيٺ عرض رکجي ٿئي .
وزيراعظم طرفان حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان،ضلعو ٽوڙڻ وڏي ڏاڍائي ۽ غلط فيصلو هو:گيلاني
وزيراعظم جو فيصلو قبول ناهي، حيدرآباد جا شهري پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن:الطاف
وزير اعظم پنهنجي ڪيل اعلان تي قائم رهي، يوٽرن نه وٺي:نبيل گبول پورٽ ۽ شپنگ واري مملڪتي وزير نبيل گبول چيو آهي ته وزير اعظم حيدرآباد ضلعي کي بحال ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي ان تي کيس قائم رهڻ گهرجي، وزير اعظم جي اعلان کي فيصلو سمجهيو وڃي
حيدرآباد جي بحالي سڄي سنڌ جو آواز هو:مخدوم جميل/زاهد ڀرڳڙي.
پراڻو حيدرآباد ضلعو بحال ٿيو ته شهر 60 سال پوئتي ڌڪجي ويندو:حيدرآباد چيمبرآف ڪامرس جي صدر عزيز الدين آرائين ۽ اڳوڻي صدر حاجي محمد يعقوب حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت ۾ بحالي جي مذمت ڪندي چيو
”حيدرآباد جي بحالي قبولي ناهي“:راحيلا مگسي ۽ ڄاموٽ پاران مخالفت
حيدرآباد ضلعي کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ عوامي امنگن جي ترجماني آهي:فهميده مرزاقومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته حيدرآباد ضلعي کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ عوام جو مطالبو آهي
حيدرآباد بچايو ڪاميٽي ۽ راڄوڻي اتحاد پاران ضلعي جي بحالي جي آجيان وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاران حيدرآباد ضلعو بحال ڪرڻ واري اعلان تي حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن خوشي جو اظهار ڪيو آهي،
حيدرآباد جي بحالي جي اعلان تي تاڙيون، زوردار نعرا، وزيراعظم جڏهن حيدرآباد ضلعي جي بحالي جو اعلان ڪيو ته پ پ ڪارڪنن ڀرپور تاڙيون وڄائي ۽ زوردار نعرا هڻي ان جي آجيان ڪئي.
حيدرآباد ۽ نون ٽن ضلعن مان ڪنهن کي به ضلعي جي بحالي تي اعتراض ناهي، گڏيل ٺهراءُ صدر کي موڪليو اٿئون:زاهد ڀرڳڙي
متحده جو وزيراعظم جي اعلان تي ناراض ٿيڻ سندن پراڻي سياست جي عڪاسي آهي: مولا بخش چانڊيوپيپلزپارٽي جي سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ واري اعلان تي ايم ڪيو ايم کي ناراض نه پر خوش ٿيڻ گهرجي ڇو ته اها عوام جي فائدي واري ڳالهه آهي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن متحده وزيراعظم جي اعلان تي ناراض آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته متحده پراڻي سياست جاري رکيو اچي، جيڪا عوام جي مفادن ۾ هرگز ناهي.
نـ فقط مزاح جي لحاظ کان پر مهل موقعي ، صحت صحبت، اصلاح ۽ تربيت ڄڻ تـ انهن چوڻين جوزندگي جي هر پهلو سان روحاني ربط هجي جنهنکي بـ انهن بي بها چوڻيون جي مفهوم جي خبر نـ پئي اهو مسڪين جو ٻارڄڻ جهڙو سنڌي ٿيو تهڙو ڪونـ ثيو.
اسان کي گهرجي تـ پنهنجي نسل کي نج سنڌي ريتن رسمن رواج روايتن علم ادب ۽ ثقافت کان آگاهـ ڪريون ڊرائينگ روم کان وڌ اوطاق جي ڪچهري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي