سڀني دوستن کي السلام عليڪم جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي هن بابت راهنمائي ڪندو ته مهرباني ٿيندي مون وٽ سامسونگ گليڪسي گرانڊ 2 جو سيٽ آهي جنهن ۾ آئون چاهيان پيو ته ڪجھ سنڌي فونٽ انسٽال ڪريان ته جيئن ڪجھ تحريرون انڊورائڊ آفيس جي اپليڪيشن ذريعي تحرير ڪندو رهان، سو ڇا اي پي ڪي فارميٽ ۾ سنڌي فونٽ ۽ ان جي انسٽال جو طريقو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟
ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جي مهرباني جو هي لنڪ موڪلي پر ادا منهنجو مسئلو ڪجھ ٻيو آهي سنڌي ٽائپ ته هن وقت به مان پنهنجي موبائل ۾ ڪري رهيو آهيان سنڌي ٽائپ ڪرڻ جو مسئلو نه آهي بلڪه مسئلو سنڌي ٽائپ ڪرڻ کان پوءِ ان ٽائپ ٿيل مواد کي ڪنهن سنڌي فونٽ آڻڻ آهي سو ادا اهو ٻڌايو ته سنڌي فونٽ اي پي ڪي فارميٽ ۾ آهن جو مان موبائل ۾ انسٽال ڪريان ۽ پوءِ پنهنجي ٽائپ ٿيل سنڌي تحرير کي ان فونٽ ۾ آڻيان
جيستائين مونکي خبر آهي ته اهڙا فونٽ ناهن. اوهان صرف ڊفالٽ فونٽ ۾ ئي ڪم ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو طريقو يا فونٽ آهن ته پوء اسان لاء به اها پوسٽ فائديمند رهندي.