موسميات کاتي پاران 13 ۽ 14 سيپٽمبر 2014 تي گڊو بئراج کان سيلابي ريلو گذرندو. تنهن ڪري ڪچي جي علائقن جي رهواسين کي خبردار ۽ اطلاع ٿو ڪيو وڃي تـ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل ريليف ڪئمپن ۾ جلدي منتقل ٿي وڃن. ضلعي انتظاميا لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪري 12 سيپٽمبر کان پهريان محفوظ جاين تي منتقل ٿي وڃن ۽ اهڙو اطلاع ڀروارن ماڻهن تائين بـ پهچايو وڃي.