• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

السلام عليڪم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ABDUL SAMAD
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ABDUL SAMAD

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
منهنجو نالو عبد الصمد آهي
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: السلام عليڪم

وعليڪم السلام و رحمت الله
دوست عبد الصمد ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا۔۔۔
سائين محترم هڪ عرض ته يار! ايتري ڪنجوسي به سٺي ناهي ۔۔۔ صرف نالي ٻڌائڻ سان ڪم نه هلندو، دوستي رکڻ لئه ڪجهه تعرف جا تفصيل هجن ته سون تي هيرن جو ڪم ٿي پوي ۔۔۔ ۽ ٻيو عرض ته اوهانکي اسانجي هيءَ اوطاق ڪيئن لڳي؟ اوهانکي جي هن اڱڻ تي ڪا ڳالهه پسند آئي ته انجو اظهار ۽ جي ڪا ڳالهه نه وڻي ته انجي خبر ڏيو ها ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها ۔۔۔

دوست عبدالصمد صاحب، اسانجي هيءَ موچاري اوطاق سنڌ ۽ سنڌيت جي نعري تي مبني آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي ۔۔۔ اوهان جهڙا سنڌ سڄڻ دوست ساٿ ۾ هوندا ته منزل آسان ۽ پر ڪشش ٿي پوندي ۔۔۔ انڪري پنهنجا سون جهڙا خيال هن اڱڻ جي دوستن سان ونڊ ڪندا رهندا ۽ چڪر هڻي پنهنجي واڌو ڪاٽو راين کان آگاهه ڪندا رهندا ۔۔۔
سدائين آباد ۽ خوش رهو ۔۔۔
 
جواب: السلام عليڪم

ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون سائين چواڻي پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا

ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: السلام عليڪم

محترم ادا عبدالصمد شال جُڙيا هُجو، توهان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀري آيا هن ساري اڱڻ تي سرهائي ڇائنجي وئي ، اسين سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار ٿا چئو۔ انهي دُعا سان ته شال سنڌ جي تازن گُلابن وانگر مهڪندا مُسڪرائيندا رهو، اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان سنڌ سلامت سان ساٿ هر ڏُک ۽ سُک ۾ ضرور نڀائيندا۔
 
Back
Top