انسان هن دنيا ۾ پنهنجي مرضي کان بغير اچي ٿو ۽ پنهنجي مرضي کان بغير هن دنيا مان وڃي ٿو. ٻالجتائپ ۾ فرشتو، جواني ۾ شيطان ۽ پوڙهائپ ۾ بيوقوف سمجهيو ويندو آهي. جي غريب آهي ته فضول ۽ امير آهي ته مغرور سڏبو. جي خيرات ڪري ته شُهرت جو بکيو جي نه ڪري ته ڪنجوس سڏبو. جي مذهبي آهي ته جاهل ، مذهب کان پري ته گنهگار سڏبو. جڏهن دنيا ۾ اچي ٿو هرڪوئي ان سان پيار ڪري ٿو، مرڻ کانپوءِ هرڪوئي ان مان جلدي جند ڇڏائي ٿو. ڄمڻ وقت پاڻ روئيندو آهي ۽ مرڻ وقت ٻين کي روئاريندو آهي. آخر انسان جي حقيقت ڪهڙي آهي ؟؟؟ اچڻ وقت آذان اقامت ۽ وڃڻ وقت نماز؟؟؟؟؟؟؟؟