منهنجي ماءَ سنڌو ماتا

'مختلف موضوع' فورم ۾ علي رِضا پتافي طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2014۔

  1. علي رِضا پتافي

    علي رِضا پتافي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    خانگي ملاز
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو ضلعي گهوٽڪي
    ها مان شرمنده آهيان ته مان تنهنجو اهو نافرمان پٽ ٿي پيو آهيان جنهن کي تو پنهنجي سيني تي بامڙا پائيندي ۽ پهريون وکون کڻندي ڏسي خوش ٿي هئين، ۽ يقين جي ان حد تي پهتي هئين ته تنهنجو اهو ٻالڪ وڏو ٿي تنهنجي سيني تان سڀ غم ۽ بار اچي چڻندو. پر افسوس منهنجي مٺي ماءَ، منهنجي جيجل اڄ مون وٽ سڀ ڪجھ هوندي تنهنجي لاءِ ڪجھ ڪري نه سگهيو آهيان، مان نه ٿو ڄاڻان ته روزِ قيامت تون مونکي بخش بهڪندين الائي نه...
    منهنجي ماءُ مان ته تنهنجي ٻي اولاد ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ به ڪجھ نه ڪري سگهيو آهيان،، نه ئي ڪا قيد تو لاء ڪاٽيم، نه ئي ڪا تنهنجي محبت ۾ گيت ڳاتم نه ئي وردي پوش يزيدي اولادن جي آڏو منهن اٽڪايم، لڪندو رهيم، ڀڄندو رهيم، پنهنجو سر بچائيندو رهيم... وساري ڇڏيو هئم ته موت ته واجب آ پر پوءِ به موت جي خوف کان تو لاءِ ڪو آواز ڪون اٿاري سگهيم... امي، مان مجبوري جا ڪوڙا سبب ڄاڻائيندو رهيم تو سان امي توسان ڪوڙ ڳالهائيندو رهيم...

    ها مونکي اطلاع مليا هئا ته منهنجا ڪجھ ڀاءَ ساڙي ماريا ويا، ڪن جا لاشا روڊن تي اڇلايا ويا، ڪن جا سينا گوليان سان پروڻ ڪيا ويا، ڪن ڊرل مشينن سان ازيتون ڏنيون ويون، مونکي اهي به اطلاع مليا ته ڪئي اپاهج بڻايا ويا پر مون ڪجھ نه ڪڇو،
    امي اها به ڄان ملي ته جن مذهبن کي تو جنم ڏنو هو تن جون عبادت گاهون ٽوڙيون ويون، ڀائرن کي پاڻ ۾ وڙهايو ويو ۽ خونا ريزي ڪرائي وئي پر مون ڪو به مذهبي انتهاپسندي خلاف ڪم نه ڪيو....
    امي خبر پئي آهي ته جئين بنگلاديش جي نياڻين جي لڄ لٽي وئي تئين اڄ اهي ڪرنيلن جي اولاد منهنجي ڀينرن ۾ اک وڌيون ويٺي آهي پر مان ڪنهن به غيرت جو مظاهرو نه ٿو ڪرڻ چاهيان... مان ڪيڏو نه خودپرست، اناپرست ۽ مفادپرست ٿي پيو آهيان...

    امي مونکي دعا ڏي،
    امي مونکي حوصلو ڏي،
    امي جئين ٻالڪپڻي ۾ منهنجو هٿ پڪڙي مونکي گهمائڻ سکائيندي هئين تئين هٿ پڪڙ ۽ پنهنجي آغوش مان غيرت ۽ همٿ عطا ڪر... مان ڀاڙيو ٿي رهڻ پسند نه ٿو ڪيان... روز ضمير مونتي چٿرون ڪندو آ.....

    مٺي امي مان تنهنجي پيرن ۾ ويٺو آهيان... منهنجون غلطيون معاف ڪر ۽ همٿ جي هٿيار سان ليس ڪر... امي هاڻ مان فقط تنهنجو ٿيڻ ٿو چاهيان ته جئين مرڻ کان پوءِ تنهنجي آغوش ۾ دفنائجي سڪون جي ننڊ ڪري سگهان.... ڀرپور سڪون...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو