لکڻ لاءِ پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي؟

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    لکڻ لاءِ پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي؟

    مٺل جسڪاڻي


    اوهان محترم، جيڪي لکي به سگهو ٿا ۽ پڙهي به سگهو ٿا، يا جيڪي لکي ته نه ٿا سگهو، پر پڙهي سگهو ٿا، اهي مون سان ڀلي اختلاف ڪجو، ڇاڪاڻ ته اختلاف جو هر ڪنهن کي حق آهي، پر ان ساڳئي حق جي نسبت سان مهرباني ڪري مون کي به حق ڏيو، ته آئون اوهان سان اختلاف ڪندي، جيئن درست سمجهان ٿو، تيئن پنهنجو خيال اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان. ان کان پوءِ، جيڪڏهن آئون غلط هجان، بلڪ اهو قطعي ضروري نه آهي، ته آئون جيئن لکان، تيئن درست به هجي. نه، آئون غلط به ٿي سگهان ٿو، ان ڪري منهنجي غلط ڳالهه نه مڃڻ، بلڪ ان کي درست ڪرڻ، اوهان جي اخلاقي ذميواري آهي. جيڪڏهن اوهان اها ذميواري نڀائيندا، ته آئون ارهو نه ٿيندس، بلڪ اوهان پاران ٿيندڙ پيش رفت تي منهنجون اکيون ٿڌيون، پر سڀ کان پهرين، جيڪڏهن منهنجو عرض نظر انداز نه ڪندا، ته اوهان جا ٿورا ٿيندا.

    اوهان جنهن به خيال جا هجو، پر آئون ان خيال جو آهيان، ته لکڻ لاءِ لکي سگهڻ جيترو پڙهيل هجڻ ضروري آهي، پر پڙهڻ لاءِ پڙهي سگهڻ ضروري نه آهي!

    مون کي اندازو آهي، ته هاڻ اوهان منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ رکندا، پر شايد اوهان کي اهو اندازو نه آهي، ته آئون پنهنجي دليل طور اوهان جي خدمت ۾ ڇا لکڻ وارو آهيان؟

    پاڻ روزمرهه جي زندگيءَ ۾ جنهن جنهن سان به ملون ٿا، اهو لکيل پڙهيل هجي، سو ضروري نه آهي، پر ڇا اهو ضروري آهي، ته اهو اڻ پڙهيل هجڻ ڪري ڪجهه پڙهندو نه آهي؟!

    مون کي اهڙا ڪيترائي اڻ پڙهيل هاري سُجهن، جيڪي ٻوٽن کي پڙهڻ جي سگهه رکن ٿا. هو ٻوٽي کي ڏسي، اهو ڄاڻي سگهندا آهن ته ٻوٽو اڃارو آهي يا بکايل، ٻوٽي کي ڪا بيماري، ڪو مرض لاحق آهي، يا پنهنجي حياتي پوري ٿيڻ جي ڪري، هاڻ پڇاڙڪن پساهن ۾ آهي؟

    اهڙيءَ ريت، مون کي بيشمار اهي اڻ پڙهيا مال چاريندڙ به سُجهن ٿا، جيڪي ٻڪرين، رڍن، مينهن، ڍڳين کي پڙهي وٺندا آهن! ماڻهو ته پنهنجي گهر ۾ آيل پاڙي جي ٻليءَ کي به پڙهي وٺندا آهن! ماڻهو ته ماڻهوءَ جي منهن کي ڏسي، جنهن تي بظاهر ڪجهه به لکيل نه هوندو آهي، تنهن هوندي به، توڙي جو عام ماڻهو علم نفسيات ڪڏهن به نه پڙهيو هوندو آهي، پر ٻئي جو چهرو پڙهڻ جي به سگهه رکي ٿو!

    جيءُ. هاڻ ٻڌايو ته اوهان جو ڇا خيال آهي؟ اڻ پڙهيو ماڻهو به پڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو يا نه؟! جيڪڏهن ها، ته پوءِ منهنجي خيال ۾ اهو ضروري نه آهي، ته لکڻ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي. ها، ان جي برعڪس، اهو مڃڻ لاءِ آئون به تيار آهيان، ته پنهنجي لکڻي ۾ چس وڌائڻ لاءِ، لکڻي ۾ جان وجهڻ لاءِ، لکڻي کي گهڻو بامقصد بلڪ مثالي بنائڻ لاءِ، پڙهڻ جي اهميت کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته لکڻ لاءِ ڪي معيار مقرر آهن، ڪي قائدا جڙيل آهن، ڪي گهاڙيٽا متعارف ٿيل آهن.

    ڪي ڳالهيون، ڪي احوال، ڪي حقيقتون، ڪي خيال، شاعري جي ڪنهن هڪ، ته ڪي وري ڪنهن ٻيءَ صنف ۾، ته ڪي نثر جي ڪنهن هڪ، ته ڪي ڪنهن ٻيءَ صنف ۾ موثر انداز ۾ لکي سگهجن ٿا. ان حقيقت کان ڪن لاٽار آئون به نه ٿو ڪري سگهان.

    اوهان جيئن چاهيو تيئن سمجهيو. منهنجي خيال ۾، صبح جو اٿڻ کان وٺي رات جو سمهڻ تائين، ماڻهن جي اڪثريت پڙهندي آهي. ماڻهو سکندو آهي. پرائيندو آهي. جنهن ماڻهوءَ ۾ روزمرهه جو معمول، ڪنهن سان ونڊڻ جي جهڙي به صلاحيت هوندي آهي، اهو ان نسبت سان، پنهنجو تجربو ٻئي تائين پهچائيندو آهي.

    اوهان جو ڇا خيال آهي، ته جيڪي ڪچهرين جا ڪوڏيا سڏبا آهن، اهي ڪچهرين جا مور ڇو آهن؟! منهنجي خيال ۾ هو پنهنجي پڙهيل حالتن، واقعن وغيره کي لکي ته نه سگهندا آهن، پر انتهائي موثر انداز ۾ بيان ڪرڻ جي منجهن جيڪا صلاحيت هوندي آهي، سندن اها صلاحيت کين محفل جو مور چورائي ۽ مڃرائي ٿي.

    جيڪي به اڻ پڙهيل يا وري تمام گهٽ پڙهيل آهن، اهي سٺا ڏور ۽ بيت چوندڙ، جمالا ۽ مورا چوندڙ، لوڪ آکاڻيون تخليق ڪندڙ... لوڪ گيت سرجيندڙ... ٻڌڻ سان کلائيندڙ، خوش ڪندڙ، ڏکارو ڪري ڇڏيندڙ، روئاريندڙ سهرا سرجيندڙن جي اڪثريت ته اڻ پڙهيلن جي رهي آهي! جيڪي ٿورا لکيا پڙهيا آهن، اهي پنهنجي نسبت سان، پنهنجون ۽ پرايون حالتون قلمبند ڪندا آهن. ڪو مختصر نثري ٽڪرا لکندو آهي، ته ڪو طويل ناول سرجي وٺندو آهي.

    مقصد ته سٺو لکڻ لاءِ به پڙهڻ جي شرط کي ڪيترو لازمي قرار ڏجي؟ اهو تمام وڏو ۽ بحث طلب موضوع آهي، نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، پر جيڪو جيڪو به لکي، اهو ڪتاب پڙهي، سو گهڻو ضروري نه آهي. جيڪڏهن ائين هجي، ته صرف مطالعي جو مطالبو ٿئي، پر پاڻ ته مشاهدي جي به ڳالهه ڪريون ٿا. مشاهدي ۾ صرف چانڊوڪي رات ۾ درياءَ جو سير ضروري نه آهي، نه ئي اهو ضروري آهي ته علي بابا تي ويهي، موسم جي نسبت سان آئيس ڪريم کائجي يا وري بادام واري چانهن پيئجي. اوهان جي مرضي المنظر تي هجو يا ڄام شورو جون هوائون کائو، اوهان پنهنجي مشاهدي کي محدود رکندا ته ان نسبت سان، دائرو وڌائيندا ته ان نسبت سان، اوهان جي مرضي ته ڪنهن فرد کي يا وري سڄي سنڌ کي پرين جو پاڇو سمجهو.

    منهنجا اهي محترم دوست، جيڪي لکڻ لاءِ پڙهڻ کي لازمي شرط چون ٿا، انهن کي پنهنجي ان شرط تي ٿڌي دل سان سوچڻ گهرجي. البت، هڪ ڳالهه جي چٽائي ضروري ٿو سمجهان. اها هيءَ ته سائنسي بنيادن تي لکڻ کان اڳ مطالعي ۽ تحقيق جو شرط لازمي آهي، ان کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. بنا تحقيق، تجربي ۽ مطالعي جي، اوهان مان ڪير به پنهنجي پڙهندڙ کي، نئين حقيقت کان آگاهه نه ٿو ڪري سگهي. ان حقيقت کان آئون قطعي انڪار نه ڪندس.

    مون کي ڳالهيون ڪجهه ٻيون به ڪرڻيون آهن، پر انهن ٻين ڳالهين جا موضوع ٻيا آهن، ان ڪري ٻين موضوعن تي اوهان جو قيمتي وقت پوءِ سيڙهائبو، في الحال، اميد ته مون کان جيڪڏهن ڪجهه غلط لکجي ويو آهي، ته مهرباني ڪري منهنجي ۽ مون جهڙن ٻين جي تربيت لاءِ اوهان رهنمائي ڪندي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا، ته لکڻ لاءِ پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي؟

    روزاني عبرت حيدرآباد، خميس 11 سيپٽمبر 2014ع
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم مٺل جسڪاڻي صاحب ! اوهان جو لکيل مضمون ” لکڻ لاءِ پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي “ معلومات،مواد ۽ دلچسپي وڌائڻ جي لحاذ کان شانائتو ۽ جاندار آهي . ان ونڊ جي لاءِ اوهان کيرون لهڻيون . اوهان جيڪي ڳالهيون ڪرڻ پيا چاهيو ۽ وقت نه هجڻ ڪري رهائي ويا آهيو اميد ته اهي به اسان ونڊيدا ،ته جينئن اسان پاران جڏا سڏا فيضياب ٿي سگهن .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    ادا مان بي ايس سي جو شاگرد آهيان پر مونکي اهو چوندي شرم اچي ٿو ته مان سنڌي سهي لکي نه ٿو سگهان. ان جو هڪ خاص سبب اهو به آهي جو مان شروع کان ئي انگريزي تي ڌيان ڏيندو آيو آهيان ۽ هن وقت انگريزي مونکي لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ٿي پر سنڌي سرف پڙهڻ اچي ٿي لکڻ ۾ لا تعداد غلطيون ٿي وڃن ٿيو مان هڪ شادي ۾ ويس جتي منهنجي هٿ ۾ پين پنو ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته هتي ٻيو ڪو پڙهيل نه آهي تو پوئو لک . پر مونکي ان ڳالهه جو افسوس اهي ته اهي ڳوٺ جا ٻار منهنجي سنڌي لکڻ تي کلي رهيا هئا ۽ مونکي مائيٽن اهو پڻ چيو ته ڇا توهان شروع کان شهر ۾ اهو سکڻ لا رهيا آهيو جو توهان کي سنڌي لکڻ به نٿي اچي ؟؟ مان چيو ته مان انگريز ۾ توهان کي لکي ڏيان ڇو ته شروع کان انگريزي پڙهيو آهيان ؟ انهن چيو تون اسان کي لکي ته ڏيندين پر جڏنهن اهو پڙهڻو هجي ته ڳوٺ ۾ انگريزي ڪنهن کان پرهايون .
    منهنجو مامو مونکي چوڻ لڳو ته اسان ڄٽ آهيو ڇو ته اسان کي انگريزي نه ٿي اچي پر اسان کان وڌيڪ ڄٽ تون آهين جنهن کي سنڌي نه ٿي اچي
    اصل مقسد منهنجو اهو ئي آهي جو مان هي فورم جوائين ڪيو آهي ڇو ته منهنجو مڃڻ آهي ته "جيترو لکندين اوترو سکندين " سرف پڙهڻ مان ڪم نه ٿيندو لکڻ وڌيڪ ضروري آهي .
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀ کان وڌيڪ ايمانداري ۽ بهادري ته اهائي آهي ته ماڻهو پنهنجن ڪوتاهين جو اعتراف ڪري . انگريزي لکڻ ،پڙهڻ يا ڳالهائڻ ڪا خراب ڳاله ڪانهي .ٻوليون يا زبانون جيتريون به ڪنهن ماڻهوءَ کي اچن اها ڳاله تمام ڀلي ۽ بهتر آهي . پر پنهنجي مادر ٻولي سکڻ ،لکڻ ۽ پڙهڻ تمام ضروري آهي . اميد ته همت نه هاريندا ،ٿوري محنت سان اوهان تمام سٺي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي وٺندا . کوڙ ساريون غلطيون اسان کين به ٿينديون آهن .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو