السلام عليڪم دوستو منهنجي هڪ يو ايس بي ۾ شارٽڪٽ جو مسئلو اچي پيو.ان کي ختم ڪرڻ لا تمام گهڻا سافٽوير اينٽي وائرس تمام گهڻا انسٽال ڪيا پر پو به مسئلو حل نه ٿيو. پو ڪالھ مون کي هڪ سافٽوير هٿ آيو ان سان مسئلي جو حل ٿي ويو.هاڻي يو ايس بي بلڪل صحيح نموني هلي پئي. سو ان لا ٽوٽريل توهان سان شيئر ڪيان پيو جيئن توهان به پنهنجي هن مسئلي پيش اچڻ تي پنهنجي يو ايس بي کي ٺيڪ ڪندا. سڀ کان پهرين يوايس بي فڪس نالي سافٽوير ڊائونلوڊ ڪريو.۽ هي سافٽوير بنا ڪنهن انسٽال جي آٽوميٽڪ کلندو. پو پنهنجي يو ايس بي پي سي ۾ اٽيچ ڪريو ۽ ڪلين آپشن تي ڪلڪ ڪريو، پو هي پيج کولي ايندو ان کي اوڪي ڪريو. هاڻي توهان جي يو ايس بي کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي ٿورو ٽائيم صبر ڪريو. جڏهن 100 سيڪڙو ٿي وڃي ته پو هي آپشن ايندي ان کي ييس ڪريو پو بس هاڻي توهان جي يو ايس بي شارٽڪٽ کان آزاد
ڪم جو موضوع آهي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ! اهو بغير انسٽال ڪرڻ جي ڪيئن ٿو هلي ؟ ڇا نيٽ ذريعي هلندو ؟؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پو ڇا توهان جي يو.ايس.بي جي ڊيٽا ان سافٽويئر ذريعي هيڪ ته نٿي ڪئي وڃي ؟؟ ائين به ٿيندو آهي، جيئن فيسبوڪ فشنگ نالي هڪ ايپليڪشن مارڪيٽ ۾ هلي پئي جنهن ۾ توهان ڏسندؤ ته فيسبوڪ پيج کُلي ايندو توهان سمجهندا ته اهو اصلي فيسبوڪ آهي ۽ جيئن ئي توهان لاگ ان ٿيندا ته توهان جو پاسورڊ ۽ اي ميل هيڪرز وٽ محفوظ ٿي ويندي. ڇا اهو سافٽويئر پروٽيڪٽيڊ آهي ؟؟