• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت نوح جي ٻيڙي لڌي وئي

ادا اها پراڻي ڳالهه هلندي اچي جيڪا هن مهل تائين ڏند ڪٿا سمجهي پئي وئي. پر ترابزون شهر (جتي هن وقت رهڻ ٿئي پيو) کان اوڀر ايران طرف وڃبو آهي ته ڪُجهه ڪلاڪ جي فاصلي تي ارضِ روم نالي شهر جي پاسي ۾ هڪ جبل آهي جنهن جي اوچائي ايتري آهي جو ان تي ٻاروهي ئي برف ڄميل رهي ٿي. هڪ سال جي برف ان سال جي گرمي ڳاري ئي پوري نه ٿي پئي ته وري ٻي برف اچيو وڃي. ان جبل جا سيٽلائٽ فوٽو به اک جهڙي هڪ نشان جي گواهي ڏين ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته سڄي دُنيا ۾ اها ئي هڪ ڄڳهه ان ٻيڙي جي باقيات جو هنڌ ٿي سگهي ٿي. اهو علائقو تُرڪي جو سرد ترين علائقو مڃيو وڃي ٿو.
سُٺي ڳالهه آهي ته ارض روم شهر ۾ اتار تُرڪ يونيوورسٽي وارا ان تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي موڊ ۾ آهن. جيڪو يقين برف هجڻ ڪري ڏاڍو ڏُکيو آهي پر هن عظيم تاريخ جي تحقيق ٿي سگهي ڪي دلچسپ پهلو ظاهر ڪري،
انتظار آهي ته اهو ڪم ڪڏهن ٿو ٿئي.
 
Back
Top